بلاگنئون

هڪڙي خيال سان ڪيل بي ترتيب خودڪلامي

25، آگسٽ، 2023ع
ڊي.جي سائنس ڪاليج ڪراچي
هيءُ ڪھڙو خيال آهي، ڪھڙي ڪيفيت آهي، جيڪا هر سمي منھنجي ذهن تي ڇانيل رهي ٿي. هر لمحي منھنجي وجود سان ويڙهيل آهي. مان ان کي محسوس ڪري، زندگيءَ جي حسناڪين کي پَسڻ لڳان ٿو. مان ان خيال، ان ڪيفيت کان پڇان ٿو،
”تون ڇا آهين؟“
لاشعور جي پولار مان آواز گونجڻ لڳي ٿو. 
”مين تان هڪ خيال هان، 
مِلسان نال خيال دي.“
مان هر گهڙيءَ ذهن تي ان خيال کي ڇانيل محسوس ڪيان ٿو، جنھن ۾ تنھنجي وارن جھڙا سونھري سپنا سمايل آهن. مان هڪ هڪ سپني کي محبت سمجهي، پنھنجي اکين ۾ سمائڻ چاهيان ٿو.
سڀ کان حسين سپنو چوڻ لڳي ٿو، مان اصل ۾ محبت نه آهيان!
مان ته تنھنجي اوجاڳيل اکين جي ننڊ ۽ تنھنجي وجود جي اساسي اڻپورائپ آهيان.
مان حيران ٿي پڇان ٿو ته پوءِ منھنجي اندر ۽ ٻاهر جون هي حسناڪيون ڇا آهن!؟
ٻيو سپنو پوپٽ بڻجي،
منھنجي اکين مان اڏامي، هڪ گل تي وڃي ويھي ٿو.
مان سوچيان ٿو پوپٽ گل تي ڇو وڃي ويٺو؟
گل چوي ٿو، انڪري جو پوپٽ جي وجود ۾ ازل کان هڪ گُل جي ڪمي رکي وئي آهي، اصل هو گل کي ڇُھي، پاڻ کي مڪمل محسوس ڪندو آهي ۽ مڪملتا جي ان احساس کي محبت سمجهندو آهي، پر حقيقت ۾ محبت سندس وجود ۾ موجود اڻپورائپ جي احساس جو نالو آهي. اهو محسوس ڪري، منھنجي ذهن ۾ لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽَ ٻُرڻ لڳي ٿي. 
”پنهون ٿيس پاڻ،
 سسئي تان سُور هئا.“
مان ننڊ مان جاڳي پوان ٿو. اکيون مھٽي، ٽائيم ڏسان ٿو.
 اڙي، ڪاليج جو ٽائيم ٿي ويو آهي! مان جلدي جلدي بغير ناشتي ڪرڻ جي ڪاليج وڃي پھچان ٿو.
بايوميٽرڪ اٽينڊنس لڳائي، سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرسي تي اچي ويھان ٿو. اندر جا احساس خواب جي ڪيفيت بڻجي، ذهن تي ڇانئجڻ لڳن ٿا. مان غور ڪري، ڪتابن، ميزن، ڪرسين ۽ الماڙين کي ڏسڻ لڳان ٿو. اهي سڀ مون کي هڪ خيال جيان لڳن ٿا!
مان انھن کي ڇُھي ڏسان ٿو. مون کي هر شيءِ هڪ مجسم خيال جيان لڳي ٿي. مان انھن جي فزيڪل وجود تي سوچڻ لڳان ٿو. مان سمجهان ٿو ته هر وجود اصل ۾ ميٽافزيڪل احساس جي پيدوار آهي. منھنجي ذهن ۾ هڪ نئون خيال اڀري ٿو،
”تون، مان ۽ اڻپورتا جي احساس ۾ ڪھڙو فرق آهي؟“
اهو ئي نه ته تون ۽ مان فزيڪل وجود رکون ٿا ۽ اڻپورتا جو احساس ميٽافزڪس آهي. پوءِ پاڻ محبت جي ميٽافزيڪل احساس جي حاصلات لاءِ ايڏو سرگردان ڇو آهيون؟
ان جو واحد جواب ته فقط هڪ ئي آهي ته اڻپورتا جو احساس وجودي هستيءَ کان وڌيڪ حسين ۽ مقدم آهي. ها، ايترو حسين ۽ مقدم جو جڏهن اڻپورتا جو اهو احساس فنا ٿي ويندو ته، ان ڏينھن ڪائنات مان محبت جي حرارت ختم ٿي ويندي. احساس برفجي ويندا، چاهتن جا سمورا رنگ اڏري هليا ويندا ۽ دنيا بي رنگ ٿي ويندي!
مان پاڻ کان پڇڻ لڳان ٿو، خبر اٿئي ته پوءِ ٻيو ڇا ٿيندو؟ 
ٻيو وجود جي اهميت ختم ٿي ويندي. انڪري اهو سمجهي ڇڏ ته دنيا ۾ وجود جي اهميت ثانوي آهي. اصل سونھن، اڻپورتا جي احساس مان جنم وٺي، پيار جي جذبن ۽ احساسن ۾ ئي سمايل رهي ٿي، پر جڏهن تنھنجي سوچ ۽ لوچ جسماني وجود کي بيجا اهميت ڏيڻ لڳي ٿي ته تنھنجي وجودي هستي غير متوازن ۽ بي ترتيب ٿي وڃي ٿي.
***