ڪالهوڪو “احقر” اڄ “اشرف” بڻجي نه رڳو ڌرتيءَ جي سڀني مخلوقن تي غالب ۽ قابض بڻيو آهي، پر خدائي صفتن سان ليس ٿي پنهنجي غرور سبب سڀاڻي جو شايد “احمق” ثابت ٿئي ۽ پاڻ سميت پنهنجي ڌرتيءَ جي گولي ۽ ان تي موجود سڀني نامياتي مخلوقن لاءِ برباديءَ جو سنيهو پڻ کڻي اچي. هن مضمون اندر آئون انسان جي تحقيق ۽ تدبر جي هاڪاري تناظر ۾سندس اڄ ۽ سڀاڻي جي ناقابلِ يقين معجزاتي دريافتن، ايجادن، اختراعن توڙي انديشن بابت ڀروسي لائق معلومات ونڊيندس.
انساني تاريخ جي مَدهم ڇانوري ۾، جڏهن افسانا حقيقتن سان ڳنڍيل هئا، تڏهن مختلف خدا ۽ ديوتا نه رڳو انساني زندگيءَ جي هر پهلو تي قابض ۽ حاڪم هئا، پر سندس نازڪ تاڃي پيٽي تي بدصورت توڙي خوبصورت چِٽَ پڻ چِٽيندا هئا. زيوس کِنوڻ جا اُلا ۽ تير هڻي قسمت جو فيصلو ڪندو هو، اوسيرس روحن کي آخرت جي ترازي ۾ توريندو هو ۽ يهودين جو خدا هڪ ساهِيءَ ۾ دنيا ٺاهيندو هو وغيره. ان وقت ڏکَ ۽ دردَ خدا جي عذاب ۽ قهر جا پيچيده کوڙا هئا، سُک ۽ شانتي سندس رحمتن ۽ نعمتن جي خزاني مان اسان کي آڇيل تحفا هئا. زندگي آسمان تي رهندڙ پالڻهار جي مرضيءَ سان ملندي هئي ۽ موت غيب جي ڳُجهه منجهان بي خبري جِي پوشاڪ اوڍي ڪنهن خوفناڪ ديوَ جيان اوچتو مٿان اچي ڪڙڪندو هو، پر هاڻي اهي ديو مالائي ڪهاڻيون انساني تهذيب جي گهڙيال جي امڪاني وقت جي پوئين پساهن ۾ آهن ۽ سندن سج ڪُوڙ جي اُفق ۾ لهي غائب ٿيڻ وارو آهي. انساني تاريخ تصوراتي خدائن کان سندس ٻانهن جي ٻَل ڏانهن اُلٽي رُخ ۾ وڌي رهي آهي، ڇو ته سڀاڻي جو انسان جيڪو سليڪون، برقي لهرن، چونڊيل بهترين نامياتي گهرڙن ۽ هٿرادو ذهانت جو امتزاج هوندو، پراڻن خدائن ۽ ديوتائن جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي. سڀاڻي اسين ديوتائن جي در تي دعائون پِنندڙ نه رهنداسين، پر اسين پنهنجي سُک ۽ ڏُک جا، پنهنجي جنم ۽ موت جا پاڻ معمار هونداسين. محسوس ايئن پيو ٿئي ته خدا جو تخت جلد خالي ٿيڻ وارو آهي ۽ ان تي هاڻي پروميٿيئس جو بيباڪ اولاد براجمان ٿيڻ وارو آهي.
