پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سرينا عيسيٰ جون نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سرينا عيسيٰ جون نظرثاني درخواستون منظور ڪري ورتيون. سپريم ڪورٽ جي 10 رڪني بينچ مختصر فيصلو ٻڌايو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ جي گهر ۽ ٻارن جي خلاف ڪنهن به فورم تي ڪارروائي نٿي ٿي سگهي. بينچ جي ميمبرن جسٽس منيب اختر، جسٽس قاضي امين، جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس سجاد علي شاهه مخالفت ڪئي. جسٽس منظور ملڪ ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل پنهنجو فيصلو تبديل ڪيو. بينچ ۾ شامل نئين جج جسٽس امين الدين خان به نظرثاني درخواستن جي حق ۾ فيصلو ڏنو. ٻڌڻي جي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل عامر رحمان دليلن ۾ چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي چئلينج ٿي سگهي ٿي نه ئي ڪائونسل جي ڪنهن مواد جو جائزو وٺڻ کان روڪي سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ به صرف غير معمولي حالتن ۾ ڪائونسل ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس عمر عطا بنديال کي چيو ته ڇا اوهان شڪايت ڪندڙ آهيو؟ اهڙن سوالن سان اوهان ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۽ حلف جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهيو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت کي شايد هڪ ڌر کي ٻڌي اٿي وڃڻ گهرجي. جسٽس مقبول باقر چيو ته ايف بي آر رپورٽ تي جيڪڏهن اسان آبزرويشن ڏيون ته ڇا جڊيشل ڪائونسل تي اثر انداز نه ٿيندو. وڪيل عامر رحمان چيو ته رولز موجب سپريم ڪورٽ کي سوال پڇڻ جو اختيار آهي. عدالت ڪجهه حقيقتن جي جاچ لاءِ حلفيه بيان به گهري سگهي ٿي. عدليه جي آزادي ججن جي احتساب سان جڙيل آهي. سپريم ڪورٽ جا 3 سوال ئي سموري ڪيس جو بنياد آهن. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته تڪرار حل ٿي سگهي ٿو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ چوي ٿو ته هو گهرواري جي اثاثن جو جوابده ناهي. معزز جج ۽ عدالتي ساک جي تقاضا آهي ته هن مسئلي کي حل ڪيو وڃي. عدالتي پڇاڻي تي عامر رحمان ٻڌايو ته چيلهه ۾ تڪليف سبب فروغ نسيم سڀاڻي دليل ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته فروغ نسيم کي چئو لکت ۾ دليل جمع ڪرائي. جنهن کانپوءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي.