بلاگ

استاد  

سرمد صهبائي

(حصو ٻيون)

چوڻ لڳو مون جيڪو ٻڌايو آھي اھو تون ان ڪري نٿو ٻڌائي سگھين جو تون ستو پيو ھئين. مون چيو سر آخر توھان ڇا ٻڌايو هو؟ ڇو جو منھنجي خيال ۾ ته ان کان سواءِ ٻيو ڪو فرق ڪونھي. مون ٻڌايو ھو ته نثر ۾ اسان چوندا آھيون؛ ھو اچي ٿو. جڏھن ته نظم ۾؛ اسان اچي ٿو ھو. چئي سگھون ٿا، پر سر مير امن جي باغ و بھار ۾ ته ھي آھي: ”اچڻ ھن جو، وڃڻ ھن جو.“ قيوم صاحب ھڪ فرسٽ ايئر جي ڇوڪري مان اھا اميد نه پيو ڪري ته ان ڪجھ پڙھيو لکيو به ھوندو. مون ٻڌايو ھو ته نظم ۾ قافيو رديف ھوندو آھي ۽ نثر ۾ نه، پر سر توھان غالب جا خط پڙھو ان ۾ مقفيٰ عبارات به آهن يعني قافيا رديف موجود آھن، سر توھان مڃي وٺو نظم ۽ نثر جو بنيادي فرق اھو ئي آھي ته نظم ۾ وزن ھوندو آھي ۽ نثر ۾ وزن ڪونه ھوندو آھي… ڇا رول نمبر آھي؟ قيوم صاحب بيوس بڻجي چيو، نڪري وڃ منھنجي ڪلاس مان. ھاڻ منھنجي قيوم صاحب جي ڪلاس مان به نيڪالي ٿي وئي… ان ڏينھن کانپوءِ مان ڪنھن به اردو جي ڪلاس ۾ ڪونه ويس. جڏھن داخلا جو وقت آيو ته منھنجي داخلا کي روڪيو ويو. ان لاءِ ته ٻن سالن ۾ منھنجا صرف چوڏھن ليڪچر ھئا. مان ڏاڍو پريشان ٿيس، ڊاڪٽر صاحب کي خبر پئي ته پنھنجي پي اي کي چيائين (اوۓ کوٸی بے ایمانی کرو تے سرمد دا داخلا بھجواواینوں اردو پڑھن دی کی لوڑ اے) ڀائي ڪا بي ايماني ڪر ۽ سرمد جي داخلا موڪل ھن کي اردو زبان پڙھڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ منھنجي داخلا ٿي وئي ۽ آئون اردو ۾ ناپاس به ڪونه ٿيس، بلڪه تمام سٺين مارڪن سان پاس به ٿي ويس. ڊاڪٽر صاحب جيڪڏھن اھا بي ايماني نه ڪري ھا ته منھنجا ٻه سال ضايع ٿي وڃن ھا… اسان جو ھڪ دوست ڪاليج جي ھڪ ادبي تنظيم جو سيڪريٽري ھو، ھو ڪو بل منظور ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب وٽ ويو، ھن حساب ڪتاب ۾ گڙٻڙ ڪئي ھئي يعني بي ايماني. ڊاڪٽر صاحب ان کي صرف ايترو چيو، پٽ رٻڙ ته سٺو استعمال ڪرين ھا، وڃ ۽ بل درست ڪري کڻي اچ.

اسان جڏھن ڪينٽين ۾ ڊاڪٽر صاحب سان گپ شپ ھڻندا ھئاسين ته ان ۾ ڪڏھن ڪڏھن پروفيسر به شامل ٿي ويندا ھئا. ھڪ ڏينھن ھڪ پروفيسر جيڪو ٻاھران نئون نئون پڙھي آيو ھو، ڊاڪٽر صاحب کي مرعوب ڪرڻ جي ڪوشش ۾ انگريزي ٻوليءَ جا وڏا وڏا جناتي اصطلاحات استعمال ڪندي مارڪسزم تي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب خاموشي سان ٻڌندو رھيو ۽ جڏھن ھن پنھنجو ليڪچر ختم ڪندي ڊاڪٽر صاحب ڏانھن داد طلب نگاھن سان ڏٺو ته ڊاڪٽر صاحب ڪينٽين جي بيري کي آواز ڏيندي چيو، او يار ٿورو ھي کير ته گرم ڪري کڻي اچ. ڊاڪٽر صاحب ھڪ ئي جملي ۾ ان پروفيسر جي سڄي گفتگو جو جواب ڏيئي ڇڏيو، يعني انگريزي جي مقابلي ۾ پنجابي، ثقافتي مزاحمت، مداخلت، بيري کي يار چئي سڏڻ (انساني برابري) ۽ کير گرم ڪرڻ جي ڳالھ ڪرڻ، نمائشي ۽ ڪتابي علم جي تڪبر کي عام زندگي جي سچائي سان ھم ڪنار ڪرڻ ھو…

ان زماني ۾ ٽي وي نئون نئون آيو ھو، ماڻھو نشريات کان پھرين ٽي وي چالو ڪري ويھي رھندا ھئا ۽ بليڪ اسڪرين ڏسندا رھندا ھئا، ڪير ٽي وي تي ايندو ھو ته پاڙي وارا ته ڇا سڄو شھر ان کي سڃاڻي وٺي، پان وارو به چوندو سر رات مون توھان کي ٽي وي تي ڏٺو ھو. اسان جو ھڪ دوست جيڪو ان زماني ۾ ٽي وي ڪراچي تان ھڪ ڪوئيز پروگرام ڪندو ھو، لاھور آيو، ھو تمام رک رکاءُ وارو دانشور ھو، ھو پنھنجي مشھوري کي وڏي سنجيدگي سان ڏسندو ھو، ان جو خيال ھو ته ھن کي سڀ سڃاڻن ٿا ۽ ان جي دانشوري جو رعب سڀني تي پيل آھي. هن مون کي چيو ته سندس اتان جي دانشورن جي ملاقات ڪرايان، مان ھن کي ڊاڪٽر صاحب وٽ وٺي آيس، ڊاڪٽر صاحب ان زماني ۾ ھڪ ادبي انسٽيٽيوٽ جو سربراهه ھو، ھو پنھنجي آفيس ۾ اسٽول تي ويٺو ھو ۽ ان جي ڦرڻ واري آفيسراڻي ڪرسي ھڪ ڪنڊ ۾ پئي ھئي، سندس آفيس ۾ ھڪ اسڪرين به ھئي جيڪا ڪمري ۾ پردي جو ڪم به ڏيندي ھئي. جڏھن اسان اتي پھتاسين ته مون آھستي سان دروازو کوليو، منھنجي پٺيان اچڪن ۾ جنھن جا ٻيڙا ڳچيءَ تائين بند ھئا، اھا نستعليق شخصيت ان اميد سان بيٺل ھئي ته ڊاڪٽر صاحب ھاڻ ٽپ ڏيئي اٿندو ۽ سندس آڌر ڀاءُ ڪندو. اوۓ سرمد،آجا آجا اسان جي دانشور دوست کي ڏسندي چيو، اوۓ کاکا توں وی لنگھ آ، پٽ تون به اچ، ڊاڪٽر صاحب جي ان آڌر ڀاءُ سان اسان جي شھرت جي شوقين دوست کي ھڪدم گمنامي جو اھڙو ڌچڪو لڳو جو ھڪ گهڙيءَ لاءِ ته ھن کي پنھنجي ھجڻ تان اعتبار ئي کڄي ويو… ڊاڪٽر صاحب کي ظاھري ڏيکاءُ، خوامخواهه جي نمائش ۽ خود پسندي بلڪل ڪونه وڻندي ھئي، ھو اھڙو مردم شناس ھو جو ھڪ نظر ۾ ماڻھو جي شخصيت جي اندر تائين لهي ويندو ھو، پر ان جو اظھار تمام خوبصورتي سان ڪندو ھو. اسان جو دوست جڏھن ڊاڪٽر صاحب جي ان جي مشھوري کان بي خبري جي رمز کي نه سمجھي سگھيو ته مون ٿورو ڳلو صاف ڪندي چيو، ڊاڪٽر صاحب ھي ٽي وي تي ايندا آھن.