جديديت جي ڪيميا تي غور ڪنداسين ته پتو پوندو ته سائنس پنهنجِي اڻ ڄاڻائي کي تسليم ڪندي تجسس، اڻ ڌُرين مشاهدن ۽ تجربن کي بڻياد بڻائي جهالت، ڀوڳنا ۽ پِيڙا جي زِحمت کي آگاهي، آجپي ۽ خوشيءَ جي رحمت ۾ بدلايو آهي. صاف نظر پيو اچي ته ويجهي مستقبل ۾ بايو ٽيڪنالاجي جي ليبارٽرين اندرCRISPR جو چاقو موروثي مرضن ۽ لعنتن کي ڪوري ڪڍي رهيو آهي، يعني ٿورو اڳ جتي سِسٽڪ فائبروسس، سِڪل سيل انيميا، الزائمر جهڙن مُوذي مرضن ۾ جتي انساني زندگي آهستي آهستي ڳرِي سڙِي بيوس بڻجي ويندِي هئي، اتي اڄ اهي موروثي مرض لاڳاپيل بيمار جينز(Genes) جي جاءِ تي نارمل جينز جي پيوندڪاري وسيلي سِري کان ئي ختم ڪيا ويا آهن. درد، جيڪو جسم جو قديم برجستو چوڪيدار هو، هاڻي اڻٽر حڪم نه رهيو، پر اهو هڪ ڪمزور اشارو بڻجي چڪو آهي، جنهن کي مختلف سائنسي ۽ طبي طريقن سان خاموش ڪري سگهجي ٿو. اڄ ٿورِي گهڻِي ڪاميابي ملي آهي، پر سڀاڻي اسان جي دماغ جي تنتي ڄار ۾ ڳنڍيل نيورل انٽرفيس اسان جي محسوس ڪرڻ جِي حِس کي پنهنجي مرضيءَ سان مڪمل طور بدلائي سگهندا: هڪ بٽڻ دٻائيندو ته دائمي ساڙ ۽ پِيڙا ختم، ٻيو بٽڻ دٻائيندو ته ماڻهوءَ جي مزاج مطابق اڻ ٻُڌل ۽ اڻ ڳايل سُکَ ۽ شانتي جي بي مثال موسيقي، اوپيرا جي بلندين تائين پهچي توهان کي اهڙو سُرور بخشيندي جنهن جي سامهون ٻِيجل ۽ راءِ ڏياچ جو ساز سُرود ۽ قرباني بي ڪيف بڻيل هوندا. نشو، جيڪو اڳ صوفين يا آفِيمي خوابن جو خاصو هو، سڀاڻي عوامي ملڪيت بڻجي ويندو، بلڪل پنهنجي مرضيءَ سان ڊائون لوڊ ٿيڻ ۽ اوج تي رسائڻ لائق! ورچوئل دنيا، جيڪا جسماني دنيا کان ڪنهن به طرح گهٽ نه هوندي، پنهنجي مرضيءَ جي جنت آڇڻ لاءِ آسائتي هوندي. ڊجيٽل باغن ۾ دائمي مستي ۽ دائمي جواني هن وقت به جاري ۽ ساري آهي، جتي نقصان جو ڏنگ هڪ ڊيليٽ ٿيل فائل کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي.
پر ڇا انساني عظمت جي هن تخت تي براجمان ٿيڻ هر لحاظ کان محفوظ ۽ هر خطري کان خالي آهي؟ ڇو ته زندگي ۽ موت جون واڳون هٿ ۾ کڻندي انسانيت پنهنجي اندر جي آئيني ۾ کن پل لاءِ هُبرس جي روح کي پَسي ٿِي، جيڪو قديم ٽريجيڊين جو روحِ روان رهيو آهي. ميري شيليءَ جو وڪٽر فرينڪنسٽائن تخليق جي خدائي صفتن واري ڪردار کي هٿ ۾ کڻندي هڪ راڪشَس پيدا ڪيو هو، پوءِ پنهنجي ئي پيدا ڪيل زندگيءَ جي هاڃي ۾ مبتلا ٿي ويو هو. اڄ اسين ساڳيءَ پروميٿين واري چوٽيءَ تي بيٺا آهيون: اڄ به هزارن جي تعداد ۾ ڪرائيوجينڪ خزانن(Cryogenic Vaults) ۾ اميد رکندڙ مئل ماڻهو پاڻياٺي نائيٽروجن اندر محفوظ آهن، جن پنهنجي حياتيءَ ۾ نينو ٽيڪنالوجي جي سرگوشيءَ ۾ ٻيهر جيئري ٿيڻ ۾ يقين رکيو پئي ۽ اهي مستقبل ۾ ٻيهر جِيئڻ جا منتظر