ايڊيٽوريل توانائي بحران تي قابو پائڻ لاءِ مستقل حل گهرجي July 31, 2024 Zahida Abro ملڪ جو بجلي جو شعبو ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. بجلي جيئن ته ماڻهوءَ جي بنيادي ضرورت آهي ۽ انهيءَ ضرورت کي ڏينهون ڏينهن ماڻهوءَ جي پهچ کان پري ڪيو پيو وڃي. ڳرا بل آهن، جيڪي ماڻهن کان وصول ڪيا پيا وڃن. توانائي جو شعبو جيئن چاهي ٿو تيئن قيمتون مقرر ڪري ٿو. گذريل پنجن سالن ۾ ماڻهن کان بجلي جي بلن جي صورت ۾ 6 کرب روپيا وصول ڪيا ويا آهن. ماڻهن جي مجبوري آهي زندگي ۽ ان سان لاڳاپيل وهنوار واپار ۽ صنعت، زراعت ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل معيشت بجليءَ تي انحصار ڪري ٿي. اسان وٽ جيئن ته مستقبل جي رٿابندي آهي ئي ڪونه. انهيءَ ڪري جڏهن اسان وٽ مسئلا ڪر کڻن ٿا ته پوءِ اسان انهيءَ جا مهانگا سهانگا حل ڳولهيون ٿا ۽ بار آخر ۾ عام ماڻهو تي اڇلايو ڇڏيون. پي ايم ايل اين ۽ پيپلز پارٽي جي دعويٰ آهي ته 1995-1994 ۽ 2018-2015 ۾ انهن وٽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ چيني آئي پي پيز کي راغب ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو حل ڪونه هو، ته جيئن اذيتناڪ لوڊشيڊنگ مان جان ڇڏائي سگهجي. ٻيو ماڊل اهو هو ته صنعتڪار ڪمپنين کي مِني گرڊ ٺاهڻ جي اجازت ڏجي ته جيئن اُهي بجلي پيدا ڪن، جيئن ملڪ جي توانائي جي ضرورت کي مُنهن ڏئي سگهجي. انهيءَ ڪري انهن سان مهانگا معاهدا ڪيا ويا. وقت اچي ويو آهي ته اسان جي حڪومت مقامي آئي پي پيز سان معاهدن ۾ ردوبدل ڪري انهيءَ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونهي. بجلي جو بل ايترو ڳرو آهي جو ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر آهي، هو جڏهن ان جي ادائگي ڪري ٿو ته پوءِ زندگيءَ جي ٻين ضروريات کان محروم ٿيو وڃي. اها حقيقت آهي ته انهيءَ ڪري اسانجي معاشري ۾ چِڙ اچي وئي آهي ۽ گهرو سُڪون تباهه ٿي ويو آهي. بجلي جي بلن جي ادائگي هڪ وڏي مسئلي طور موجود آهي، تڏهن ملڪ جي هڪ اهم سياسي پارٽي جماعت اسلامي بجلي جي مسئلي تي ملڪ جي گادي واري شهر ۾ ڌرڻو ڏيو ويٺي آهي. انهيءَ ڌرڻي کي ملڪ جي عوام جي حمايت حاصل آهي. ڇاڪاڻ جو عام ماڻهو جي زندگي بجلي جي بلن کي ادا ڪندي ڄڻ بحران مان گذري رهي آهي. وفاقي وزير خزانه هڪ اهم ڳالهه ڪئي آهي ته توانائي بحران تي قابو پائڻ لاءِ ڪو مستقل پروگرام تشڪيل ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن اهو به چيو ته شارٽ ٽرم عوامي فيصلن سان ماڻهن کي مشڪلات مليون آهن، آئي پي پيز جو اسٽرڪچرل حل ڪڍڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو آئي پي پيز ملڪ کي بند گهٽيءَ ۾ پڄائي ڇڏيو آهي. حقيقت اها آهي ته ماڻهو ڌرڻا هنيو ويٺا آهن، پر لڳي ٿو سرڪار وٽ ڪا سنجيدگي ڪونهي يا انهن وٽ تڪڙو حل ڪونهي. ڪو وزير هڪڙي ڳالهه ٿو ڪري ته ڪو وزير ٻي ڳالهه ٿو ڪري. نيپرا توانائي جي