غير ملڪي اثاثا ڪيس ايف بي آر ۾ پيش نه ٿيڻ وارن جون جائيدادون ضبط ڪيون وڃن: چيف جسٽس

چيف جسٽس ثاقب نثار جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ غير ملڪي اثاثن ۽ بينڪ اڪائونٽس واري ڪيس جي سماعت ڪئي. فيڊرل بورڊ آف روينيو جي رڪن عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي 895 ماڻهن جو ڊيٽا فراهم ڪيو هو، جنهن جي دبئي ۾ 1365 جائيدادون آهن. هن وقت تائين صرف 27 ڄڻن ادائيگيون ڪيون آهن ۽ انهن کان 270 ملين جون وصوليون ٿي سگهون آهن. جڏهن ته 768 ملين جون وڌيڪ وصوليون ٿينديون. جنهن سبب ڪل هڪ ارب جون وصوليون ٿيڻيون آهن. 116 ڄڻن ايبمسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪيو آهي، جنهن 38 اربين جون جائيدادون ظاهر ڪيون آهن. 125 ڄڻا ايف بي آر ۾ پيش نه ٿيا آهن. جنهن ۾ عليمه خان به پنهنجي جائيداد ظاهر نه ڪئي آهي. چيف جسٽس ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪو ڊيٽا ڏنو ويو آهي ان مطابق وصولين جي رفتار تمام سست آهي ايف بي آر کي شريفن جو ٿاڻو چيو ويندو آهي. هن وقت تائين شريفن کي اندر ويهاريو وڃڻ گهرجي ها، جيڪي ماڻهو ايف بي آر ۾ پيش نه ٿيا آهن انهن جون جائيدادون ضبط ڪيون وڃن. جنهن به  غير ملڪي جائيدادن  کي تسليم نه ڪيوآهي انهن جي جائيدادن کي ضبط ڪيو وڃي جيڪي جائيدادون تسليم ڪري چڪا آهن انهن کي گهرجي ته جرمانو ادا ڪن ته جيئن پاڪستان جي حالت بهتر ڪري سگهجي چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته عدالت نوٽيس نه وٺي ها ته ايف بي آر اڄ به ويٺي هجي ها.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *