ايڊيٽوريلنئون

حڪومت پاڪستان انٽرنيٽ کان ڊنل ڇو آهي؟

            پوري دنيا ۾ هن وقت هر قسم جو ڪاروبار، تعليم جي حاصلات ۽ اڄ جي دور جي گهرجن مطابق دنيا سان تيز ترين رابطي ڪرڻ جو واحد ذريعو انٽرنيٽ آهي. دنيا جون سڀئي وڏيون لائبريريون انٽرنيٽ تي موجود آهن. منٽن ۾ اوهان دنيا جي ڪنهن به ڪتاب جو مطالعو ڪري سگهو ٿا ۽ ڪنهن به لائبريري تائين پهچ حاصل ڪري سگهو ٿا. دنيا جون وڏيون اسپتالون نيٽ جي ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. مطلب ڪوبه ملڪ نيٽ جي سهولت کان محرو ٿيندو ته ان جو دنيا سان رابطو گهٽجي ويندو، جنهن جو نقصان ملڪ ۽ عوام کي پوندو. خاص طور تي ٽين دنيا جي ملڪن جي لاءِ ته انٽرنيٽ انتهائي اهم آهي.

            ملڪ جي اندر يا ملڪ کان ٻاهر پاڪستاني عوام کي ڪاروباري، تعليمي يا خبر چار وٺڻ جو تڪڙو ذريعو انٽرنيٽ ئي آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته نيٽ تي هلندڙ مخلتف ايپليڪيشنز ۾ جنهن ۾ فيس بڪ آهي، ٽوئيٽر آهي، يوٽيوب آهي، ٽڪ ٽاڪ آهي، انسٽاگرام آهي، واٽس ايپ آهي جي ذريعي ڪوڙيون، من گهڙت پوسٽون ٺاهي رکيون وڃن ٿيون ۽ اهڙي قسم جي پوسٽن ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويهي ڪنهن به ملڪ جي لاءِ غلط خبرون ۽ پروپيگنڊا ڪري سگهجي ٿي ۽ پاڪستان انهيءَ ڳالهه کي ڀوڳي رهيو آهي، پر ان جو مطلب اهو ته ناهي ته ڪجهه ماڻهن کي انٽرنيٽ جي پهچ نه ڏيڻ جي ڪري حڪومت پاڪستان پوري ملڪ جي عوام کي انٽرنيٽ جي سهولت کان محروم ڪري ڇڏي. ملڪ جي ڪاروبار تي انٽرنيٽ جي رفتار آهسته هجڻ جا ناڪاري اثر پيا آهن. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو آهي ته حڪومت پاڪستان پي ٽي آءِ جي انٽرنيٽ ذريعي ٿيندڙ سچي يا ڪوڙي پروپيگنڊا کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ نيٽ جي سهولت آهي ۽ ان جي ذريعي بقول حڪومت جي عوام کي ورغلائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته حڪومت وٽ به اها سهولت موجود آهي ۽ استعمال ڪرڻ جي وسيلن ۾ حڪومت وٽ ڪا کوٽ نه آهي ته پوءِ يقينن حڪومت جي نااهلي آهي ته پي ٽي آءِ جي پوسٽن ۽ مئسيجن کي روڪڻ ۾ يا سندن ڪوڙي پروپيگنڊا جي سامهون ملڪ جي عوام تائين سڌي ۽ سچي ڳالهه پهچائي سگهن. حڪومت آسان حل اهو سمجهيو آهي ته نيٽ جي رفتار کي آهسته ڪري ڇڏجي جنهن جي ڪري پورو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. هاڻ ته پيپلز پارٽي واضح طور تي حڪومت پاڪستان جي ان عمل جي مخالفت ڪندي نظر اچي رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جا ميمبر اظهار ڪري رهيا آهن ته هي ملڪ جي عوام سان دوستي نه پر دشمني آهي. پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي جلسن يا يونيورسٽين ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي حڪومت جي مٿان سخت تنقيد ڪري رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي ايم اين اي شازيه مري ته ميڊيا سان ڳالهائيندي ايستائين چيو آهي ته آئين ۾ تبديلي ڪري ان ۾ اهو لکيو وڃي ته تيز ترين انٽرنيٽ پاڪستان جي عوام جو حق آهي کيس ملڻ گهرجي. اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت انٽرنيٽ جي ذريعي ايترو ٻاهريون ناڻو ڪمائي ٿو جيتري اسان جي سموري ايڪسپورٽ به نٿي ڪمائي سگهي. يقينن اتي به ڪوڙيون يا غلط پوسٽون رکيون وينديون هونديون، پر انهن سائبر ڪرائيم جي قانون کي ايترو مضبوط ڪيو آهي ته هڪدم ڪوڙي پوسٽ رکڻ واري کي قابو ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کي قانون مطابق سزا ڏياري وڃي ٿي.

            اسان وٽ صرف ايف آءِ اي وٽ اختيار آهي ته هو سائبر ڪرائيم جي ايف آءِ آر داخل ڪري ملڪ ۾ موجود جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي، پر جڏهن ايف آءِ اي کان معلوم ڪجي ٿو ته ان جا آفيسر واضح طور تي چون ٿا ته نه اسان وٽ ٽيڪنالاجي آهي ۽ نه اسان وٽ تربيت آهي، ان ڪري اسين سائبر ڪرائيم کي روڪي نٿا سگهون. اهڙو مثال اسان کي پنجاب جي صوبائي وزير اطلاعات جي هڪ جعلي وڊيو وائرل ٿيندي نظر آيو جيڪا پنهنجو ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ کڻي وئي آهي، پر ايف آءِ اي ان وڊيو کي وائرل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، ان طرف پڻ قانون سازي ٿيڻ گهرجي، باقي نيٽ کي روڪڻ سان يا ان جي رفتار آهسته ڪرڻ سان پوري پاڪستان جي عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي، اهو نه ڪرڻ گهرجي حڪومت پاڪستان کي ان طرف پورو ڌيان ڏيڻ گهرجي.