بلاگنئون

صــدين جو سـرجڻهار

صدين جو سرجڻھار شيخ اياز، جنهن جو جنم 02 مارچ 1923ع شڪارپور ۾ ٿيو، شيخ اياز پَنھنجي ٽھيءَ جي مِڙني شاعرن ۾ هڪَ نمايان شخصيت جو شاعر هو، جنهن جي شاعري صدين جو آواز آهي، جيڪا صدين تائين زندہ رهڻي آهي، هنَ جي شاعري هڪ فرد يا قوم لاءِ نه، پر ڀٽائي جيان پوري عالمَ لاءِ آهي.

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ هر اهو پھلو وڏي نفاست سان درج ڪيل آھي، جنهن جي ڪري کيس عالمي شاعر ۽ آفاقي شاعر چوڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، سندس شاعريءَ کي ڪھڙي به پيماني يا ماپي ۾ پرکيو وڃي ته شاعريءَ جي سڀني اصولن تي پوري نظر اچي ٿي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ سماج جا سڀ رنگ جھڙوڪ: ھڪ انقلابي، ترقي پسند، قومي شاعر، مزاحمتي شاعر، پيار ۽ رومانيت جو شاعر وغيره نظر اچن ٿا. بقول انعام شيخ جي “حقيقت اها به آهي ته شيخ اياز نه رڳو هڪ قوم، پر پوري ننڍي کنڊ، بلڪه دنيا جو هڪ روشن ذهن قلمڪار هو.” (1)

شيخ اياز جي ترقي پسند شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ سان ترقي پسندي نظر ايندي ۽ وري جي ان جي وطن لاءِ ڪيل تخليقن کي پڙھبو ته ان ۾ قوم پرست ۽ ڌرتي سان پيار ڪندڙ شاعر ٿو نظر اچي ۽ سندس پيار عشق ۽ رومانوي شاعريءَ جو مطالعو ڪجي ته رومانيت جو شاعر لڳي ٿو. وري شيخ اياز جي لکيلَ ڪيڏاري کي پڙھجي ته مزاحمتي شاعر ٿو ڀانئجي. جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر فھميده حسين ھن ريت ڪيو آھي “سنڌ ۾ هي مزاحمت ۽ بغاوت جو سلسلو وري اسان کي تمام گهڻي شدت سان ون يونٽ واري زماني ۾ نظر اچي ٿو. هن دور ۾ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن باقاعده مزاحمتي تحريڪ هلائي ۽ قيد بند جون سختيون سَٺيون. هن دور ۾ ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون باقاعدي ان تحريڪ جون آواز بڻجي ويون جن مان “سُھڻي”، “روحَ رِهاڻ”، “تحريڪ” خاص طور ذڪر جي قابل آهن. لکندڙن جو هڪ تمام وڏو انگ ان دور ۾ نمايان نظر اچي ٿو جنهن ۾ شيخ اياز ڪيڏارو لکيو ۽ ڏٺو وڃي ته هن دور ۾ اياز سڀني کان گوءِ کڻي ويو.

لَھوءَ ۾ لت پت ڌرتي منهنجي ديس جي

پرکي پئي پت جهونجهارن جي جنگ ۾

سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌي جيئن انسان

وڙهندي مڙس مَھان، مٽي منجهه سمايان (2)

