گل محمد ولد محمد الياس دايو جو جنم 21 سيپٽمبر 1960ع تي ٿيو. لکڻ جي شروعات ٻالڪ ادب سان ڪيائين، لاڙڪاڻي جي ادبي وايو منڊل ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ سان 1985 کان سرگرم ميمبر طور ۽ ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري ۽ ٻين عھدن تي رهيو آهي. انھيءَ کانسواءِ ٻه دفعا سنڌي ادبي سنگت شاخ باراني مغيريءَ جو سيڪريٽري به رھي چڪو آھي. اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس لکيل مواد نثر ۽ نظم جي صورت شايع ٿيندو رھي ٿو. ٻارن لاءِ ٽي مڪمل ڪتاب نثر ۽ نظم ۾ لکيا اٿائين.
جواب: منهنجو پورو نالو گل محمد ولد محمد الياس دايو ۽ ادبي نالو ”استاد گل دايو“ اٿم، انهيءَ کان اڳ مان گل محمد دايو، استاد گل محمد دايو، گل دايو ۽ گل محمد ”گل“ جوکيو جي نالن سان به لکي چڪو آهيان، منهنجو ننڍپڻ مزدور ۽ هاريءَ جي عام ٻار جيان غربت ۾ ئي گذريو آهي، پر ابن ڏاڏن کان لاڙڪاڻي شهر ۾ رهڻ ڪري پڙهڻ ۽ روزگارجا گهڻا موقعا ميسر هئا، جنھن جي ڪري رسمي تعليم سان گڏوگڏ ڪپڙي جي دڪان، ڪرياني جي دڪان، ايڪسري ٽيڪنيشن طور ۽ ڊاڪٽر وٽ بطور ڪمپائونڊر ڪم ڪري چڪو آهيان، انهن ڪمن ڪري والدين تي ڪڏهن به بار نه بڻيس، ويتر سندن وس آهر مدد به ڪندو رھيس . هن وقت جتي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج قائم آهي، اُتي اڳ اسان جي ڏهه جريب کن زمين هئي، جنهن کي بابا اڪيلي سر آباد ڪندو هو، مان اسڪول کانپوءِ محمد پور محلي کان پيرين پنڌ وڃي، بابا کي منجهند جي ماني پهچائيندو هئس. مان انهيءَ ڳالھ تي اڄ به فخر ڪندو آهيان ته ”موهن جي دڙي“ جي کوٽائي وقت منهنجو بابا ۽ منهنجا ٻيا مائٽ، موهن جي کوٽائيء وقت دڙي مان نڪتل سامان، پنهنجي ڏاندا گاڏين ذريعي هڪ مزدور طور هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ رکندا هئا، جنھن جي مزدوري ان وقت جا انگريز عملدار کين پگهر سڪڻ کان اڳ، ڏئي ڇڏيندا ھئا .
مون ادب ۾ لکڻ جي شروعات سال 1976ع کان ڪئي ,ان وقت ٻارن لاءِ ماهوار رسالو ”گلن جهڙا ٻارڙا“ نڪرندو هو ۽ جنهن ۾ منهنجون ڪهاڻيون ۽ لطيفا شايع ٿيندا هئا، مهيني جي انتظار کانپوءِ جڏهن رسالو ملندو هو، تڏهن عيد کان به وڏي خوشي محسوس ڪندو هئس پر جڏهن وري رسالي ۾ ڪا شيءِ شايع ٿيندي ھئي ته ,”سوني جبل“ حاصل ٿيڻ جيتري خوشي ٿيندي هئي.
مان 1985ع ۾ ڪامريڊ ڪريم بلوچ جي معرفت سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ميمبر بڻيس جو اڄ تائين ميمبر آهيان.
سوال 2: پهرين تحرير ڪهڙي ڇپي ۽ ان وقت جا احساسات پڙهندڙن سان ونڊ ڪيو.
جواب: منهنجي ٻارن لاءِ لکيل پهرين ڪهاڻي ”عقلمند چٻرو“ 1976ع ۾ ٻارڙن لاءِ شايع ٿيندڙ مقبول رسالي ”گلن جهڙا ٻارڙا“۾ شايع ٿي هئي، هن ڪهاڻي شايع ٿيڻ سان عيد کان به وڌيڪ خوشي ملي هئي ۽ ان سان گڏوگڏ وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساھ به مليو هو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين ٻارڙن لاءِ لکندو اچان پيو.
