بلاگنئون

2 جنوري تي وڇڙي ويل ڊاڪٽر عبدالڪريم جو خدمتون

2 جنوري هڪ اھڙي تاريخ آهي جنھن تاريخ تي اسان جي ڀلاري سنڌ ڌرتي تي ڪيترائي اديب پيدا ٿيا جن کي سنڌ ۽ هند ڪڏهن به وساري نه سگهندي انهن مان عبد الحسين شاھه موسوي، پير غلام رسول سرهندي، سياستدان بيگم اشرف عباسي، شاعر سروپچند شاد، قومپرست اڳواڻ قمر ڀٽي ۽ ٻين جنم ورتو ته ڪيئي سنڌ جا ڏاها اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا انهن ۾ سماج سڌارڪ ڀائي مولچند عاج، سگهڙ ٻيڙو فقير، موسيقار ۽ ڪلاسيڪي راڳي  استاد ظفر علي وڇڙي ويا، پر اڄ کان 71 سال اڳ 2 جنوري 1990 ڌاري جيڪا شخصيت اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي، اهو انسان  لسانيات، لغات ۽ “لوڪ ادب” جي دنيا جو يگانو شهسوار هو. سندس ڪيل تحقيقي پورهيي کي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسڻ سان گڏ دل جي گهراين سان جُڳن تائين ياد ڪندي رهندي. اسان جو هي عالم، اسڪالر، اديب، ڏاهو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عاشق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب هو. هي ناميارو اديب، محقق ۽ لوڪ ادب جو پارکو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو 6 اپريل 1919ع تي ڳوٺ محراب خان سنديلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محراب خان هو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي شھر ۾ ورتي. ثانوي تعليم کانپوءِ  پرائمري استاد طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪرڻ بعد هن ڏاهي شخص ڪيئي ڊگريون حاصل ڪري علمي  قابليت سبب وقت جي عالمن اديبن جي قربت ۾ رهيو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو سندس علمي قابليت کي پرکي، کيس سنجهوري ۽ سانگهڙ تعلقن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو. سندس هڪ لکت مان معلوم ٿيو تہه سنديلو صاحب گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ۾ استاد رهيو، ان کان علاوه گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار رهيو. ساڳئي ڪاليج ۽ سيوهڻ ڪاليج ۾ پرنسپال به رهيو.

سنديلي صاحب “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” عنوان هيٺ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي رهبريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جو مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري  ورتي. سندس پسند جو موضوع شروع کان لوڪ ادب ئي رهيو. هن ٿيسز ۾  مختلف صنفن: وينجهار، سنڌ جو سينگار، ڏهس نامي ۾ آيل صنفن کانسواءِ مناظرا، مداحون، مناجاتون، معجزا، ٽيهه اکريون، مولود ۽ لوڪ گيت شامل ڪرڻ سان گڏ نثري صنفن ۾ لوڪ ڪهاڻين جو جائزو پڻ ورتو آهي. عبدالڪريم سنديلو سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي.اي ۽ ايم.اي جي ڪلاسن جا امتحان وٺڻ لاءِ مقرر ٿيڻ کان علاوه پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين يونيورسٽين جا پيپر به چيڪ ڪندو هو. مختلف هنڌن تي ريسرچ اسڪيمن تي به ڪم ڪيائين، جهڙوڪ: ادبي بورڊ جي “جامع سنڌي لغات” اسڪيم ۾ ريسرچ اسسٽنٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فيلو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل ۽ بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۽ شاهنواز لائبرريءَ جو ميمبر وغيره پڻ رهيو .

ڊاڪـٽـر سـنديـلـي کـي ڪـتـابـن: “وينجهار، ڏهـس نامه، تحقيق اللغات سنڌي، سچل لغات” تي ايوارڊ مليا. کيس  حڪومت پاران ادبي علمي خدمتن عيوض تمغه امتياز به ڏنو ويو. منهنجي معلومات مطابق سنديلي صاحب جا هن وقت تائين ست، اٺ ڪتاب  اڻ ڇپيل صورت ۾ به موجود آهن.

سنديلي صاحب آگسٽ 1947ع ۾ شير محمد خان ڪورائيءَ جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس پنجن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد ٿيو.  انهن مان ڊاڪٽر اسلم سنديلو، سندس علمي ادبي ورثي کي سنڀاليندو رهيو ۽ خود سٺو ليکڪ پڻ ثابت ٿيو ۽ هن پنھنجي والد جي پندرهن ڪتابن کي سنواري ڇپرايو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جون سنڌي لغات جي سلسلي ۾ خدمتون فراموش ڪرڻ جهڙيون نه آهن. “جامع سنڌي لغات” جي ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان هڪ سال تائين ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. “سچل لغات”، تحقيق لغات سنڌي، ڌاتو ڪوش، سامي ڌاتو ڪوش سندس اهم لغتون آهن. سنديلي صاحب جي شخصيت جو لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ کانسواءِ هڪ اهم حوالو قابل استاد، تعليمي ماهر ۽ بهترين منتظم وارو به آهي. آخر سنڌ جو هي تعليمدان ڏاهو انسان سنڌ جي نامياري شخصيت اسان کان 2 جنوري 1990 تي وڇڙي ويو، جنھن جي خدمتن کي هزارن سالن تائين سنڌي قوم وساري نه سگهندي.