شيخ صاحب جنهن به صنف ۾ لکيو، اها صنف هميشه لاءِ امر ٿي وئي. جيئن ته سنڌي شاعريءَ روايتي طور طريقن تي ٿي رهي هئي، ان کي پنهنجي لوڪ ڪلاسيڪي شاعريءَ سان رشتو جڙڻ ۾ اياز وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا بقول امداد حسينيءَ جي “اياز جنهن صنف کي ڇُھيو آهي پارس وانگر ڇُھيو آهي ۽ ان کي سونُ بڻائي ڇڏيو آهي، لوڪ ڪلاسيڪي صنفن کي روايتي دور جي صنفنِ جھڙوڪ؛ غزل يا جديد دور جي صنفنِ نثري نظم، آزاد نظم، سنڌ ۾ ان دور کان اڳ ۾ جيڪا شاعري ٿي سا روايتي قسم جي شاعري ٿيندي هئي ۽ هنن پنھنجي لوڪ ڪلاسيڪي ورثي کان منهن موڙي ڇڏيو هو، پر اياز انهن صنفن کي ٻيھر زنده ڪيو لفظن کي معنيٰ عطا ڪئي، پوءِ اهي وايون هجن، بيت هجن يا گيت يا جديد صنفن ۾ هائيڪو” (3)

جيئن سنڌ ڌرتيءَ جي پنھنجي سُڳنڌ آهي، ائين ئي اياز جي شاعريءَ ۾ به پنھنجي ئي خوشبوءِ آهي، جنهن کي پڙهڻ سان من واسجي ٿو وڃي ۽ هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، جنهن جو اهڙو اظھار شيخ اياز پاڻ هڪ انٽرويو ۾ هينئن ڪيو آهي “پر مان خود اعتمادي سان چئي سگهان ٿو ته وائي هجي يا نظم، آزاد نظم هجي يا نثري نظم، اپيرائون هجن يا نثر جا ڪتاب، هر سٽ تي منهنجي مُھر لڳل آهي ۽ ٻڌڻ سان محسوس ٿي ويندو ته اها شيخ اياز جي شاعري آهي.” (4)

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ منظر نگاري ۽ تشبيھون جيڪي ڏنيون ويون آهن، اھي پنھنجو مثال پاڻ آھن. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اهي سڀ رنگ نظر اچن ٿا جيڪي هڪ اعليٰ پائي جي شاعر ۾ هئڻ گهرجن، جنهن جو اهڙو مثال فتاح ملڪ هن طرح ڪيو آهي “ڀيڄ ڀني ڀنڀور مٿان اڄ بوندون ٿيون برسن” ان قسم جون تشبيھون پنھنجي ڌرتي، ماحول مان ڏنيون ويون آهن ۽ اهڙن سخت لفظن ۾ ڏنيون آهن جو ڪيترن شاعرن لاءِ جل جل مشعل جل، هن جي شاعري مشعل راهه ثابت ٿي آهي بک ۽ افلاس تي شيخ صاحب چيو آهي:

ڏاڙهونءَ ڪڻ چوڌار امان !

هي تارا تارا منڊ، اسان کي بک به ڏاڍي آ

ڏٿ نه ڏونرن ڏار امان! اسان کي بک به ڏاڍي آ

تو پينهين خالي جنڊ، تو پينهين خالي جنڊ

روئندڙ ٻار پنھنجي ماءُ کي چون ٿا ته هي جو تون جنڊ پئي پينهين ان ۾ آهي ته ڪجهه به نه ۽ هي جي آسمان ۾ ستارا آهن انهن لاءِ چوين ٿي ته اهي ڏاڙهون جا داڻا آهن ۽ اهي اڌ کڙيل چنڊ کي مانيءَ جو ٽڪرو ٿي چوين، پر انهن سان اسان جي بک ته نه لھندي، اهڙو ئي ٻيو مثال؛

مون مرڪي پنهنجو پانڌ ڏٺو

رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي

اياز شاعر آهي، هو پنھنجي قوم مان مايوس نه آهي شاعر هجڻ سبب ڪڏهن گل جيان ڪومائجي وڃي ٿو ڪڏهن خوشيءَ مان چوي ٿو مون کي مستقبل نظر اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڳاڙها ڳاڙها ٻير پچي ويا آهن، جن سان منھنجو پانڌ ڀرجي ويو آهي اياز جو چوڻ آهي ته اصل ۾ نوجوان نسل پيدا ٿي رهيو آهي، جيڪو ٻيرن وانگر ڳاڙهو آهي يا:

سي ڀي آهن ساٿ سان، نٿون جن نڪن.

يعني اسان جي انقلاب ۾ اسان جي جدوجھد ۾ اهي به گڏ آهن جن جي نڪن ۾ نٿون آهن يعني اهي شادي شده عورتون به پنهنجي (مڙسن) وَرن سان انقلاب ۾ شامل آهن. انقلاب ۾ هو پوري قوم کي شامل ڪري ٿو، پر نٿن جو لفظ استعمال ڪري اياز شاعريءَ جي حيثيت اعليٰ درجي جي تشبيھ ڏني آهي، هي اهڙي قسم جون تشبيھون آهن، جيڪي سنڌي شاعري ۾ پھرين شاهه لطيف، بعد ۾ شيخ اياز ڏنيون آهن جن ۾ مقصد آهي جن ۾ نمائندگي آهي. (5)

شيخ اياز جي شاعري جا سڀ رنگ نرالا ۽ منفرد آهن، يعني هن جي شاعري ڪنهن هڪ پيماني تي پرکي نٿي سگهجي، هن جي رومانوي شاعري بابت اڪبر لغاري جا ڪجهه ويچار هن ريت آهن “اياز جي شاعري گهڻ پاسائين آهي، جنهن ۾ هر پڙهندڙ کي پنھنجي پسند جو اياز ملي ٿو وڃي، مُلي کان ملحد تائين ۽ عاشق کان انقلابي تائين سڀني لاءِ مواد موجود آهي. اياز جو جوهر آهي ”شاعري” ۽ سندس جوهر جي ماهيت آهي “حسن پرستي” اياز حُسنَ جو پوڄاري به آهي، اياز جي جمالياتي شاعري ۾ عشقيه شاعري جي نسبت سان رومانوي عنصر غالب آهي، عشق ۽ محبت کي بنيادي طور تي هڪڙي ئي شيءِ سمجهيو ويندو آهي، پر ائين نه آهي عالمن ان ۾ هڪ بنيادي تفريق ڪئي آهي. اياز عشقيه شاعري به ڪئي ته محبت واري يعني رومانوي پڻ، پر اياز بنيادي طور رومان جو شاعر آهي ٻنھي صورتن ۾ هن جمالياتي پھلو تي خاص توجهه ڏنو آهي.”

رات آئي وئـــــــــي، تــــــــــــــــــون نه آئين ڪھي،

ماڪ ۾ ميـــــــنڌرا، رات روئــــــــــــــــــيندي رهــــــي .

ميــــــنهن موٽــــــــــي ويا ڏيــــــــــــنهن اڀــــــــــــري لــٿا،

تـــــــــــون نه آئـــــــــين پريــــــــــن وهه لـــــــڳي ٿي وهي. (6)

شاعري روح جي راحت چئي ويندي آهي، واقعي شيخ اياز جي شاعري ۾ اها لئي ترنم پڻ ان جي سمورين تخليقن ۾ نظر اچي ٿي، چاهي اهو غزل هجي گيت هجي يا نظم هجي، انهيءَ جي هر تخليق ۾ موسيقيت ڀرپور نظر اچي ٿي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر احسان دانش لکي ٿو، “هونئن ته شيخ اياز جي سموري شاعري ۾ اها غنائيت ۽ موسيقي سمايل آهي، پر خاص طور هن جا نظم، غزل گيت ۽ منظوم ڊراما ان خوبي سان سرشار آهن، انهن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي سُرنِ جي لهرن ۾ لڙهندي محسوس ڪري ٿو. اياز جا لفظ پڙهندڙ کي احساس جي هندورن ۾ لوڏين ٿا ۽ اندر جي تارن کي ڇيڙي هڪ اهڙي سرور واري ڪيفيت پيدا ڪن ٿا، جيڪا ڪڏهن خوابن جي رنگينن سان هم آهنگ ڪري ٿي ته ڪڏهن جاڳ ۾ جوڳ جون رمزون پسائي ٿي.” (7)

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جيڪا منظر نگاري آهي اها اهڙي اعليٰ معيار جي آهي ۽ ان جي اهڙي منظر نگاري ان جي شاعري کي ٻين شاعرن کان مختلف ڪري بيھاري ٿي، جنهن ۾ شيخ اياز جي استعاري ۾ منظر نگاري، تشبيھ ۾ منظر نگاري ۽ تمثيل ۾ منظر نگاري ڪمال جي آهي، جنهن جي اهڙي تشريح عزيز قاسماڻي هن طرح ڪئي آهي.

