نئون

نيب جو وسيم اختر ۽ آغا سراج دراني خلاف تحقيق ڪرڻ جو فيصلو

قومي احتساب بيورو (نيب) پاران ميئر ڪراچي وسيم اختر ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني خلاف انڪوائري جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نيب پاران وسيم اختر خلاف 36 ارب رپين جي فنڊن ۾ ڪرپشن جا الزام آهن. جڏهن ته آغا سراج دراني خلاف ٽن مختلف الزامن ۾ تحقيقات ڪئي ويندي. آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. نيب جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني تي غير قانوني ڀرتيون ، ايم پي اي ۽ سنڌ اسيمبلي جي نئين عمارت جي تعمير ۾ خرد برد جو الزام آهي. نيب پاران ايس ايس پي فريد جان سرهندي خلاف به انڪوائري جو فيصلو ڪيو ويو. ايس ايس پي فريد جان سرهندي خلاف غير قانوني ڀرتيون ڪرڻ جو الزام آهي.