آهن؛ جينياتي علاج انساني عمر کي بائيبل ۾ لکيل ستر سالن کان ڪيترن ئي سئو سالن تائين مزي سان ڇِڪي وڃن ٿا، ڄڻ ته زندگي ۽ موت جي وچ واري ليڪ کي مِٽائي ڇڏين ٿا. مرضيءَ واري موت، جنهن جو چرچو اڳ ۾ تمام ٿورن ملڪن ۾ ٻُڌو ويندو هو، اهو جلد هڪ چونڊيل اختيار بڻجي ويندو. مطلب ته موت خدا جي عدالت نه، پر ذاتي موسيقيءَ جو چونڊيل آخري سُر هوندو، جيڪو سِمفونيءَ جي درستگيءَ سان لکيو ويندو. پر هي ايتري طاقت سنڀاليندا ڪير؟ ان جو سادو جواب آهي: اُهي امير ۽ بااثر جيڪي پئسي ۽ رَسائي جِي زِرَهه ۾ امرتا جو امرت گڏ ڪري سگهن ٿا؛ باقي پوئتي پيل ملڪن جا اسان پارا ماڻهو “بيڪار ماڻهن جو وڏو ٽولو” بڻجي جانورن جهڙي ۽ اميرن جي بخش ڪيل مختصر زندگي گذاري، تڪڙا پوڙها ۽ پراڻا ٿي مورڳو ڌرتيءَ جي گولي تان ئي گم ٿي ويندا. مطلب ته مستقبل جو دور هڪ “ننڍي ٽولي” يا چند ماڻهن لاءِ سُک ۽ شانتي، پر باقين لاءِ ڏک ۽ پِيڙا بڻجي ويندو؛ اهو دور ڪِن لاءِ وڌايل زندگي ته ٻين لاءِ موت جي ويرم بڻجي ويندو. ان لحاظ کان ماضيءَ جا خدا ۽ ديوتا ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي بي پرواهيءَ ۾ برابر هئا، قسمت جون لاٽون بادشاهه ۽ فقير تي هڪ جيترو مهربان هوندو هو يا وري ڪنهن کي به نه بخشيندو هو، پر سڀاڻي جو انسان هڪ نئِين اولمپس ٺاهڻ جو خطرو کڙو ڪندو، جنهن جو بنياد طبقاتي ۽ ناانصافيءَ تي ٻڌل هوندو!
ادب هن وڏي تبديليءَ جا اشارا ڊگهي عرصي کان ڏيندو رهيو آهي، ڪڏهن اهو اسٽيج ناٽڪن جي ڪردارن واتان ته ڪڏهن لکيل ناولن ۽ ڪهاڻين جي ورقن منجهان يا وري ٽيليويزن ۽ سئنيما جي ننڍي توڙي وڏي اسڪرين تي فڪشن فلمن جي صورت ۾ خوفناڪ مستقبل جي تصوير ڪشي ڪندي اسان کي خبردار ڪندو رهيو آهي. مثال طور: ايلڊس هگزليءَ جو “بريو نيو ورلڊ”(Brave New World, a dystopian novel by Aldous Huxley, 1932) ناول مستقبل ۾ هڪ تصوراتي رياست اندر سماجي نا انصافي ۽ ظلم، جيڪو هر شهريءَ تي جينياتي هير ڦير، سماجي ۽ ننڊ جي تشريح(Social Conditioning & Sleep-learning)، ۽ سُک جي دوا سان مڙهيو ويو آهي، جي تصوير ڪشي ڪري ٿو؛ هن رياست ۾ “هرڪو هر ڪنهن جو آهي”(Everyone belongs to everyone else) جي نعري هيٺ ماڻهن کي سُک جِي دوا “سوما” کائڻ تي پابند ڪيو ويندو آهي ته جيئن انهن جي انفراديت ۽ گهرا جذبا دٻيل رهن، اهي مٿاڇري سطح تي خوش رهن ۽ سندن طبيعت ۾ استحڪام رهي؛ اهو سلسلو ايستائين هلندو رهي ٿو، جيستائين هڪ ڌاريو “وحشي”(The Savage) هن ظلم جي نظام کي للڪاري نٿو. هي ناول اصل ۾ صارفيت، رياستي ڪنٽرول ۽ مستقبل جي ٽيڪنالاجي، جيڪا ماڻهن کي جسماني، ذهني، جذباتي ۽ سماجي طور تي غلام بڻائي ٿي، تي هڪ ڀرپور چٿر آهي.
ساڳيءَ ريت فلپ ڪي ڊِڪ جو ناول “ڊُو اينڊرائڊس ڊِريم آف اليڪٽرڪ شِيپ” (Philip K. Dick’s dystopian novel Do Androids Dream of Electric Sheep, 1968) مستقبل جي ائٽمي جنگ جي نتيجي ۾ دنيا جي مڪمل تباهي کانپوءِ واري تصوراتي ۽ ڀيانڪ پسمنظر ۾ سين- فراسسڪو (آمريڪا) ۾ لکيل آهي. سندس مُک ڪردار رِڪ ڊيڪارڊ، ڪِرائي جو قاتل آهي، جيڪو مريخ تان ڇهه ڀڄي آيل “نيڪسس-6 ماڊل اينڊرائڊس” (روبوٽ انسانن) کي قتل ڪرڻ جي ذميواري کڻندو آهي ته جيئن هو پنهنجي زال لاءِ اصل گوشت پوشت جو جانور خريد ڪري سگهي؛ ٻئي پاسي اهي ڀڄي آيل اينڊرائڊس وري پنهنجي بقا لاءِ انسانن ۽ پنهنجي مالڪن کي قتل ڪندا رهندا آهن. ان دور ۾ فقط شاهوڪار طبقي وٽ ڏيکاءُ ۽ نمائش لاءِ ناياب ۽ تمام مهانگا ڪجهه اصل پالتو جانور هوندا آهن، جڏهن ته عام شهرين وٽ پالتو جانورن جا روبوٽ نقل هوندا آهن. تابڪاري پکڙيل هجڻ ڪري رياست طرفان ماڻهن کي ڌرتيءَ کان دُور ٻئي ڪنهن سياري ڏانهن وڃڻ جي ترغيب طور خادم روبوٽ (اينڊرائڊس) مفت ۾ آڇيا ويندا آهن. مريخ تان ڀڄي آيل اينڊرائيڊ روبوٽس هوبهو انسان هوندا آهن، پر فقط ڏک محسوس ڪرڻ واري پرک تي پڪڙجي پوندا آهن. اهي انڊرائيڊز پنهنجي مصنوعي زندگيءَ سان جهيڙيندا ۽ سوچيندا رهندا ٿا ته اصل زندگي ڪيئن آهي، آزادي ڇا آهي، ڏک ۽ پِيڙا ڇا آهي ۽ ڇا اهي اصل انسان بڻجي سگهن ٿا، وغيره… اهي ڪهاڻيون رڳو تفريح نه آهن؛ اهي آئينا آهن جيڪي اسان جو آئيندو ۽ آئيندي جِي راهه ڏيکارين ٿا. جيئن ته موجوده وقت ۾ بايو ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي سنگم جي ابتدا ٿي رهي آهي، پر جڏهن مستقبل ۾ انهن جي پاڻ ۾ شادي ٿيندي ۽ اهي اٽُوٽ ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا ته پوءِ يقينن ان مان جڙيل انسان هڪ اڪيلو انسان نه هوندو. ٻين لفظن ۾ اڄ جو انسان هڪ اهڙو گڏيل وجود بڻجڻ وڃي رهيو آهي، جيڪو سڀاڻي انسان کان مٿانهون، هر قسم جي ٽيڪنالاجي جي نيٽ ورڪ سان جُڙيل ۽ درد کان نجات ڏياريندڙ يا وري سندس ئي تباهي جو سامان ٺاهڻ وارو هوندو! مطلب ته سڀاڻي جو انسان خدائي صفتن جو حامل اهڙو انسان بڻجڻ وارو آهي جيڪو سدا حَسِين، سدا جوان، سدا حيات سان گڏ لامحدود حد تائين طاقتور ۽ چالاڪ پڻ هوندو! اڄ به اهو ڏڪار، وبا ۽ جنگ کي خدا جي ناراضگي نٿو سمجهي، پر گهڻو تڻو ماضيءَ جي انهن مصيبتن کي پنهنجي ضابطي ۾ آڻي چڪو آهي.
