برطانيه ۾ انسان کي هوا ۾ اڏائيندڙ سوٽ تيار
برطانيه جي هڪ شهري پاران اهڙو سوٽ تيار ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي هو هوا ۾ اڏامي سگهي ٿو. جيف برائوننگ جي هن سوٽ ۾ هڪ ننڍو جيٽ انجڻ لڳل آهي، جنهن جي ٻئي حصي ۾ نوزل لڳل آهن جن مان تيز هوا خارج ٿئي ٿي ۽ ان طرح سان هو ان سوٽ ذريعي اڏامي سگهي ٿو. هن سوٽ ۾ هڪ خاص قسم جو لباس پهريو وڃي ٿو جنهن سان گڏ اڏامندڙ شخص پنهنجي پٺي تي هڪ انجڻ لڳائي ٿو ۽ هن جي هٿن سان گڏ نوزل مان هوا خارج ٿئي ٿي، جيڪي هن کي اڏائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. هن سوٽ ۾ 6 ننڍا گيس پائپ لڳايا ويا آهن جيڪي هرهڪ 22 ڪلو جو ٿرسٽ ڏئي سگهن ٿا. پائپ يا ايئنن چئجي ته اهي هڪ هزار هارس پاور جي طاقت پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. جيف برائوننگ هڪ عام شخص آهي هن جي ٺاهيل سوٽ ڪجهه خاص پرفارم ته نٿو ڪري سگهي پر تنهن هوندي به ڪنهن وڏي اداري جي پٺڀرائي ملڻ بعد هن جي سوٽ کي اڃان بهتر ڪري سگهجي ٿو. جيف برائوننگ جو چوڻ آهي ته هو هن سوٽ کي ڪاروباري بنياد تي ٺاهي کپائڻ چاهي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته هن سوٽ جي في الحال قيمت 250000 ڊالر آهي جنهن کي بعد ۾ گهٽائي به سگهجي ٿو. هن کي هن وقت ڪنهن ڪمپني جو انتظار آهي جنهن جي مالي مدد بعد هو هن سوٽ کي وڏي تعداد ۾ ٺاهي کپائي سگهي.