جڏهن 8 تاريخ جي ڪنھن نه ڪنھن شخصيت جي زندگيءَ تي قلم کڻڻ کان اڳ پراڻين اخبارن ۽ رسالن کي ڏسڻ شروع ڪيم ته کوڙ سارين اهم شخصيتن جا نالا منھنجي نظر اڳيان گذريا ته آئون حيران ٿي ويس ته سنڌ جي هن ڌرتي تي اھڙين شخصيتن جنم ورتو جن پنھنجي حياتيءَ ۾ ادب جي ميدان ۾ ڪيترائي ڪتاب ڏئي جيئن ھيءَ دنيا ڇڏي، تيئن ئي اسان انھن کي ڇڏي ڏنو آهي. هنن عظيم شخصيتن جن سنڌ جي اديبن کي پنھنجي ادب جي املھ سمنڊ ۾ ٽٻيون ڏئي موتي گڏ ڪري انهن کي پوئي جڏهن ٻين جي اڳيان موتين جون مالائون رکيون هونديون، يقينن سڀني بي اختيار واھه، واھه چيو هوندو، پر اڄ اهي واھه واھه ڪرڻ وارا يا ته مري ويا يا مرگ بستر تي آهن يا ذاتي مصروفيتن سبب قلم هٿن مان ڪري پيو ٿن، اها صورتحال ڏسي اردو جو هڪ شعر ياد اچي ويو ته:
ڪون رهي گا همين ياد
اس دور خود غرضي مين
حالات ايسي هين ڪي
لوگون ڪو خدا ياد نهين.
شڪر الحمدلله جو ادي زاهده ابڙو مون کي شخصيتن تي لکڻ جو موقعو ڏنو ته جيئن آئون قلم کڻي انهن وساريل سنڌ جي قلمڪارن، اديبن، فنڪارن، آرٽسٽن، محققن، شاعرن جي زندگي تي لکي انهن جي زندگيءَ کان خود به واقف ٿيان ۽ سنڌ جي ادبي تنظيمن کي به يادگيري ڏياريان ته جيئن اهي به انھن کي ياد ڪري انھن کي ھميشه لاءِ هر سنڌيءَ جي دل ۾ زنده رکڻ لاءِ ڪوشش ڪري سگهن. اهڙيون اڻ ڳڻيون مختلف مڪتبهءِ فڪر سان تعلق رکندڙ معروف شخصيتون آهن، انھن مان ڪنھن جا نالا لکي ڪنھن جا لکان. انھن سڀني تي ته اصل ڪتاب جي ضرورت آهي، في الحال ته نالا ئي ڳڻائي سگهجن ٿا، جن ۾ 8 جنوري تي پيدا ٿيندڙ مشھور شخصيتن ۾ ڪجهه نالا هي آهن:
شاعر اختر مورائي، شاعر محبوب سروري، شاعر محمد پريل بيدار مڱريو، اداڪار سورج جسوجا، اداڪار، ليکڪ ۽ ناٽڪ نگار سنيل سندر سنگهه آڏواڻي. ان کانسواءِ موت جن شخصيتن کي اسان کان جدا ڪري ڇڏيو انھن مان چند نالا جيڪي هِتان، هُتان هٿ ڪيا اٿم انهن ۾ دنيا جي مارڪو پولو، لارڊ بيڊن پاول کان علاوه ٽنڊوالھيار جي اردو قلمڪار خورشيد قائمخاني کي وساري نٿو سگهجي. هن مرحوم به ادريس راجپوت وانگر سڄي زندگي سنڌ جي ڌرتي ڌڪاڻن ۽ خانا بدوش قبيلن تي ڊگهي عرصي کان کوجنا ڪندي 22 ڪتاب لکيا. هي نالي وارو محقق، اديب ۽ ڪالم نگار خورشيد قائمخاني 1933ع ڌاري ڀارتي راجسٿان جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. پيءُ انگريز آرمي ۾ سپاهي هو. هن اديب 1946ع ۾ ماڌو سنگهه اسڪول ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪئي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد هن جا وڏا سنڌ جي ٽنڊي الھيار شھر ۾ لڏي آيا. 1948ع ۾ ميونسپل اسڪول ٽنڊي الھيار مان مڊل ۽ 1951ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين. انٽر ڪاري موري ڪاليج حيدرآباد ۽ گريجوئيشن ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول مان ڪئي. فوج ۾ ميجر جي عھدي تي هو، ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ بنگالين جي نسل ڪُشي تي احتجاج طور ان وقت جي جنرل اي. ڪي نيازي کي استعيفيٰ پيش ڪري ٽنڊوالھيار موٽي آيو. خورشيد قائمخاني لکڻ جي ابتدا انگريزي اخبار اسٽار ۾ “راما پير” تي ڪالم لکي ڪئي. هن 22 ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه ترجمو پڻ آهن. انهن ۾ “سپيان اور پٿر، ڀٽڪتي نسلين، سپنون ڪا ديس، رني ڪوٽ ڪا قلعه، ڍول مارو، ماروي ڪي دنيا” ۽ ٻيا شامل آهن. هن خديجه گوهر جي ڪتاب “اميدون ڪي فصل” جو ترجمو پڻ ڪيو. هن پياري ليکڪ جي زندگي متعلق گهڻو تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آهي. وري موقعو مليو ته ضرور تحقيق ڪندس. في الحال مٿي ڄاڻايل شخصيتن مان مون جنھن شخص کي خود حيدرآباد ۾ ڏٺو اهو بھترين شاعر، طبيعت جو ڏاهو انسان محبوب سروري هو. هن شاعر 8 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جاڙي پنھور هوسڙي، ضلعي حيدرآباد ۾ محمد صديق پنھور جي گھر جنم ورتو. هن تي ڇٺيءَ جا نالا محمد بچل ۽ محبوب علي رکيا ويا. شاعريءَ ۾ محبوب نالو ۽ سرور تخلص ڪتب آندائين ۽ اهوئي نالو عام ۽ خاص ۾ مشھور ٿيو. هن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ، سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان انٽر ۽ سـنڌ يـونيـورسـٽيءَ مـان بي. اي ۽ ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ ڪميشن ڏئي ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ اڳتي هلي طالب الموليٰ اورينٽل ڪاليج هالا جو پرنسپال به رهيو. شاعريءَ ۾ سندس استاد طالب الموليٰ هو. محبوب سروري هڪ جڳھه تي پنھنجي متعلق لکي ٿو ته “منهنجا چارئي فرزند شاعر آهن ۽ منهنجي گهر واري به شاعرہ ۽ اديبا آهي، مون شاعريءَ جي شروعات 44-1943ع ۾ ڪئي، ان کان علاوه مان رجسٽرڊ هوميو فزيشن پڻ رهيو آهيان. مان سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/ڄامشورو جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهيان.” هن لکيو ته “آئون حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ مرحوم (سجاده نشين درگاهه هالا) جو شاگرد آهيان، جيڪي ڪنھن تعارف جا محتاج ناهن. مون سنڌي ۽ اردو سان گڏ انگريزي ٻوليءَ ۾ به شاعري ڪئي آهي.” سندن شاعريءَ ۾ قومي ۽ اسلامي درد صاف نظر اچي ٿو. اردو ۾ علامه محمد اقبال کان گهڻو متاثر ٿو لڳي ۽ سندن شاعريءَ ۾ به علامه اقبال جو فڪر ۽ رنگ ملي ٿو. محبوب سروري 12 اپريل 2018ع تي وفات ڪئي. آخر ۾ سروري صاحب جون قلم بند ڪيل سٽون لکان ٿو: