بلاگنئون وليرام ولڀ جون ترجمانگاريءَ ۾ خدمتون Zahida Abro August 19, 2024August 19, 2024 column, Daily Humsari Newspaper, Valiram Vallabh 18 آگسٽ 1941ع تي ٿرپارڪر جي علمي ۽ ادبي طور زرخيز زمين تي جنم وٺندڙ، ديوان ولي رام ولڀ ولد ڪيول رام جو شمار سنڌي ٻولي ۽ ادب جي انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جن پنهنجيون پوريون حياتيون هن لاکيڻيءَ ٻوليءَ جي خدمت ۾ گذاريون. ولي رام ولڀ جي انهن ڪوششن کي سنڌي نثر جي تاريخ ۽ هر دور ۾ مڃتا ملندي رهندي. هن نثر ۾ ڪهاڻيون، ناول، جيون ڪهاڻيون، خط، انٽرويو، مضمون ۽ مقالا لکيا ۽ ترجمو ڪيا آهن. انکان سواءِ تاريخ، فلسفي ۽ مذهب جو موضوعن تي پڻ ڪتاب لکيا اٿن ته درسي ڪتاب جي حوالي سان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. اڌ صديءَ جيترو عرصو مسلسل لکندڙ ولي رام صاحب نثر ۾ لکڻ جي شروعات ترجمي سان ڪئي. سندن پهرين ترجمو ٿيل ڪهاڻي “بهشت ۽ دوزخ” 1960ع ۾ ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپي. هناردو، هندي، پنجابي، انگريزي، سنسڪرت، سرائيڪي ۽ ٻين ڪيترين ٻولين مان ادبي فن پارا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا. جنهن مان ڪافي مواد ڇپجي چڪو آهي ته چڱو مواد اڻ ڇپيل پڻ سندس پونيئرن وٽ موجود آهي. ڇپيل ڪتابن ۾ چند جا نالا هن ريت آهن: “غدار”، “سيتاهرڻ”، “بند دروازو”، “ڌاريو”، “پوئين پهر جا پانڌيئڙا”، “ائنا ڪرينيا”، “ڪهاڻي هن جي”، “سمهيل پاڻي”، “ڇتن ڪتن جو مسيحا”، “ڪارو ڪتاب”، “ٽين دنيا جون ڪهاڻيون”، “ٿڪل سريت ۽ ٻيون ڪهاڻيون”، “بهشت ۽ دوزخ”، “مٺڙا ڀاءُ…”، “اوندهه ۽ اُجالو”، “بهار آيو”، “زندگيءَ جو هڪ ڪپيل ٽڪرو”، “سنڌ ڪهاڻي”، “گيتا جو اڀياس” ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب آهن. جن ۾ ڪي طبعزاد ته گهڻا ترجما آهن. هن ليوٽالسٽاءِ، البرٽو موراويا، ڪرشن چندر، قرت العين حيدر، امرتا پريتم، ديال سڪسينا، رابندر ناٿ ٽئگور، عابد سورتي، احمد نديم قاسمي ۽ ٻين ليکڪن جي تحريرن سان سنڌ واسين کي روشناس ڪرايو. ايئن بہه نہه آهي تہه ولي رام جو ڪو سڄو ڪم ترجمي تي مشتمل آهي. هن سنڌيءَ ۾ شاعري پڻ ڪئي تہه طبعزاد ڪهاڻيون پڻ لکيون، جيڪي معياري ۽ فني طور مظبوط شمار ٿين ٿيون، پر عام طور پڙهندڙ کيس مترجم جي حيثيت ۾ وڌيڪ سڃاڻن ٿا. جنهن جو اهم سبب اهو ئي چئي سگھجي ٿو تہه پاڻ هڪ اهڙو تخليقڪار/مترجم رهيو، جنهن جا ڪيل ترجما اصلوڪي(original) هئڻ جو گمان ڏين ٿا ۽ انهن جي مشهوريءَ کان پوءِ ظاهر آهي، سندن ذاتي لاڙو تخليق کان وڌيڪ ترجمن ڏي رهيو ۽ ان ئي ڪري سندس نالو تخليقي ادب جي اهم مترجمن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکيو آهي ته: “مترجم طور جن ماڻهن نالو ڪڍيو انهن ۾ محمد ابراهيم جويو، ولي رام ولڀ ۽ غلام نبي ميمڻ جا نالا خاص طور نشانبر رهيا آهن. پوين ٻن ناولن ۽ ڪهاڻين جا ترجما ڪيا آهن. (1) ادب ۾ ترجما ڪهڙيءَ ريت ٿين ٿا يا انهن مان ڪهڙا فائدا آهن؟ مترجم لاءِ ڪهڙن اصولن ۽ قائدن قانونن جو پورائو ضروري آهي؟ ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا سوال آهن، جن مطابق اهو ڇيد ڪري سگھجي ٿو ته ولي رام صاحب جا ڪيل ترجما ڪامياب آهن يا نه؟ پر هتي پنهنجي مقالي معرفت آئون فقط اهو ڄاڻائينديس ته سنڌي نثر جي واڌاري ۾ ولي رام ولڀ جي ڪيل ترجمن سان ڪيتري هٿي ملي آهي؟ ۽ هن نثر جي خوبين ۽ خاصيتن جو پورائو پنهجي لکيل نثر ۾ ڪيتريقدر ڪيو آهي؟ جيئن ته پڙهندڙن کي اها ڀليءَ ڀت خبر آهي ته جڏهن به ڪنهن مترجم اديب جي نظر مان ڪا سٺي تحرير گذرندي آهي، تڏهن سندن دل ۾ هڪدم اها خواهش ڪَرَ کڻندي آهي ته “مان هيءُ شاهڪار پنهنجي پياري ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پنهنجي ديس واسين جي اڳيان آڻيان” حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اهو ئي ڪنهن ٻوليءَ جي بقا ۽ واڌاري لاءِ اثرائتو طريقو آهي، جنهن سان ان ٻوليءَ ۾وسعت اچي ٿي ۽ انهيءَ ٻوليءَ ۾ نوان نوان خيال، نظريا، نيون معنائون ۽ اعليٰ قوتِ فڪر پيدا ٿيندي آهي. هتي آئون ولي رام ولڀ جي ئي لفظن کي ورجائينديس، سندن موجب ته: “ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ جڏهن به مون ڪاسٺي تحريرپڙهي آهي، تڏهن دل چاهيو آهي ته اها سنڌيءَ ۾ ڇپجي، مون پنهنجي اسٽڊي شيئر ڪرڻ چاهي آهي”. (2) مٿي اها چٽائي ٿي آهي ته ولي رام ولڀ ٻين ٻولين جي ادب مان پنهنجي پسند مطابق ترجما ڪري سنڌي نثر کي وڌايو ۽ ويجھايو آهي، پر هاڻي هڪ نڪتو غور طلب اهو به آهي ته ڇا پاڻ سنڌي نثر جي قائدن قانونن جي پورائي تي مڪمل ڌيان ڌري پنهنجي ٻوليءَ سان انصاف ڪيو اٿس؟ ڇا سندس ترجمو ٿيل ڪهاڻين ۽ ناولن جا موضوع اڇوتا، انوکا، وڻندڙ ۽ سنڌي سماج جي گھرج مطابق آهن ۽ جنهن سان نثر ۾ موضوعن جي ندرت ۽ وشالتا سامهون آئي هجي يا ٻيون نثري خوبيون جيئن سهڻو بياني اسلوب، لفظن ۽ جملن جي بناوٽ، حرف تجنيس جو استعمال، بيهڪ جي نشانين تي توجهھ، مواد ۽ موضوع جي مطابقت ۽ ٻيون ڪيتريون خاصيتون آهن، جن سان سينگارجي نثر ۾ سهڻي سڳنڌ اچي سي سندس نثر ۾ موجود آهن يا نه؟ جيئن تہه نثر جي تاريخ لکندڙن اهو به ڄاڻايو آهي ته، جيڪڏهن ڪنهن نثر نگار چاهي اهو مترجم هجي يا مورخ نقاد هجي يا اديب، جو نثر پڙهڻ ۾ اثرائتو، وڻندڙ ۽ دلڪش نه آهي ته پوءِ اهو رواجي نثر شمار ٿيندو، پر جڏهن ڪو نثر پڙهڻ مهل پڙهندڙ بنا اٽڪ جي روانيءَ سان پڙهندو ٿو وڃي ۽ لفظن، جملن ۽ پئرائن ۾ ڳانڍاپي سان ليکڪ جو مقصد مٿس واضح ٿو هجي ته پوءِ اهڙو نثر اثرائتو ۽ ڪامياب نثر شمار ٿيندو آهي. هيٺ پڙهندڙن جي پروڙ لاءِ ولي رام صاحب جي نثر مان حوالا پيش ڪريان ٿي ته جيئن موضوع تي سهڻائيءَ سان روشني وجهي سگھجي. “هن ورهين کان آسمان ڏٺو نه هو. آزاديءَ جي سَڌَ سندس دل ۾ زخمي پکيءَ وانگر کنڀڙاٽيون هڻي شايد مري چڪي هئي هاڻي رڳو مايوسيءَ جي اونداهي هئي ۽ بس!