ايڊيٽوريلنئون

قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس کان پهرين هڪ مالياتي بل جي منظوري

            تازو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ پيش ٿيڻ کان پهرين انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) جي حڪم تي هڪ مالياتي بل جي منظوري ڏني آهي. اهو بل بنا ڪنهن بحث جي منظور ڪيو ويو آهي. اهو سڀ انهي ڪري ڪرڻو پيو آهي ته جيئن قدرتي گئس ۽ امپورٽ ٿيل گئس (ايل اين جي) جي فراهمي تي گرڊ ليوي جي لاءِ قانوني جواز فراهم ٿي سگهي. انهيءَ بل کي وزير پيٽروليم قائدن جي پورائي کانپوءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ۽ قومي اسيمبلي انهيءَ کي منظور ڪري ڇڏيو.

            قومي اسيمبلي بجيٽ اجلاس کان پهرين اهو مالياتي بل منظور ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو اصل ۾ اهو قانون آرڊيننس جي طور تي موجود هو. ڇاڪاڻ جو اسان جا عالمي مالياتي اداري سان اهڙا واعدا ڪيل هئا ته صنعتن تي گيس جي سلسلي ۾ اها ليوي نافذ ڪئي ويندي ته جيئن مستقبل ۾ آئي ايم ايف جي توسيعي فنڊ سهولت جي تحت پاڪستان آئي ايم ايف سان مالياتي ڏي وٺ ڪري سگهي. پيٽروليم جي وزير اهو يقين ڏياريو آهي ته هي قانون عوامي مفاد ۽ صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ ٺاهيو ويو آهي. انهيءَ ۾ صنعتڪارن جي تحفظات کي به نظر ۾ رکيو ويو آهي ته جيئن صنعتي سرگرمين ۾ خلل نه اچي.

            حڪومت جيئن ته پهرين ئي هڪ آرڊيننس جي ذريعي اهو قانون نافذ ڪري چڪي هئي ۽ مارچ 2025 ۾ صنعت لاءِ گيس جي قيمتن ۾ تقريبن 23 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو ته جيئن آئي ايم ايف سان جاري پاليسي مذاڪرات ۾ اڳتي وڌي سگهجي. عالمي مالياتي فنڊ جو ادارو ۽ اسانجو ملڪ مالياتي پاليسين ۾ هڪ ٻئي سان متفق ٿي رهيا آهن. انهيءَ ڪري آئي ايم ايف جو 7 ارب ڊالر جو اسٽينڊباءِ ايگريمينٽ جاري آهي. جنهن مان تازو عالمي مالياتي اداري جي بورڊ هڪ ارب ڊالر جي قسط منظور ڪئي آهي. آئي ايم ايف جو وفد پاڪستان جي دوري تي آهي. انهيءَ صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پاڪستان جي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ گڏوگڏ آئي ايم ايف جي 7 ارب ڊالر جي جاري پروگرام تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.

            اها ملاقات ايتري اهم آهي جو مالياتي اداري جو وفد اسانجي صدر مملڪت سان مليو آهي. انهيءَ ملاقات ۾ وفاقي وزير خزانه سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ اعليٰ انتظامي عهديدار به موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان جي صدر مملڪت چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ آئي ايم ايف جو ڪردار ساراهڻ جوڳو آهي ۽ وڌيڪ چيائين ته عالمي مالياتي فنڊ اسرندڙ ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. آئي ايم ايف وفد پاڪستان جي پاران معاشي سڌارن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اهو به چيو ته آئي ايم ايف جو اسانجي ملڪ لاءِ پروگرام صحيح رخ ۾ وڃي رهيو آهي. آئي ايم ايف جي مالياتي پروگرامن پاڪستان ۾ ناڻي جي پکيڙ، پرڏيهي ناڻي ۽ مالياتي خساري کي گهٽائڻ ۽ مالياتي معاملن ۾ استحڪام آڻڻ ۾ مدد ڪئي آهي.

            لڳي ٿو ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ جي وفد جو هي دورو مالي سال 26-2025 جي بجيٽ جي سلسلي ۾ صلاح مصلحت لاءِ آهي. وفاقي سرڪار ايندڙ مهيني جي 2 تاريخ تي پارليامينٽ ۾ بجيٽ پيش ڪندي. جنهن کانپوءِ ان تي بحث شروع ٿيندو. ايندڙ بجيٽ کي عوام دوست هجڻ گهرجي. اهو ملڪ جي عوام جو بنيادي حق آهي. انهيءَ ڪري سڌ سماءَ جي ذريعن ڪجهه ڏينهن کان اهڙيون خبرون ڏيڻ شروع ڪيون هيون ته حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ ڀاڻ تي وفاقي ايڪسائيز ڊيوٽي کي 5 مان 10 سيڪڙو تائين وڌائڻ ۽ زراعت ۾ استعمال ٿيندڙ دوائن تي 5 سيڪڙو نئون ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر لڳي ٿو وزيراعظم لاڳاپيل ادارن ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ کي اهو چيو آهي ته زراعت تي اهو ٽيڪس نه هڻجي ته بهتر آهي. وزيراعظم جي زراعت دوستي جي خبر مالي سال 26-2025 جي بجيٽ مان پوندي. ليوي جي مالياتي بل جي منظوري جيڪو “ليوي بل 2025” جي نالي سان منظور ڪيو ويو آهي جو مقصد انهيءَ ليويءَ جي مالياتي وصولي لاءِ ضروري قانونسازي آهي.