“ســڀ ڪــا مـــومـــل ســڀ ڪــو راڻــــو

پنھنجي پنھنجي ڪــــاڪ ســـڀن کي .

هن گيت جي سري ۾ هر عورت جي حوالي سان مومل جو عڪس ٺھي ٿو ۽ هر مرد جي حوالي سان راڻي جو عڪس ٺھي ٿو. نه رڳو هي شاندار استعارو آهي، پر ان سان گڏ تصور ۾ جيڪي مومل ۽ راڻي جا عڪس ٺھن ٿا اهي ڪيڏا نه شاندار آهن. استعاري جو اھڙو استعمال ورلي ڪنهن شاعر ڪيو هوندو. هيٺئين سٽ ۾ ڪاڪ جو استعارو به پنھنجي جاءِ تي بيمثال استعارو آهي:

اڙي چنڊ، اڙي چنڊ پرين تو ته ڏٺو ناهي،

سندس روپ سندس رنگ ائين آهي جيئن تون.

چنڊ لفظ ٻڌڻ کانپوءِ چنڊ سان لاڳاپيل سمورا منظر ذهن جي پردي تي ڇانئجي وڃن ٿا، شاعر پنھنجي پرينءَ جون پڇائون ڪري ٿو، اي چنڊ! منھنجو پرين تو ته نه ڏٺو آهي ان جو روپ ۽ رنگ ائين آهي جيئن تون آهين، هي تشبيھ شاعري جي اعليٰ معيار  جي آهي. (8)

عزيز قاسماڻي شيخ اياز جي شاعري ۾ منظر نگاري جي اهڙي سهڻي نموني تشريح ائين ڪئي آهي، جيئن شاهه لطيف جي شاعري ۾ محترم ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪئي آهي.

دودا تنھنجو ساهه ته ويندو

ماڻهو جو ويساهه نه ويندو

تنھنجا پٽ، نه ته تنھنجا پوٽا

رهندا تو سان پور وڇوٽا

آزاديءَ لئه وڙهندا آخر

رڙهندي رڙهندي وڙهندا آخر

تن لاءِ مثال ڇڏيو وڃ

۽ جي چاهين خال ڇڏي وڃ

مون لئه تون جيڪو به قبولين

خلجي، ڪتو جو به قبولين

هتي “ساهه ۽ ويساهه” جي تمثيل جو جواب ناهي ته “مثال ۽ خال” جي تمثيل جو به جواب ناهي وري “خلجي ۽ ڪتي” جي تمثيل ته ڇرڪائي ٿي ڇڏي، جڏهن انهن لفظن جا پڙاڏا اسان جي ڪنن تي پون ٿا ته اهي ٽئي منظر پنھنجي حساب سان اسان جي سامھون اچي وڃن ٿا، جنهن ۾ “ساهه ۽ ويساهه” وارو منظر هڪ پاسي هڪ ڪارو بليڪ هول ٿو نظر اچي. جيڪڏهن دودو خلجي جا شرط منظور ٿو ڪري، ٽئين تمثيل ۾ هڪ پاسي خلجي جھڙو حاڪم آهي، جنهن وٽ تاج تخت ۽ الائي ڇا ڇا نه آهي ته ٻئي پاسي ڪتي جهڙو جانور آهي.” (9)

شيخ اياز جي شاعري ۾ اهڙي اعليٰ قسم جي منظر نگاري تشبيھ ۽ تمثيل سھڻي ۽ شاندار آهي، جنهن لاءِ شيخ اياز جي شاعري جي اڀياس کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته واقعي شيخ اياز پنھنجي دور جو ئي شاعر نه، پر صدين تائين زنده رهڻ وارو صدين جو سرجڻھار آهي .