اچتو هڪ ڏينهن ڌرتي ڌٻي ۽ زمين گجگوڙ سان گڏ ڦاٽي پيئي، وڏيون ويڪريون شاهي ديوارون لڏي ٽيڏيون ٿي ويون. قيدي ڊپ ۽ هراس وچان قيدخاني جي شاهي ٿنڀي سان ويڙهجي ڇت تي وڏن ۽ ڳورن پٿرن جا آواز ٻڌندو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ ڌرتيءَ جو لوڏو بيهي ويو ته هُن جو ساهه ۾ ساهه آيو، پر گڏوگڏ سندس اکين ۾ مايوسيءَ جالڙڪ ڀرجي آيا”. (3) “ٿڙندڙ وکن سان، هٿن سان هوا ۾ هٿوراڙيون هڻندي، هو ڪورٽ جي ڪمري جي فرش تي اڳيان وڌندو ويو. سندس خالي اکين جي کوپن مان رت ٽمي رهيو هو. ڳاڙهو ڳاڙهو رت، ايتريقدر تيز ڳاڙهو پئي لڳو جو ٻي ڪابه شيءِ انهيءَ رت جي ڳاڙهاڻ کان وڌيڪ ڳاڙهي نٿي ٿي سگھي، رت آهستي آهستي ۽ لاڳيتو انهن سوراخن مان وهي رهيو، جتي پهرين ڪڏهن سندس اکيون هيون”. (4) “سدا ساواپن” ۾ لورڪاجي شخصيت جو تجزيو ڪندي لکيو اٿس ته “هو سپنن جي سنسار ۽ روزمره جي زندگيءَ جو هڪ خوبصورت ميلاپ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڪنهن فلسفياڻي، نظرياتي ۽ نفسياتي بحث ۾ ڦاسڻ کان سواءِ هو اها ڳالھه سمجهي ويو ته انسان جي زندگيءَ جو فقط هڪ حصو شعوري حصو هوندو آهي، پر سندس زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو لاشعوري هوندو آهي، جنهن ۾اڻ ڄاتل خطرا، اوچتا ڊپ، ماورائي اداسي، مبهم خواهشون، احمقاڻيون اميدون، افسانوي اُمنگ ۽ ازلي ۽ ابدي خدشا شامل هوندا آهن. حقيقت نگاري زندگيءَ جي شعوري تجزيي مان ملندي آهي ۽ افسانوي رنگ لا شعوري تقاضائن جي تڪميل سان اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن ماڻهو اکيون کليل رکي ۽ دل کي آزاد ڇڏي ڏي”. (5) هڪ ٻئي هنڌ لکيو اٿس ته “انسان غير جي ڌرتيءَ تي بي گھر هجي ۽ وري پنهنجي وطن ۾ به “بي گھر” ٿي رهي ته انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته پنهنجي وطن ۾ “بي گھرائي” ڏاڍي وحشت ناڪ هوندي آهي، جلاوطنيءَ جي اذيت، خواهشون، تمنائون ۽ واپسيءَ جي ڏينهن جو انتظار اهي اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن جن جو ڪو سبب ۽ ڪارڻ هوندو آهي، پر توهان پنهنجي ئي وطن ۾ بي گھر بنجي رهو، انهيءَ جو ڪو ڪارڻ ۽ منطق سمجھه ۾ نٿي اچي! پوءِ جڏهن انسان جي ڄمار وڌندي ويندي آهي، تڏهن انهيءَ گُهٽ جي ڪيفيت کان ٻاهر ايندو آهي. ان وقت محسوس ٿيندو آهي ته پنهنجي وطن ۾ اسان جي وجود جو ڀل اهو