او ھو معاف ڪجو مان ٽي وي ڪونه ڏسان…

او ڀائي چانهه کڻي اچ،

ھن پنھنجي پٽيوالي کي آواز ڏنو…

ھاڻ ٽي وي جي دانشور صاحب لاءِ مسئلو پيدا ٿي ويو ته ھو ڊاڪٽر صاحب کي پنھنجي مشھوري ۽ دانشوري جو ڪيئن يقين ڏياري. پوءِ ھن علي ڳڙھ جو ذڪر ڇيڙيو ۽ ڊگھي اپٽار ڪندي اھو رعب ويھاريو ته ھو علي ڳڙھ جي ڪيترو ويجھو رھيو آھي. ڊاڪٽر صاحب پنھنجي ميز جي خاني مان ھڪ ڪتاب ڪڍيو، جيڪو ڪنھن انگريز لکيو ھو، ڊاڪٽر چيو ڏسو ھي علي ڳڙھ يونيورسٽي تي تازو ڪتاب آيو آھي. ڪتاب کوليو ته پھرين صفحي تي ڪتاب جو انتساب ھو،

“ڊاڪٽر نذير جي نالي، جنھن جو مقام منھنجي لاءِ پنھنجي والد جھڙو آھي…“ ٽي وي دانشور حيران ٿيو. ھاڻ دانشور فيض صاحب سان پنھنجي دوستي جو ذڪر ڇيڙيو، چيو فيض آيو ۽ چيو، جان من ۽ فيض جا ڪجھ شعر ٻڌايا… ان تي ڊاڪٽر صاحب وري ميز جو خانو کوليو ان مان فيض جو ھڪ خط ڪڍيو ۽ اسان جي سامھون رکندي چيو، ڀئي فيض جو تازو نظم ڏسو، ھي اڄ ئي هن جو خط آيو آھي، دانشور اکيون ڦاڙي خط پڙھيو. پيارا نذير ھي مون ھڪ نظم لکيو آھي توھان ان کي ڏسو ۽ ٻڌايو ته ڪيئن آھي؟؛ دانشور کان پنھنجو جان من وسري ويو ۽ فيض جي نيم ڊراپنگ به ختم ٿي. اوڏي مھل وري استاد دامن اچي ويو، استاد جو ڏيکاءُ پھلوانن جھڙو ھو، ھو پاڻ ٻڌائيندو ھو ته جڏھن پاڻ ڪنھن مشاعري ۾ ويو ته منتظمين چيو، اسان توکي شاعر آڻڻ لاءِ چيو ھي تون پھلوان ڪوٺي آيو آھين. استاد چيو، ھل نذيراں تندوری پراٺا کائون .استاد بيٺي بيٺي چيو: نه.

استاد ڪراچي مان مھمان آيل آھي. استاد مھمان دانشور کي ھڪ نظر ڏٺو ۽ ٻاھر نڪري ويو. ھي ڪير صاحب ھو؟ دانشور مون کان آھستي سان پڇيو، استاد دامن آھي، پنجابي جو تمام وڏو شاعر ۽ فيض صاحب جو ويجھو دوست. مون به آھستي ٻڌايو… ان کان پھرين جو اسان جو دانشور دوست ھتان اجازت وٺي ڪنھن پان واري جي ڪئبن تي وڃي، ڏھ ٻارھن (ننگ منگے) غريب ٻار گوڙ ڪندا ڏاڍي بي تڪلفي سان ڪمري ۾ داخل ٿيا. (اوۓ بھٸی ذرا ٹھر کے آنا،ایس ویلے مھمان آۓ ھوۓ ھیں) ڊاڪٽر صاحب ٻارن ڏانھن ڏسندي چيو، ٻارن مھمان ڏانھن ٿوري مايوسي سان ڏٺو ۽ خاموشي سان واپس ھليا ويا. ھي ٻار ڪيئن ھتي آيا؟ حيرت زده دانشور پڇيو. ڪجھ نه. ھي ھتي ڦرڻ واري ڪرسي طرف اشارو ڪندي چيو جھولو لڏڻ ايندا آھن، پٺيان چنگڙ پاڙو آھي اهي اتي رھندا آھن، آئون ھنن جي ڪرڪيٽ ٽيم جو مئنيجر آھيان. ڊاڪٽر صاحب چيو ۽ اسڪرين جي پويان گم ٿي ويو، جتي ھن پنھنجي وهنجڻ جي لاءِ پاڻي جي بالٽي رکي ھئي، وهنجڻ جو آواز آيو ته حيران پريشان دانشور پڇيو، سرمد صاحب اھو ٻڌايو ته ھن ڊاڪٽريٽ ڇا ۾ ڪئي آھي؟ ڊاڪٽر صاحب جيئن ته ذولاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي، ان لاءِ مون ان جو سليس ترجمو ڪندي چيو، علم الحيوانات ۾…

