جنگ انساني تاريخ جو هڪ ناقابلِ ترديد حصو رهي آهي. قديم تهذيبن کان وٺي جديد دنيا تائين، جنگيون سماجي، سياسي ۽ اقتصادي تبديلين جو سبب بڻيون آهن. تنهن هوندي، جديد دور ۾ جنگ جي سببن ۽ نتيجن ۾ نه صرف فرق آهي، پر انهن جا انساني حقن تي به گهرا اثر پوندا آهن. جديد دنيا ۾ جنگيون اڪثر طاقت جي جنگ، وسيلن تي ڪنٽرول، آئيڊيا لوجيڪل اختلاف، مذهبي جهيڙا، دهشتگردي، قومي مفاد، سرحدي جھگڙا ۽ اقتصادي ڪنٽرول جي سبب ٿين ٿيون. وڏيون طاقتون پنهنجن مفادن کي بچائڻ لاءِ ننڍن ملڪن ۾ جنگي حالتون پيدا ڪن ٿيون، جڏهن ته داخلي سطح تي گهڻو ڪري خانگي جنگون ۽ مسلح تنازعات به عام آهن.جنگ لفظ عربي ٻوليءَ مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ويڙهه، تصادم يا معرڪو. جنگ تاريخ ۾ ڪنهن به قوم، قوميت يا طاقت جي وچ ۾ طاقت حاصل ڪرڻ، دفاع ڪرڻ يا سرحدن کي محفوظ رکڻ لاءِ وڙهي وڃي ٿو. جنگين جو آغاز قديم زمانن ۾ وسيلن، طاقت، زمين جي مالڪيت يا دفاعي مقصدن لاءِ ٿيندو هو. وقت سان گڏ، جنگين جا سبب بدلجي چڪا آهن ۽ جديد دور ۾ انهن ۾ قومي مفادن، سياسي اثرن، مذهبي اختلافن ۽ اقتصادي فائدن حاصل ڪرڻ جي تڪڙ شامل ٿي وئي آهي. جنگ جو مقصد عام طور تي مخالفن کي شڪست ڏيڻ، پنهنجي حڪومتي حدن کي بچائڻ يا ڪنهن خاص آئيڊيا يا عقيدي کي پکيڙڻ هوندو آهي. جنگيون ڪيترين ئي صورتن ۾ ٿي سگهن ٿيون جيئن ته بين الاقوامي جنگيون، خانگي جنگيون، گهريلو يا خانا جنگيون ۽ مخصوص گروپن وچ ۾ تصادم، جيڪي دنيا جي مختلف حصن ۾ ٿينديون آهن. جنگين جو اثر انوکو ۽ تباهه ڪندڙ هوندو آهي، جنهن ۾ انسانيت جو نقصان، ثقافتي ورثي جي تباهي، اقتصادي بحران ۽ سماجي افراتفري شامل آهي. جنگين جا نتيجا اڪثر انسانيت جي نقصان ۾ بدلجي وڃن ٿا. ان جي باوجود، دنيا ۾ ڪيترائي ادارا ۽ تنظيمون موجود آهن، جيڪي جنگين کي روڪڻ، امن قائم ڪرڻ ۽ ماڻهن جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن ٿيون، جيئن اقوام متحده (UN) ۽ بين الاقوامي انصاف جا ادارا آھن ڪجھه بادشاهن جا جنگي مثال سڪندر اعظم: مقدونيه جو بادشاهه جنهن پنهنجي فتحن ذريعي اوڀر کان اولهه تائين هڪ وڏي سلطنت قائم ڪئي. چنگيز خان: منگول بادشاهه جنهن پنهنجي جنگي مهارت سان دنيا جي سڀ کان وڏي زميني سلطنت قائم ڪئي. نپولين بوناپارٽ: فرانس جو عظيم بادشاهه جيڪو يورپ ۾ فتحن ۽ جنگي مهمن لاءِ مشهور هو. سلطان محمود غزنوي: جنهن هندستان تي سترنهن حملا ڪري پنهنجي فتحن سان هڪ وڏي سلطنت قائم ڪئي. اورنگزيب عالمگير: مغل بادشاهه جنهن پنهنجي دور ۾ هندستان جي وڏن علائقن تي قبضو ڪيو، پر مسلسل جنگين سبب سلطنت ڪمزور ٿي وئي. جديد جنگين جا قسم بين الاقوامي جنگيون: ٻن يا وڌيڪ ملڪن جي وچ ۾ تصادم، خانگي جنگيون: ملڪ جي اندروني ڌڙن جي وچ ۾ جنگيون، دهشتگردي جون جنگيون: غير رياستي عنصرن طرفان تشدد جو استعمال، اقتصادي جنگيون: پابندين ۽ واپار جي تنازعن ذريعي جنگي حالتون، ماحولياتي جنگيون: قدرتي وسيلن جهڙوڪ: پاڻي ۽ خوراڪ تي جهيڙا، جيڪي موسمي تبديلين جي ڪري وڌي رهيا آهن. ثقافتي جنگيون: ثقافتن ۽ مذهبن جي وچ ۾ آئيڊيا لوجيڪل تصادم. قديم دور ۾ جنگيون وسيلن جي کوٽ، زمين جي مالڪي ۽ طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهيون وينديون هيون. جنگِ عظيم اول ۽ دوم عالمي سياسي نظام کي تبديل ڪيو، جڏهن ته سرد جنگ آئيڊيا لوجيڪل جنگين جو آغاز ڪيو. جديد دور ۾، ٽيڪنالاجي جنگي حڪمتِ عملي ۽ ان جي اثرن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. انساني جانين جو نقصان جنگ جو سڀ کان وڏو ۽ تباهڪاري اثر انساني جانين جو نقصان آهي، چاهي اهي شهري هجن يا فوجي.
جنگيون اڪثر ڪروڙين ماڻهن کي پنهنجن گهرن کان ڀڄڻ تي مجبور ڪن ٿيون، جنهن سان پناهگيرن جو بحران پيدا ٿئي ٿو جنگيون اقتصاديات کي تباهه ڪري ڇڏينديون آهن، جنهن سان بيروزگاري جو درجو وڌي ويندو آهي، انفرااسٽرڪچر جي تباهي ٿيندي آهي ۽ اقتصادي بحران پيدا ٿيندو آهي. ماحولياتي اثرن سبب جنگيون قدرتي وسيلن کي تباهه ڪري ڇڏينديون آهن، جنهن سان ماحولياتي تباهي وڌندي آهي. ثقافتي ورثي جي تباهي: جنگيون اڪثر تاريخي يادگار، ثقافتي جڳهين ۽ ورثي جي تباهي جو سبب بڻجن ٿيون. سماجي ۽ نفسياتي اثر: جنگ سماجي طور تي اڻٽر اثرات پيدا ڪندي آهي، جن ۾ ڊپ، غير محفوظ هجڻ جو احساس ۽ نسلي ۽ مذهبي تڪرار وڌندا آهن.
جنگ دوران انساني حقن جي پامالي عام هوندي آهي. غير مسلح شهري هدف بڻايا ويندا آهن، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو ويندو آهي ۽ جنگي قيدين سان انسانيت خلاف سلوڪ ڪيو ويندو آهي. جنگي جرم، اجتماعي جنسي تشدد، جبري محنت ۽ نسل ڪشي جا واقعا عام آهن. اقوام متحده ۽ بين الاقوامي ادارا امن قائم ڪرڻ ۽ جنگين کي روڪڻ لاءِ سفارتڪاري ۽ مذاڪرات ذريعي ڪم ڪن ٿا. سفارتڪاري، ثالثي، اقتصادي تعاون ۽ تعليمي پروگرام جنگين جا متبادل آهن. تعليمي ادارا، ميڊيا ۽ ثقافتي تنظيمن امن ۽ برداشت جي پيغام کي عام ڪري جنگين کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. امن جي ثقافت کي فروغ ڏيڻ، ڳالهه ٻولهه ۽ بين الثقافتي هم آهنگي کي وڌائڻ ضروري آهي. جنگ جديد دنيا ۾ هڪ سنگين مسئلو آهي جيڪو انسانيت کي شديد نقصان پهچائي ٿو. ان لاءِ جنگ جي بجاءِ اسان کي امن، برداشت ۽ ڊائلاگ کي فروغ ڏيڻ گهرجي ته جيئن دنيا کي هڪ محفوظ ۽ مستحڪم جڳهه بڻائي سگهون. جنگ جي تباهي کان بچڻ جو واحد حل امن ڏانهن قدم وڌائڻ آهي.