ڪنهن به حالت ۾ هجي ڪارڻ آهي”. (6) “بس جيئن هُندن وٽ هر شيءِ جو ڪونه ڪو ديوي/ديوتا ايجاد ڪيو ويندو آهي، تيئن مسلمانن وٽ به هر شيءِ جا جدا جدا پير بنجي ويا، راڳن جا پير، مٽيءَ جي برتنن جا پير، پينگھي جو پير، سموري سنڌ پيرن جو ديس ٿي ويو. نانگن جي منتر جنتر جا ڄاڻو جوڳي سڀ مسلمان هوندا هئا. انهيءَ سان گڏ محرم جو مهينو هندن جي لاءِ پوتر بڻجي ويو ۽ اهي تعزين جي اڳيان نذر و نياز چاڙهڻ لڳا، توهان وٽ به ايئن ٿيندو هوندو؟” “مذهب سچ پچ اسان لاءِ اوائلي سوين سالن تائين زبردست آفيم جو ڪم ڪيو آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ گولي بارود جو”. (7) ولي رام ولڀ جي تحرير پڙهڻ سان معلوم ٿيئي ٿو ته سندس لکيل نثر ۾ نه ڪٿي اوپرا، اڻ وڻندڙ ۽ اڻ سهائيندڙ لفظ آهن ۽ نه ئي جملن ۾ بي ترتيبي ۽ بي ربطگي آهي. هن نه فقط بيهڪ جي نشانين تي خاص توجهه ڏني آهي، پر گرامر جي ترتيب، سهڻن ۽ سيبتن لفظن جو جڙاءُ، تجنيس حرفيءَ جي سونهن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي نثري خوبيون آهن، جيڪي سندس ترجمن کي اصلوڪي هئڻ جو اعزاز بخشين ٿيون. نقادن موجب ته ڪو به تخليقي ادب جو مترجم تڏهن ڪامياب ٿيندو آهي، جڏهن کيس ٻنهي ٻولين تي مڪمل عبور ۽ انهيءَ ادبي صنف جي مڪمل ڄاڻ هجي. انهن ٻنهي نڪتن سان متفق هوندي به انهيءَ ۾ آئون هڪ ٻيو اضافو ڪنديس تہه مٿين خوبين سان گڏ هڪ خاص خوبي اها به آهي ته انهيءَ مترجم/ اديب جو پنهنجي ڪم لاءِ “دلي ذوق ۽ شوق” هجي. اسان وٽ عام طور اهو چوندا آهن تہ “فلاڻو الاڻو ڪم دل سان ڪيو تڏهن سٺو ٿيو” سو واقعي دل جو ثاني ڪونهي، هتي آئون اهو ئي چونديس ته سنڌي ٻولي ۽ ادب سان دلي عشق هئڻ سبب هن اصل کي نقل ڪرڻ مهل اصلوڪو ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ بنيادي طور هن تخليقڪار مترجم پنهنجي ڪم سان سچي رهڻ ۽ ٿڌي دماغ، توجھه، ترتيب ۽ تنظيم سان پنهنجي لکڻين ۾ هميشه مڪمليت جي پوري پوري ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ کيس ڪاميابي حاصل ٿي. سندس لکڻي چاهي ترجمو هجي يا طبعزاد جڏهن بہه ان جو تنقيدي تجزيو ڪبو ته اها ڳالھه ضرور سامهون ايندي ته وٽس سنڌي ٻوليءَ جي هنڌائتن (Appropriate) لفظن جي ڪابه کوٽ نه رهي. جيئن هن مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: “ريٽا شهاڻيءَ جو رچنا سنسار، ٻهو مکي، مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي، هر رچنا مان سندس انڀوءَ، جي اندروني سُوجھي بکي ٿي. جيڪا موضوع جي گھرج ۽ ذهني ميلان پٽاندر پنهنجي اظهار جي صورت گڏ کڻي اچي ٿي”. اڳيان چوي ٿو ته؛ “هوءَ اڄ جي دور جي اها ذهين، حساس تخليقڪارا آهي، جنهن پنهنجي سهيوڳي دور ۾ زندگيءَ جي ٽٽل، وکريل، ظاهري ٿائيڪو