ڊاڪٽر صاحب جي درويش صفت چال چلت کان ڪجھ پروفيسر ناخوش به ھئا، ھو چوندا ھئا ته ڊاڪٽر صاحب ڪاليج جو ڊسيپلين خراب ڪري ڇڏيو آھي، انھن جي ذھن ۾ اڃان تائين گورنمينٽ ڪاليج جي پرنسپل جو تصور غلاميءَ جي دور واري انگريز جو ھو، گورنمينٽ ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا انگريزن ميڪاولي جي تعليمي پاليسي تي ٺاھيا ھئا ۽ انھن جو مقصد بابُو پيدا ڪرڻ ھو، پر انھيءَ ڪاليج مان اقبال ۽ پوءِ راشد ۽ فيض به پيدا ٿيا، جن ان دور جي ڪلچر جي خلاف مزاحمت ڪئي ۽ ڊاڪٽر صاحب انھيءَ روايت کي زنده رکڻ پيو چاھي… مون ھڪ ڏينھن ان جو ذڪر ڊاڪٽر صاحب سان ڪيو ته ان چيو، ڀائي ھڪ ڊسيپلين مليٽري ڊسيپلين ھوندو آھي جتي ڊسيپلين مٿان کان مسلط ڪيو ويندو آھي ۽ ھڪ ڊسيپلين ايوالو ھوندو آھي، معنيٰ گرائونڊ کان شروعEvolve ٿيندو آھي. نوجوان شاگرد ھڪ ٻوٽي مثل آھن، اسان کي انھن جي نشونما ڪرڻ کپي، انھن کي وڌڻ ويجھڻ ڏيڻ گھرجي.

ايم اي ۾ مون کي ڪاليج جي رسالي ”راوي“ جو ايڊيٽر ڪيو ويو. راوي جو نگران قيوم نظر ھوندو ھو. ھو ته ڏاڍو پيارو ماڻھو، پر ان کي شاگردن کي ذھني اذيت ڏيڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو ھو. منھنجي ان سان شروع کان ئي ڪجھ اڻوڻت ھئي. پھرين ته ھن مون کي اردو جي ڪلاس مان ڪڍيو ھو ۽ پوءِ جڏھن مون فرسٽ ايئر ۾ ھن کي ھڪ غزل ”راوي“ لاءِ ڏني ته ان سڀني جي سامھون منھنجو ڏاڍو مذاق اڏايو ۽ ھڪ سفاڪ ٽھڪ ڏيندي چيو، ڏسو ٿورو هن کي. فرسٽ ايئر جي ڇوڪري کي، ھي پنھنجو پاڻ کي شاعر ٿو سمجھي، سوچيو ٿورو ڀلا ھن کي راوي جي لاءِ غزل ڏيڻ جي ھمت ڪيئن ٿي؟ ھاڻ جيئن ته مان انھيءَ راوي جو ايڊيٽر ھئس ۽ قيوم صاحب نگران ته اسان جو ڪو نه ڪو جھيڙو ته ٿيڻو ھو. نيٺ ھڪ ڏينھن ايڊيٽوريل تي ان سان بدتميزي جي حد تائين ٽڪراءُ ٿي ويو. قيوم صاحب کي منھنجو لکيل اداريو سخت ناپسند ھو، ان ڪري ان کي ڇپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ مون کي سندس مرضي جي مطابق اداريو لکڻ لاءِ چيو، جنھن لاءِ مان بلڪل تيار نه ھئس. پوءِ قيوم صاحب انتقامي ڪارروائي ڪندي مون کي راوي جي ايڊيٽر جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. معاملو پرنسپل وٽ پھتو، ڊاڪٽر صاحب بورڊ جي ميٽنگ سڏرائي، جنھن ۾ مون کي به سڏايو ويو، قيوم صاحب توھان سرمد کي ڇو راوي مان ڪڍي ڇڏيو؟

