خاصنئون

جاپاني خلائي جهاز، رائيگو ايسٽرائيڊ جا نمونا حاصل ڪري ورتا

2014 ۾ جاپان جي خلائي اداري جاڪسا پاران هڪ خلائي جهاز  خلا ۾ موڪليو ويو هيو. ان جهاز جو نالو هايابوسا 2 آهي. جنهن جومقصد هيو ته  اهو جهاز خلا ۾ موجود رائيگوAsteroid جا نمونا حاصل ڪري زمين تي آڻي. جيڪو جهاز اربع ڏهاڙي رائيگو Asteroid  جي سطح تي لٿو هيو ۽ اتان جي زمين جا نمونا حاصل ڪري وٺڻ بعد خلا ۾ اڏامي ويو هيو. هن جهاز جي اڏام جي رفتار 2 ڪلوميٽر في سيڪنڊ آهي. هي جهاز زمين کان  15 ارب ڪلوميٽر دُوري تي موجود رائيگو  Asteroid تي مشن پورو ڪري  زمين ڏانهن واپس اچي رهيو آهي. جيڪو 2020 تائين زمين تي پهچندو.