ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪ جي برآمدات 60 ارب ڊالرن تائين جو منصوبو تيار ڪيو پيو وڃي. اهو وزيراعظم جي اعلانيل ‘اڙان پاڪستان’ منصوبي جو حصو آهي. منصوبه بندي جي وفاقي وزارت ايندڙ 5 سالن لاءِ بزنس پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزارت منصوبه بندي ٽن اسمن تي ڪم ڪري رهي آهي ته بهتر زرعي ۽ صنعتي پيداوار جي سلسلي ۾ قدم کنيا وڃن ۽ انهيءَ پيداوار جي تناسب سان عالمي مارڪيٽ جي رجحان جو جائزو وٺجي ۽ هڪ جامع ڊيٽا مرتب ڪيو وڃي ته جيئن برآمدات جو اهو هدف حاصل ڪري سگهجي.
وزارت کي اهو به احساس آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ درست ۽ واضح ڊيٽا گڏ ڪجي ته جيئن وقت سر درآمد ڪندڙ ملڪن سان رابطو ڪري پاڪستاني پيداوار پرڏيهه اماڻي سگهجي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ اسين پنهنجا وسيلا ضايع ڪندا رهنداسين. هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته برآمدات ۾ ميوي کان وٺي اناج تائين ٽيڪسٽائل کان وٺي ڪمپيوٽر پروگرامنگ تائين اسان کي درجابندي ڪرڻي پوندي. جيئن جيڪي ملڪ اسان سان بين الاقوامي واپار ۾ شامل آهن، اهي اسان جي پرڏيهه موڪليل سامان تي اعتبار ڪن. انهيءَ سلسلي ۾ اهو لکندي ڏک ٿئي ٿو ته دنيا پاڪستاني انب جي وڏي مارڪيٽ آهي، پر درجابندي ۽ بهتر ميوي جي چونڊ جي طريقي نه هجڻ جي ڪري اسان کان انب جا بين الاقوامي واپاري ڪڏهن ڪڏهن درآمد ڪرڻ کان لهرايو وڃن.
هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته آمريڪا جيئن ته پاڪستان جي ايڪسپورٽ جي وڏي مارڪيٽ آهي. اتي به اسان کي اڃان به مارڪيٽ کي ڳولهڻ جي ضرورت آهي. هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته تازي ۽ خشڪ ميوي ۽ ٽيڪسٽائل گارمينٽ تي ڌيان ڏنو وڃي ته آمريڪا ۾ اسان جون درآمدات اڃان به وڌي سگهن ٿيون. اسان وٽ مالياتي مسئلو هميشه اهو رهيو آهي ته اسان جون برآمدات گهٽ آهن ۽ درآمدات وڌيڪ آهن. انهيءَ ڪري اسان جي خزاني مان فارين ايڪسچينج رزرو گهٽبو رهي ٿو. هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته دنيا سان واپار کانسواءِ ٻيو حل ڪونهي. اسان کي پنهنجي پاليسين کي توازن ۾ آڻن لاءِ برآمدات کي وڌائڻو پوندو ۽ درآمدات کي گهٽ ڪرڻو پوندو ته جيئن اسين پنهنجو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهون.
اسان جون اهم پيداواري شيون ڪپهه، ڪپڙو، گارمينٽس، بيڊ شيٽس، چانور، انب، کجور ۽ خشڪ ميوو ۽ راندين جا سامان آهن. اسان وٽ ايڪسپورٽ جي ماهرن کي اهو ڪرڻو آهي ته انهن پيداواري اسمن لاءِ بهترين مارڪيٽ ڳولهڻي آهي ته جيئن وقت سر انهن کي برآمد ڪري ناڻو ڪمائي سگهجي. پاڪستان جي واپارين ۽ ايڪسپورٽرن ۽ بين الاقوامي واپار جي وزارتن گهڻو ڪري يورپ، آمريڪا ۽ ڪجهه وچ اوڀر جي ملڪن سان واپار ڪيو آهي. ٿيڻ ائين گهرجي ته ٽيڪنالاجي ۽ سروسز جي شعبي کي ترقي ڏئي پرڏيهي واپار لاءِ نوان ميدان ڳوليا وڃن. آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جي منڊين ۾ اسان کي داخل ٿيڻو پوندو. اسان کي يقين آهي ته ‘اڙان پاڪستان’ پروگرام جي تحت وزارت منصوبه بندي سڄي دنيا سان واپار جي رٿابندي ڪري رهي هوندي. اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته پاڪستاني مصنوعات جو معيار به هڪ چئلينج آهي. ڇاڪاڻ جو هر ملڪ پنهنجي پيداوار ٻئي ملڪ کي برآمد ڪري ٿو. اسانجو سڄي دنيا جي ملڪن جي پيداوار سان به مقابلو آهي. ملڪ جي پيداوار جيڪا ٻاهر وڃي ٿي اها ڪوالٽي ڪنٽرول جي مسئلن جو به شڪار آهي. بين الاقوامي معيار جي مطابق بهتر پيداواري عمل نه هجڻ جي ڪري مصنوعات رد به ٿيو وڃن. برآمدات لاءِ انهن سڀني خوبين کي ايندڙ پنجن سالن جي انهيءَ منصوبي ۾ ڏٺو وڃڻ گهرجي. منصوبه بندي جي وزارت ايندڙ 5 سالن لاءِ برآمدات کي 60 ارب ڊالر تائين کڻي ويندي اها خوشي جي ڳالهه آهي.
اڙان پاڪستان’ پروگرام جي تحت جيڪڏهن اسان جون برآمدات انهيءَ هدف کي رسي ويون ته اسانجي ملڪ جا مالي ۽ مالياتي مسئلا حل ٿي ويندا ۽ بين الاقوامي ناڻي جي بچت ٿي ويندي، انهيءَ بچيل ناڻي مان وري نوان زرعي ۽ صنعتي منصوبا شروع ڪري سگهبا. اميد آهي ته ‘اڙان پاڪستان’ منصوبي ۾ چئني صوبن کي شامل ڪيو ويندو ۽ خاص طور تي ان ۾ انهن خواتين کي به شامل ڪيو ويندو جيڪي گهر ۾ ويٺي پنهنجي مصنوعات تيار ڪن ٿيون، انهن کي رهنمائي ڏئي انهن مصنوعات کي ان سطح تي تيار ڪرڻ جي ٽريننگ به ڏني ويندي ته جيئن اهي بين الاقوامي معيار کي ڇُهي سگهن. منصوبا بندي ۾ جڏهن پوري ملڪ جو عوام شامل ٿيندو ته هن پروگرام کي ڪامياب ٿيڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.