سر ھي تمام گھڻو بدتميز آھي، گستاخ ۽ ضدي آھي، سامھون جواب ٿو ڏئي…

قيوم صاحب جيڪڏھن مان سرمد کي چوان ته تون راوي جو ايڊيٽر ٿي وڃ ۽ سامھون کان ھو نخرا ڪري ۽ چوي مون کي ايڊيٽر ناھي ٿيڻو ته مان ڇا ڪندس؟ مان ھن جا نخرا برداشت ڪندس، ھن جا ناز کڻندس، توھان به ھن جا ناز برداشت ڪريو. قيوم صاحب ان ڳالھ تي ڏاڍو پريشان ٿيو… ميٽنگ کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب، ڊاڪٽر اجمل صاحب کي راوي جو نگران مقرر ڪري ڇڏيو ۽ منھنجو ايڊيٽوريل جيئن جو تيئن ڇپجي ويو… عجيب اتفاق آھي جو ڪجھ سالن بعد قيوم صاحب رٽائر ٿي اورئنٽل ڪاليج ھليو ويو ته منھنجي ان سان تمام سٺي دوستي شروع ٿي وئي، ھاڻ ھو ھر ھفتي خاص طور تي مون سان ملڻ ايندو ھو ۽ دير تائين مون سان ڪچھري ڪندو ھو، مان به ان سان اورئنٽل ڪاليج ملڻ ويندو ھئس، اسان جو بحث به گهڻو ٿيندو ھو ۽ ھو ٽھڪ ڏيئي منھنجين ڳالھين تي خوش به ٿيندو ھو. اسان جو اھو ئي قيوم صاحب جنھن مون کي پھرين ڪلاس مان ۽ پوءِ راوي مان ڪڍيو ھو، مون کي ايم اي جي امتحان جي ھڪ پرچي جو ايڪسٽرنل ايگزامينر ٺاھيو… شايد اھو به ڊاڪٽر صاحب جو ڪرشمو ھو، جنھن چيو ھو، قيوم صاحب توھان به سرمد جا ناز کڻو.

30 نومبر 1964ع تي گورنمينٽ ڪاليج جي ڪانووڪيشن ۾ فيلڊ مارشل صدر ايوب خان کي مهمان خاص ڪري سڏرايو ويو. ڊاڪٽر صاحب پرنسپل ھوندي اسان ڪڏھن ڪاليج جي اندر پوليس ڪونه ڏٺي ھئي، ان لاءِ جو پوليس کي اندر اچڻ جي اجازت ڪونه ھئي، ان ڪري صرف ايوب خان جي گاڏي اندر آئي، ايوب سان گڏ پنجاب جو گورنر نواب ڪالا باغ به ھو. تقريب شروع ٿي ته ڊاڪٽر صاحب ايوب خان کي مخاطب ڪندي تقرير جو آغاز يوئر ايڪسيلينسي مسٽر پريزيڊنٽ سان ڪيو، ان تي شاگردن ۾ ھڪ ڪاوڙ جي لھر ڊوڙي وئي، انھن جي خيال ۾ ھنن جي پرنسپل کي ھڪ ڊڪٽيٽر کي يوئر ايڪسيلينسي نه چوڻ کپندو ھو، انھن جو خيال ھو ته انھن جو پرنسپل ڪنھن به سياسي اقتدار رکندڙ شخص کان وڌيڪ عظيم آھي، ان ڪري جڏھن ايوب خان، نواب ڪالا باغ سان گڏ بخاري آڊيٽوريم جو افتتاح ڪري واپس وڃي رھيو ھو ته ڪاليج جي ڪنڊن پاسن کان انھن ٻنھي خلاف نعرن جا وڏا وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، ايوب ۽ گورنر ٻئي جلدي گاڏي ۾ ويھي ھليا ويا. انھيءَ ھفتي راوي جو نئون پرچو آيو جنھن جي انگريزي حصي جو اداريو انھيءَ تقرير جي حوالي سان لکيو ويو ھو، ايڊيٽر گهڻو ڪري مظفر عباس هو، هن ڊاڪٽر صاحب تي تنقيد ڪندي لکيو ته پرنسپل کي يور ايڪسيلينسي جي جاءِ تي صرف مسٽر پريزيڊنٽ چوڻ گھرجي ھا، مٿان حڪم آيو ته ھي شمارو ضبط ڪيو وڃي، پر ڊاڪٽر صاحب رسالو ضبط ڪرڻ کان معذرت ڪئي.

