پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

سنڌ ۾ ميٽرڪ جي تعليم ۽ امتحانن لاءِ نئين اسڪيم آف اسٽڊيز متعارف

سنڌ ۾ ميٽرڪ جي تعليم ۽ امتحانن لاءِ نئين اسڪيم آف اسٽڊيز متعارف ڪرائي وئي آهي. صوبائي اسڪول ايجوڪيشن سنڌ کاتي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ ميٽرڪ جي سطح تي نئين اسڪيم آف اسٽڊيز کي منظور ڪندي سائنس جي سڀني مضمونن کي نائين ۽ ڏهين جي ڪلاسن ۾ برابر ورهايو آهي ۽ ان کي نيشنل اسڪيم آف اسٽڊيز جي طرز تي ڪندي سائنسي مضمونن جي سبقن کي ٻنهي سالن ۾ برابر ورهايو ويو آهي. پهرين جولاءِ کان نئين تعليمي سيشن 2020 ۾ سڄي سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ نائين ۽ ڏهين جي سالن ۾ رياضي، طبعيات، ڪيميا، حياتيات ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا مضمون پڙهايا ويندا. جڏهن ته سنڌ جا سڀئي تعليمي بورڊ 2021 ۾ نائين ۽ 2022 ۾ ڏهين درجي جا ساليانه امتحان نئين اسڪيم آف اسٽڊيز تحت وٺندا. اسڪول ايڊيوڪيشن سنڌ کاتي ان فيصلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي موجوده نصاب تحت ئي سائنس جي سڀني مضمونن کي 2021 کان سڄي سنڌ ۾ ملڪ جي ٻين صوبن وانگر ميٽرڪ جي امتحانن کي ڪل مساوي ورهاست تحت مضمونن کي ورهائي 1100 مارڪن جو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان 550 مارڪون نائين درجي ۾ جڏهن ته 550 مارڪن جا پرچا ڏهين درجي ۾ ورتا ويندا.