سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي چورائڻ جي تاريخ تمام پراڻي آھي، پر وڏي چوري 1960ع ۾ ٿي جڏھن ٽي درياءَ راوي، ستلج ۽ بياس ھندستان کي وڪرو ڪيا ويا ته پنجاب جي آباد زمينن کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ چناب ۽ جھلم دريائن مان لنڪ ڪئنالن جو ھڪ وڏو ڄار وڇائي راوي ۽ ستلج جي ڪمانڊ ايريا کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي پھچايو ويو. ان سان چناب ۽ جھلم جي آباد زمينن جي لاءِ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي پئي، ان کوٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 2 وڏا لنڪ ڪئنال چشما جھلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ٺاھيا ويا، پر انھن تي سنڌ طرفان اعتراض کي ختم ڪرڻ لاءِ انھن ٻنھي دريائن کي فلڊ ڪنٽرول ڪئنال جو نالو ڏنو ويو يعني سنڌو درياءَ ۾ واڌو پاڻي ھوندو ته پوءِ انھن ڪئنالن ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو، پر انھن ٻنھي ڪئنالن کي پيرينيل (يعني ٻارنھن مھينا وھندڙ) ڪئنال ڪري انھن ۾ پاڻي وھايو پيو وڃي ان سان سنڌ جو پاڻي گھٽجي ويو ۽ ساڳئي وقت ٻنھي دريائن مان گھربل مقدار جو پاڻي پنجند وٽ سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ به گھٽجي ويو، نتيجي طور سنڌ کي ان جو نقصان به پئجي رھيو آھي. ڳالهه اتي نه رھي، پر اڃان به سنڌو دريائن مان ڪڇي ڪئنال، ٿل ڪئنال ۽ ريڻي ڪئنال ڪڍڻ جا منصوبا به جوڙيا ويا. اصل ڪھاڻي 2023 ۾ شروع ٿي جڏھن ايس آءِ ايف سي ۽ گرين انيشيئيٽو ادارا ٺاھي ملڪ جي 66 لک ايڪڙ بنجر زمين جي لاءِ ڇھه نوان ڪئنال ٺاھڻ جا منصوبا جوڙيا ويا، انھن کي اسٽريجڪ ڪئنالن جو نالو ڏنو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ ان وقت به انھن ڪئنالن خلاف آواز اٿاريو، پر مٿان 8 فيبروري 2024 تي ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ سياسي پارٽين جي مصروف ھجڻ سبب ڪو خاص احتجاج نه ٿي سگھيو.