جواب: ٻاراڻي ادب ۾ منهنجو پهريون ڪتاب ”گيت گلڙن لاءِ“ (شاعري) سال 2000ع ۾ شايع ٿيو، ٻيو ٻارڙن لاءِ ڪهاڻين جو ڪتاب ”ڪنگ جي ناني“ ٺسال2023 ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻارڙن لاءِ شاعريءَ تي مشتمل منهنجو ٽيون ڪتاب ”مرڪن مٺڙا ٻار“ هلندڙ آڪٽوبر 2024ع ۾ اچي ويندو، جيڪو ڇپائي جي آخري مرحلي ۾ آهي، انهيءَ کانسواءِ ٻارڙن لاءِ شاعري ۽ ڪهاڻين جي ٻن، ٻن ڪتابن جيترو مواد اڃا موجود آهي، جنهن جي شايع ڪرائڻ کان مالي وسيلن ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
سوال 4: هڪ استاد هئڻ جي حيثيت ۾ اهو ٻڌايو ته ٻارن تي ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو ڪيترو اثر ٿئي ٿو؟ سنڌي ٻالڪ ادب ۾ ڪهاڻين جي ڪتابن جي کوٽ ته نه آهي؟
جواب: حقيقت ۾ ڪهاڻي ڪنهن به واقعي جو عڪس هجي ٿي ۽ هن سوشل ميڊيا جي دور ۾ اسان جو ٻار موبائل يا ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي روزانو ڪيترن ئي واقعن جا عڪس ڏسي ٿو، پوءِ اهي عڪس جڏهن ڪهاڻي جي صورت ۾ سندس آڏو اچن ٿا يا هو پاڻ پڙهي ٿو ته انهيءَ ڪهاڻي جو عڪس ۽ ان مان مليل نصيحت مان سبق به وٺي ٿو، ان بابت سوچي ٿو، سمجهي ٿو ۽ عمل به ڪري ٿو. باقي شاعريءَ جي مقابلي ۾ ٻاراڻي ادب ۾ نثر جي کوٽ برابر آھي خاص ڪري سائنسي مضمونن ۽ ڪھاڻين جي.
سوال 5: توهان جي خيال ۾ ٻارن جي لاءِ نثر يا نظم ۾ تخليق جو ڪهڙو اظهار موثر آهي؟
جواب: ٻارن لاءِ نظماڻي يا نثراڻي تخليق ۾ تعليم، تفريح ۽ ڄاڻ جو عنصر تمام ضروري آهي، اهڙي قسم سان اظهاريل تخليق موثر ثابت ٿئي ٿي. ٻار ,نظم سان عشق ڪري ٿو ۽ نثر سان دل وندرائي ٿو .
سوال 6: موجوده دور ۾ اسان وٽ لکڻ وارا ته گهڻا آهن پر ڪتابن جي ڇپائي ۽ پبلشرن جي هڪ هٽيءَ جي ڪري ڪيترا ليکڪ پنهنجو لکيل پورهيو ڇپائڻ کان قاصر آهن، توهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته ٻاراڻي ادب جي لکڻ سميت ادب سرجيندڙ سرجڻهارن جو تعداد به چڱو خاصو آھي . يقينن انهن سڀني جي خواهش به هوندي ته سندن ادبي پورهيو ڪتابي صورت ۾ اچي پر هڪ طرف اسان جا ادبي ادارا نالي چڙهيل ليکڪن يا من پسند ماڻهن جا ڪتاب شايع ڪ ٿا ته ٻي طرف ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي به، ڪتابن نه ڇپجڻ جو وڏو سبب آهي، باقي خانگي طور تي ڪتاب ڇپيندڙ پنهنجي مرضِ جا مالڪ آهن، جنهن کي جيتري ۾ وڻين ٿو اُن کي اوتري ۾ ڦاسائين ٿا، منهنجي خيال ۾ ڪجهه ادب دوست پبلشر به ضرور آهن، جيڪي مناسب اگهه تي ڪتاب ڇپي ٿا ڏين، ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته اسان جو ثقافت کاتو، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻيا ادارا ٻاراڻي ادب تي ڇپجندڙ ڪتابن جون گهٽ ۾ گهٽ پنج سئو ڪاپيون خريد ڪري، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن توڙي لائبريرين ۾ پهچائين يا وري اسڪولن اندر شاگردن جي ٿيندڙ چٽا ڀيٽي مقابلن ۾ کين انعام طور ڏين، انهيءَ کانسواءِ سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جي هيڊ ماستر ۽ هيڊ مستريس صاحبان کي گهرجي ته اسڪول جي فنڊن مان ٻاراڻي ادب جا ڪجهه ڪتاب خريد ڪري، شاگردن جي پڙهڻ لاءِ اسڪول ۾ رکن، ايئن ڪرڻ سان نه رڳو ٻاراڻي ادب کي موٽ ملندي پر ان سان گڏ هڪ ليکڪ جو پورهيو به ان جي حقيقي پڙهندڙ تائين پهچندو.
سوال 7: ٻالڪن لاءِ ڪو پيغام ڏيو؟
جواب: ٻارن کي گهرجي ته هو، والدين ۽ استادن جو ادب ۽ احترام ڪن ۽ چٽا ڀيٽي ۽ راندين جي مقابلن ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر جو گهٽ کان گهٽ استعمال ڪن.