پر اچو ته خالي ٿيل ديوتا لاءِ ايترو جلدي ماتم نه ڪريون. آسماني نگرانيءَ کان آجا ٿيڻ تي اسان تي هڪ وڏي ذميواري پڻ عائد ٿيندي: اسان کي ڏُک ۽ سُک جي ٻه- رخيءَ دوئيت جي تلوار کي عقل سان استعمال ڪرڻو پوندو. هڪ پاسي تي زور ڏيڻ سان زندگيءَ جو فطري توازن ٽُٽي پوندو، جنهن سان اُن سنهڙي لڪير جي ميسارڻ جو خطرو پيدا ٿئي ٿو، جيڪا انسان کي انسانيت جي همه گير دائري ۾ بيهاري ٿي. ڏُکن کانسواءِ سُکن جي اهميت ۽ احساس مِٽجيو وڃن ۽ ان جو ابتڙ پڻ صحيح آهي. هڪطرفو سفر چاهي سُکن جو هجي يا ڏکن جو، جوانيءَ جو هجي يا پيريءَ جو، اختيار جو هجي يا محتاجي جو، زندگيءَ جو هجي يا موت جو، اهو ڄڻ ته بنا مقابلي، بي مقصد ۽ بي ذائقو ٿي وڃي ٿو، بلڪل ايئن جيئن ڪنارن کانسواءِ ندي! سڀاڻي جي انسان کي هيءَ طاقت هڪ ظالم وانگر نه، پر هڪ نگھبان وانگر استعمال ڪرڻي پوندي. سڀاڻي جي خدائي صفتن سان ليس انسان کي خبردار رهڻو پوندو ته هو متان خدا جي تصور سان گڏ ڪٿي انساني اخلاقيات (انسان- پسنديت) کي به نه هٽائي ڇڏي! ڇو ته اهو ضروري آهي ته سڀاڻي جو انسان انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجيز سان گڏ هٿرادو ذهانت جي نظامن جي درست استعمال سان بيماري، ڏک، پيڙا ۽ موت کان مُڪتي حاصل ڪري وٺندو، جڏهن ته انهن جي غلط استعمال سان مورڳو پنهنجو توڙي ٻي مخلوق جو سِرُ پڻ کڻي سگهي ٿو.
حوالا:
Literary & Philosophical Works
Mary Shelley – Frankenstein; or, The Modern Prometheus (1818) The classic archetype of man usurping God’s role in creation and suffering the consequences.
Aldous Huxley – Brave New World (1932) The elimination of pain and authentic suffering through technology (soma, genetic engineering, conditioning) and its cost to human depth.
Philip K. Dick – Do Androids Dream of Electric Sheep? (1968) Questions of manufactured life, empathy, and the boundary between human and artificial existence.
Friedrich Nietzsche – “God is dead” proclamation (The Gay Science, 1882; Thus Spoke Zarathustra, 1883–1885) The philosophical foundation for the death of traditional divine authority and the rise of human self-creation.
Prometheus Myth (Aeschylus, Prometheus Bound, ca. 460 BCE, and later interpretations) The original story of a titan stealing divine fire (knowledge/technology) for humanity and being punished for it.
Yuval Noah Harari – Homo Deus: A brief history of tomorrow(2016). Vintage/Penguin Random House. UK.
Yuval Noah Harari – Nexus: A brief history of Information Networks from the Stone Age to AI (2024). First U. S. Edition. Random House, New York.
Scientific & Technological References
Doudna, Jennifer A. &Charpentier, Emmanuelle. “The new frontier of genome engineering with CRISPR-Cas9.” Science, Vol. 346, Issue 6213, 2014.
Landmark papers on curing hereditary diseases (e.g., sickle-cell anemia clinical trials by CRISPR Therapeutics/Vertex, approved 2023–2024).
Neural interfaces and brain-computer interfaces
Neuralink (Elon Musk’s company) public demonstrations (2019–2025).
Musk, Elon &Neuralink Team. “An Integrated Brain-Machine Interface Platform with Thousands of Channels.” Journal of Medical Internet Research, 2019.
Clinical work on deep-brain stimulation for chronic pain and depression (e.g., Medtronic DBS systems; newer closed-loop systems, 2020–2025).
Longevity and anti-aging research
David Sinclair, Lifespan: Why We Age—and Why We Don’t Have To (2019).
Ongoing trials in NAD+ boosters, senolytics, and partial cellular reprogramming (AltOS Labs, Calico, etc.).Cryonics and mind uploading
Alcor Life Extension Foundation and Cryonics Institute literature.
Merkle, Ralph. “The Technical Feasibility of Cryonics.” Medical Hypotheses, 1992 (updated work through 2020s).
Voluntary euthanasia / assisted dying legislation
Laws in Netherlands, Belgium, Switzerland, Canada, and expanding jurisdictions (e.g., California End of Life Option Act, and newer 2020s frameworks).