بلاگنئون

سنڌ جي اسڪولن ۾ ست هزار استاد غيرحاضر آهن، ذميدار ڪير؟

چوندا آهن ته ڪنهن گهر جي خوشحالي جانچڻي هجي ته ان جي رڌڻي ۾ ٿيندڙ رڌ پچاءُ کي ڏسجي ته ڪيترا ۽ ڪهڙا طعام روز رڌجن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪنهن گهر جي صفائي جانچڻي هجي ته ان گهر جا واش روم ڏسجن ۽ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ جو اندازو لڳائڻو هجي ته اتان جي تعليمي ادارن کي ڏسجي ته اتي استاد ڪيئن پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهن، ڇو ته تعليم پوري سماج جو بنياد رکي ٿي.
جڏهن ڪنهن به ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ پرائمري تعليم کان وٺي يونيورسٽيءَ جي سطح تائين سنجيدگيءَ سان ڏنل نصاب پڙهايو ويندو، شاگردن جي تربيت ٿيندي، سندن اخلاقي معيار بلند ٿيندو ته ان قوم ۾ سٺا ۽ ذميدار شهري پيدا ٿيندا جيڪي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هر قدم تي پنهنجي ضمير جي آواز مطابق عمل ڪندا. سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر، هنرمند، سائنسدان ۽ محقق پيدا ٿيندا ۽ ملڪ اڳتي وڌندو رهندو، پر سنڌ جي بدقسمتي اها آهي ته سنڌ جي معاشرتي اڏاوت ڪندڙ استاد خود تربيت يافته ناهي ۽ هو پنهنجون ذميداريون پوريون نٿو ڪري. سنڌ جي تعليمي شعبي ۾ بي انتها ڪرپشن عام آهي. سنڌ جي ننڍن ۽ وڏن ڳوٺن جا ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن ۽ استاد گهر ويٺي ماهوار پگهارون کڻي رهيا آهن. جڏهن ته انهن ٻارن جا والدين سنڌ حڪومت کي پابنديءَ سان ٽيڪس ڏئي رهيا آهن ۽ آئين مطابق سنڌ حڪومت کي مئٽرڪ تائين تعليم مفت ڏيارڻي آهي. اهي والدين يا ته اضافي بار برداشت ڪري پنهنجن ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ اماڻين ٿا يا وري غريب والدين پنهنجن ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ بدران گهر ۾ ويهاري ڇڏين ٿا ۽ اهو ٻار مختلف نفسياتي بيمارين جو شڪار بڻجي وڃي ٿو.
ڪراچيءَ جي علائقي ملير جي رزاق آباد پرائمري اسڪول ۾ ٻارن جي داخلا مهم جي سلسلي دوران سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه صحافين سان ڳالهين دوران ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ جا 27 سئو اسڪول بند پيل آهن ۽ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ مقرر ڪيل ست هزار استاد مسلسل اسڪولن کان غيرحاضر آهن ۽ هن اهو واعدو ڪيو آهي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جو تعليم وارو وزير پنهنجي وزارت جي نه صرف نااهلي، پر ناڪاميءَ جو به کلم کلا اقرار ڪري رهيو آهي جيڪو شايد پهرين به ڪيترائي ڀيرا ڪيو ويو آهي، پر ان جو نتيجو سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ جي صورت ۾ قوم ڀوڳي رهي آهي. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي ان خلاف هڪدم جاچ ڪميٽي ٺاهڻ گهرجي ۽ ان ڪميٽيءَ کي هڪ مڪمل رپورٽ تيار ڪري عوام آڏو پيش ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوام کي خبر پئجي سگهي ۽ سنڌ حڪومت کي به خبر پوي ته آخر سورنهن سالن کان وٺي مسلسل پيپلز پارٽي جي حڪومت هوندي به سندس تعليم جي وزارت اڃان تائين اسڪولن کان غيرحاضر استادن کي پنهنجي ڊيوٽي تي اچڻ جو پابند ڇو نه ڪري سگهي آهي؟ ۽ جيڪڏهن انهن کي سرڪار جي خزاني مان پگهارون وڃي رهيون آهن ته ان جو ذميدار ڪير آهي؟ انهن سڀني ذميدار فردن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن عوام جو اعتماد پنهنجي حڪومت تي بحال ٿي سگهي. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته استادن جي حاضريءَ کي چيڪ ڪرڻ جي لاءِ بايو ميٽرڪ سسٽم سنڌ ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ استادن جي حاضري بايو ميٽرڪ سسٽم جي ذريعي چيڪ ڪري ڊيٽابيس ۾ موڪلي وڃي ٿي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي تعليمي نظام ۾ ان ٽيڪنالاجيءَ جو به غلط استعمال ڪري عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي پئي وڃي. ڇو ته ان جو نقصان حڪومت کي نه پر سنئون سڌو معاشري کي ٿي رهيو آهي.
تعليم صنفي متڀيد کان سواءِ هر ٻار جو بنيادي حق آهي. ڇو ته تعليم کيس پنهنجي ارد گرد موجود دنيا جي سڀني ڪمن ۽ وهنوارن جو شعور فراهم ڪري ٿي. نه صرف ايترو، پر فرد کي پنهنجي حقن ۽ ذميدارين کان به آگاهه ڪري کيس معاشري ۾ هڪ ڪارآمد شخص بڻائي ٿي. اهو سڀ تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن اسڪولن ۾ تربيت يافته ذميدار استاد پڙهائڻ جي لاءِ موجود هوندا ۽ حڪمران پنهنجي ذميداريءَ کي محسوس ڪندي ان پاسي ڌيان ڏيندا. سٺي ڳالهه اها آهي ته سيد سردار شاهه اهو به اعلان ڪيو آهي ته مستقبل ۾ نوان سائنس ۽ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪيا ويندا، جنهن جو مطلب اهو آهي ته مستقبل ۾ سائنس ۽ ميوزڪ جهڙن اهم مضمونن تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ مستقبل ۾ اٺ کان نو لک ٻارن جي داخلا جو هدف پورو ڪيو ويندو. اميد آهي ته سرڪار ۽ وزارت تعليم هن ڏس ۾ اهم قدم کڻندي ۽ تعليم کي اوليت جي بنياد تي ترجيح ڏئي بهتر بڻائيندي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار اهو ڪم ڪري ٿي وٺي ته معاشري ۾ بهتر تبديليءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو ۽ خوشحالي ايندي.