ڪجھ ڏينھن کانپوءِ جڏھن مان حسب معمول ڪينٽين ۾ ويٺو چانهه پي رھيو ھئس ته ڊاڪٽر صاحب آيو، ھو تمام جلدي ۾ نظر آيو (اوۓ سرمد توں چرس پینا شروع کردتی اے) اوئي سرمد تو چرس پيئڻ شروع ڪيو آھي؟ مان حيران ته ڊاڪٽر صاحب مون کي ڇا پيو چوي. نه سر مون ته اڄ تائين چرس جي شڪل ناھي ڏٺي. (اوۓ نھیں توں اج چرس پیندا رھیا ایں) نه تو اڄ چرس پيتو آھي… ھو اھو چئي ڪينٽين مان ٻاھر نڪري ويو. مون کي ھن جي ڳالھ تي ڪجھ شڪ پيو، مان اٿي ڪينٽين مان ٻاھر نڪتس ته ڏٺم تمام گھڻا ڇوڪرا ھڪ بليڪ بورڊ جي چوڌاري جمع ٿي رھيا ھئا، ويجھو آيس ته ڏٺم ان تي ڊاڪٽر صاحب جي ھٿ سان لکيل ھڪ پيغام ھو. هن کي گورنمينٽ ڪاليج مان بدلي ڪيو ويو ھو ۽ ھو شاگردن کي پرامن رھڻ جو پيغام ڏيئي ڪاليج مان ٻاھر نڪري ھليو ويو… ھڪدم مون کي سندس چرس واري ڳالھ ياد آئي. اسان فورن ڪلاسن ۾ وڃي ڊاڪٽر صاحب جي ٽرانسفر جي خبر پھچائڻ شروع ڪئي ۽ ڇوڪرن ڇوڪرين کي ڪلاس مان ٻاھر اچڻ لاءِ چيو. ڏسندي ڏسندي سڄو ڪاليج اوپن ايئر ۾ گڏ ٿي ويو. حڪومت جي خلاف زوردار تقريرون ٿيون ۽ اسٽرائيڪ جو اعلان ڪيو ويو. ھر روز ڪاليج جا سڀ ڇوڪرا ڇوڪريون گڏجي احتجاج ڪندا نعره لڳائيندا ھئا. اسان جو پيءُ اسان کي واپس ڪريو مون به ھڪ نعرن سان ڀرپور نظم لکيو، جيڪو ھر روز انھن جلسن ۾ پڙھيو ويندو ھو، ان جا ٻه شعر مون کي اڃان به ياد آھن:

کیوں علم کے رستے میں ھے دیوار حکومت،

کيوں علم کی گردن پہ ھے تلوار حکومت،

قاتل کا نھیں چور کا ڈاکو کا نھیں،

یہ ملک ھمارا ھے ھلاکو کا نھیں۔۔۔۔

ياد رھي ته ان وقت جي ڊي ايس پي جو نالو ھلاڪو ھو. ھي گورنمينٽ ڪاليج جي سڀ کان وڏي اسٽرائيڪ ھئي، جيڪا چار ڏينھن جاري رھي ۽ آخر نواب ڪالا باغ کي گورنمينٽ ڪاليج جي طالب علمن کي انھن جو والد واپس ڪرڻو پيو…

ڪافي سالن کانپوءِ مان جڏھن گورنمينٽ ڪاليج جي ھڪ ڪانووڪيشن ۾ ويس ته پنھنجي سامھون ھڪ انتھائي بدشڪل ڪارو گيٽ ڏسي اچرج ۾ پئجي ويس، اسان جي زماني ۾ ھتي ھڪ خوبصورت سلور رنگ جو نازڪ قسم جو گيٽ ھوندو ھو جيڪو گهڻو ڪري کليل رھندو ھو. اندر ويس ته شاگردن کان وڌيڪ پوليس نظر آئي… پوليس؟ گورنمينٽ ڪاليج ۾؟؟ پرنسپال کان پڇيم ته ھن فرمايو وزيراعليٰ تشريف فرما ٿيڻ وارو آھي.

ته پوءِ ڇا آھي؟ مون چيو،

ان تي ھو ٿورو گهٻراهٽ جو شڪار ٿي شرمندگيءَ سان مرڪيو ۽ ماٺ ٿي ويو. ان تي مون ھن کي ايوب خان ۽ ڊاڪٽر صاحب جو واقعو ٻڌايو ۽ چيو اسان جي زماني ۾ ڪاليج جي اندر پوليس جي داخلا بند هئي ۽ اسان اھو به برداشت نٿي ڪري سگھياسين ته اسان جو پرنسپل ڪنھن ڊڪٽيٽر کي يوئر ايڪسيلنسي چوي،

ڇو سر؟

ان لاءِ ته اسان جي لاءِ ڪنھن به اعليٰ تعليمي اداري جو پرنسپل جو مرتبو حڪمران وقت کان مٿانهون ھوندو آھي، پر سر، ڏکيائي اھا آھي ته ان لاءِ ڊاڪٽر نذير بڻجڻو پوندو آھي.

…(پورو ٿيو)…