متعلق ملڪ جو اهم ادارو آهي، انهيءَ وري اها ڳالهه ڪئي آهي ته بجلي کي نجي شعبي کي ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. نيپرا انهيءَ خيال جي آهي ته جيڪڏهن توانائي ڪمپنيون گهڻي تعداد ۾ هونديون ته پوءِ مقابلي بازي جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته بجلي جا اگهه گهٽجن. سڀ ڪو پنهنجي ڳالهه پيو ڪري لڳي ائين ٿو ته وفاقي سرڪار خزاني مان پئسا کڻي في الحال بجلي جي اگهن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وفاقي وزير پيٽروليم ملڪ ۾ بجلي سستي ٿيڻ جي خوشخبري ڪجهه هن ريت ٻڌائي آهي ته: ملڪ جي 86 سيڪڙو گهرن جي بجلي جي اضافي قيمت سرڪار ادا ڪندي. انهيءَ لاءِ اسان قومي خزاني مان 50 ارب بجليءَ جي کاتي کي ڏئي ڇڏيا آهن. مسئلي کان جان ڇڏائڻ لاءِ سرڪار ڄڻ زرِ تلافي ڏئي رهي آهي. جيئن ته اها سڀني کي خبر آهي ته ملڪ جا بجلي جا واپرائيندڙ 86 سيڪڙو ماڻهو 300 يونٽ يا ان کان گهٽ بجلي کپائيندڙ آهن. انهن لاءِ صوبائي حڪومتون به ڪوشش ڪري رهيون آهن. جيئن سولر جي توانائي جي ذريعي انهن جي مدد ڪجي، پر لڳي ٿو ته هي گرميون اسانجي موجوده سرڪار لاءِ ڏکيون ٿي ويون آهن. اسان وٽ رٿابندي نالي شئي نه آهي. جيڪڏهن اهو سڀ اسانجي نگران سرڪار سمجهي ها ته ايندڙ گرميون توانائي جو ۽ بجلي جي بلن جو ڪهڙو بحران پيدا ڪنديون ته انهيءَ کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ کپندو هو، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ سڀ وقت گذارڻ ٿا اچن. ڳالهه اتي اچي پهتي آهي ته لاهور جي صنعتڪارن سرڪار کي چتاءُ ڏنو آهي ته اهي ڪارخانا بند ڪري ڇڏيندا، ڇاڪاڻ جو اُهي مهانگي بجلي جو بار نٿا کڻي سگهن. هڪ طرف جماعت اسلامي جو ڌرڻو آهي جنهن لڳي ٿو ته سرڪار کي هڪ گس ڏنو آهي، جنهن مان وزير پيٽروليم ۽ وفاقي حڪومت آسان رستو چونڊيو آهي ته سرڪاري خزاني مان بلن جي ادائگي ڪندي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته آئي پي پيز سان مذاڪرات ڪري انهن کان بجلي جون قيمتون گهٽرائي مسئلي کي هميشه لاءِ حل ڪجي ها، پر ائين نه ٿيو آهي، جماعت اسلامي جو ڌرڻو جاري آهي ڏسون ٿا ته بجلي جي قيمتن جو مسئلو ڪٿي ٿو وڃي بيهي. چين برادر ملڪ جي طور تي ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو آهي ته هو پنهنجا آئي پي پيز هلائڻ لاءِ پاڪستاني ڪوئلو استعمال ڪندو. هڪ ڳالهه ظاهر آهي ته توانائي جو مسئلو ۽ بجلي جي قيمتن موجوده سرڪار کي ڏکئي موڙ تي آڻي بيهاريو آهي. جماعت اسلامي جي ڌرڻي حڪومت کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته اهي بجلي جي ڳرن بلن کي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏئي ان جي لاءِ اصلاحات جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اميد آهي ته اهي اصلاحات عوام جي مسئلن کي حل ڪنديون ۽ سندن زندگين ۾ ڪا خوشي جي لهر کڻي ايندي. Post Views: 119