نتيجا:

شيخ ايازَ سنڌي ٻوليءَ جي سڀني لَھجنِ جي مُکيه لفظنِ کي پَنھنجي شاعريءَ ۾ جَڳھ ڏني آھي.

شيخ ايازَ پَنھنجي عمر ۾ ٻينِ تخليقڪارنِ جي ڀيٽَ ۾ سنڌي اَدبَ کي گهڻو تَخليقي مواد ڏنو آھي.

شيخ ايازَ جا گيتَ توڙي غزلَ عام ماڻھنِ کي برزبان ياد آھن، اھا عوامي شاعرُ ھئڻَ جي نِشاني آھي.

سنڌ جي نئين ٽھيءَ جي شاعرنِ تي شيخ اياز جي فِڪرَ جو اثر چِٽو نظرِ اچي ٿو.

شيخ اياز ٻين شاعرنِ جي ڀيٽَ ۾ وڌيڪَ شعري صنفن ۾ پَنھنجي ڏات کي پَلٽايو آھي.

شيخ اياز وڪيل ھئڻ جي ڪري انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتابنِ جو گهڻو مطالعو ڪيو، ان ڪري دنيا جي ترقي پسند اَدبَ کان ڀلي ڀتِ واقف ھو.

شيخ ايازَ جي فِڪرَ تي شاھ لطيف جو اثر غالب نظر اچي ٿو.

شيخ ايازَ جي شاعريءَ ۾ تشبيھ ۽ استعاره نگاري جا مثال نج ڌرتيءَ مان کنيل آھن.

حوالا:

شيخ انعام الله، ڇپائيندڙ پاران، مھراڻ شيخ اياز نمبر ڄامشورو سنڌ ادبي بورڊ سال 2005، ڇاپو ٽيون ص 5.
فھميده حسين ڊاڪٽر، سنڌي شاعريءِ ۾ مزاحمتي لاڙا، اديون آءُ اڻڄاڻ، حڪومت سنڌ، ثقافت کاتو 2012، ص 222، 223.
حسيني امداد شھر وفا، ماهوار سھڻي شيخ اياز نمبر حيدرآباد سھڻي پبلشرس، سنڌ مارچ 1990ع ص 183.
مسرور بيدل، شھر وفا، ماهوار سھڻي شيخ اياز نمبر حيدرآباد سھڻي پبلشرس، سنڌ مارچ 1990ع ص 195.
ملڪ فتاح شھر وفا، ماهوار سھڻي شيخ اياز نمبر حيدرآباد سھڻي پبلشرس، سنڌ مارچ 1990ع ص 180.
لغاري اڪبر، شيخ اياز جو فڪري سفر، شيخ اياز جي شاعري جو جديد مطالعو، ترتيب ۽ تدوين فياض لطيف ڊاڪٽر، خيرپور پوپٽ پبلشنگ هائوس سنڌ 2017. ص 63.
احسان دانش، ڊاڪٽر، شيخ اياز جي شاعري ۾ موسيقيت، شيخ اياز جي شاعري جو جديد مطالعو، ترتيب ۽ تدوين فياض لطيف ڊاڪٽر، خيرپور پوپٽ پبلشنگ هائوس سنڌ. 2017 ص 169، 170.
قاسماڻي عزيز، شيخ اياز جي شاعري ۾ منظر نگاري، شيخ اياز جي شاعري جو جديد مطالعو، ترتيب ۽ تدوين فياض لطيف ڊاڪٽر، خيرپور پوپٽ پبلشنگ هائوس سنڌ. 2017 ص 244، 245.
حوالو ساڳيو، ص 246.