ٿيل پر وکريل ۽ وڃايل ڪردارن کي سميٽي پنهنجين لکڻين جو آڌار بنايو آهي”. (8) نثر جي قائدن قانونن جي پورائي سان گڏ هڪ ٻي اهم خوبي ولي رام صاحب جا چونڊيل موضوع آهن، ڏٺو وڃي ته غير ملڪي ادب پڙهڻ ۽ ترجمو ڪرڻ ڪماليت نه آهي، پر ان مان پنهنجي ملڪ ۽ ماحول مطابق سهڻي چونڊ ڪرڻ وڏو ڪمال آهي. سندس ترجمو ٿيل ناولن “سيتا هرڻ”، “غدار”، “ڌاريو” ۽ ڪهاڻين “اکين ڏٺو شاهد” (رياستي نظام تي چوٽ)، “دنيا ۾ اچڻ کان اڳ” (علامه اقبال جي شعر، خودي ڪو ڪر بلند اتنا ڪہه هر تقدير سي پهلي، خدا بندي سي خود پوڇي بتا تيري رضا ڪيا هي، جي حوالي مطابق لکيل ڪهاڻي)، “کليل در”، “پڇي نہ سگھيس”، “اطمينان” (انساني سوچن، وهمن، وسوسن ۽ روين تي مشتمل) ۽ ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون آهن، جي مختصر ڪهاڻيون هوندي به گھڻو ڪجھه ڄاڻائين ٿيون ۽ اهو ئي مختصر ڪهاڻيءَ Short Story جو ڪمال آهي، جيڪو ليکڪ ڀليءَ ڀت سڃاتو، ولي رام ولڀ صاحب جو نثر جو ڪم ترجمي نگاريءَ جي حوالي سان اهميت جوڳو آهي. هن سنڌي نثر کي شاعراڻو ترنم ڏنو آهي، اصلوڪن توڙي ترجمن جي صورت ۾ لکيل فن تي کيس هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. پاڻ پنهنجي پياريءَ ۽ لاکيڻيءَ ٻوليءَ جي خدمت ڪندي ادبي لاٽ کي روشن رکيو. ولي رام ولڀ افسوس ته هاڻي اسانجي وچ ۾ نه رهيو آهي، 29 آڪٽوبر 2023 تي اسان کان موڪلائي ويو، پر سندس ڪيل ڪم هميشه سنڌي ادب ۾ پنهنجي مڃتا ماڻيندو رهندو. پشپا ولڀ جي چواڻي مطابق ته: گھاٽي اونداهي آهي، اک هٿ کي ڳولي نٿي سگهي هر هنڌ روشني ئي روشني پکڙجي ويندي ننڍڙو ئي سهي. هڪ ڏيئو جلائي ته ڏس. (9) آخر ۾ فقط اهو چونديس ته سنڌي ٻولي ڄاڻندڙن، ڳالهائيندڙن ۽ پڙهندڙن تي اهو فرض ۽ قرض ٿو بيهي ته هو پنهنجي ٻوليءَ جي جيئاريندڙن ۽ وڌائيندڙن کي مڃتا ڏين ۽ هن شانائتي ٻوليءَ ۾ لکن ۽ پڙهن ۽ ان کي عام ڪن ته جيئن ڏيئا ڏيئا لاٽ جرڪندي رهي (آمين). حوالا: جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي تاريخ” (جلد ٽيون)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، صہ-225. ولي رام ولڀ “سدا ساوا پن” سهڻي پرنٽرز حيدرآباد، 1984ع، صه-7. ولي رام، ولڀ، “مٺڙا ڀاءُ…”، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2007ع، صه-15. ساڳيو، صه-28. ولي رام، ولڀ، “سدا ساوا پن”، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 1984ع، صه-156. ساڳيو-صه-14. ولي رام ولڀ، “سيتا هرڻ”، ڪويتا پبليڪيشن، 1996ع، صه-60 شهاڻي ريٽا/ولي رام ولڀ، “رشتن جو رقص”، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2005ع، صه-13 (مهاڳ). پشپا ولڀ، “بند اکين ۾ آسمان”، مارئي پبليڪيشن، ڪراچي، 2010ع، صه-18. Post Views: 36