بلاگخاصنئون

شھيد راڻي بينظير ڀٽو جو مبارڪن ڀريو جنم ڏينهن

سنڌ پنهنجن داناءَ شخصيتن، ڏاھپ ڌڻين، گهڻو پڙھيل ڪيترن سياستدانن، نامور علمي ادبي ھستين طور به مشھور ۽ بلند ڏسجي ٿي. ھتي جي گھڻن تعليم يافتا سياستدانن مان ڳڙھي خدا بخش/رتوديرو، لاڙڪاڻو جو “ڀٽو” خاندان پنهنجي وضعداري، راڄ ڀاڳ، برادري، زمينداري، سرداري، تعليمي لياقتن، سياست، نياز نوڙت، محبتن ۽ سماج ۾ پنهنجي خاص حيثيت طور مشھوري سڃاڻپ ۽ اھميت رکي ٿو. ھن خاندان ۾ سر شاھنواز ڀٽو پنهنجي لياقتن موجب سرگرم سياست ڪندي پنهنجو وقار ۽ معيار جدا رکندڙ چند معززين ۾ سرفھرست سمجھيو وڃي ٿو.
اھڙي طرح سندس فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت جو به نرالو انداز ۽ مقبوليت ايتري قدر رھي جو ڀٽو صاحب دنيا جي گھڻن مقبول سياسي ليڊرن جي صفن ۾ بيھڻ لڳو. سندس مقبوليت سبب پاڻ پاڪستان ۾ 1970ع وارين چونڊن کانپوءِ “وزير اعظم” جو منصب ماڻيو ۽ تاريخ ساز فيصلا ڪيا. سندس مقبوليت کي “آمريڪا” جي پاليسي ساز ادارن پسند نه ڪندي ان کي پنهنجي خلاف سمجھيو ان ڪري پاڪستان جي چونڊيل وزيراعظم خلاف سازش تيار ٿي جنهن ۾ آمريڪي مرضين جي ابتڙ فيصلن سان ايشيا جي مقبول عوامي رھنما کي ڦاسي جي تختي تي آڻي ڦاسي ڏني وئي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ سندس فرزندن کي به مختلف سازشن سان مارايو ويو.!!
آخرڪار شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر 21 جون 1953ع ۾ نياڻي “محترمه بينظير ڀٽو عرف پنڪي” جو سڀاڳو جنم ٿيو. بينظير پنهنجي علمي شوق، اعليٰ قسم جي گهرو ماحول ۾ پرورش پاتي. جنھن ڪري پاڻ قدآور شخصيت طور اڀرندي ڏسڻ ۾ آئي. ويتر شاندار تعليم، سياست تي عبور رکندڙ، بين الاقوامي ملڪن ۽ حڪومتي سربراھن سان سياسي رابطن، لاڳاپن جي جيڪا تعليم ورثي ۾ ملي تنھن کي وڌيڪ شانائتي انداز سان اڳتي وڌائي پنهنجو نالو روشن ڪرايائين. اھڙي ريت پاڪستان جي سياست ۾ گهڻو پڙھيل ھن سياسي ليڊر پنھنجي ملڪي مفادن وٽان دنيا جي ڪيترن ملڪن جي سربراھن سان ڳالھين وسيلي ملڪ جي ڀلائي ۽ خوشحالي جا فيصلا ڪري پنهنجي ملڪ جو نالو عزت ۽ وقار سان بلند ڪرايو.
شھيد راڻي جي دور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي تنظيم سازيءَ کي بھتر بڻائيندي منظم ڪري پ پ کي پنهنجي والد محترم وانگر جھر جھنگ عام ڪندي منظم ڪيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو جو وزارت عظميٰ واري دور ۾ پاڪستان سفارتي طور ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ ڪيترا بھتر سياسي فيصلا ڪري ملڪ جي وقار کي بلند ڪيو.
محترمه جي دور ۾ پيپلز پارٽي جي وفادار بھادر عھديدارن، ڪارڪنن ۽ ورڪرن جي عزت احترام جو خيال رکي سندن ھمت افزائي ڪئي ويندي ھئي. جمھوري انداز ۾ ملڪ توڙي پارٽي جا فيصلا ڪيا ويندا ھئا ڪرپٽ مافيائن جي داخلا تي پابندي هئي. ادارن ۾ ڪرپشن جھڙي موذي مرض طرف ايترو لاڙو نٿي ڏٺو جيتري قدر اڄڪلھ رشوت پنهنجي عروج تي پھچي ملڪ جي بنيادن کي لوڏي چڪي آھي. ادارن جا ادارا ڪرپٽ مافيائن جي مستيءَ سبب ترقي ۽ عوامي خوشحاليءَ جا خواب ڀور ڀور ٿيڻ لڳا آھن. شھيد راڻي جو ھڪ پنهنجو سياسي مزاج ۽ انداز ھو جنهن سان پاڻ پنهنجي پارٽي جي قيادت سان رابطو رکندي ھئي. بينظير صاحبه جي سياست ۽ مقبوليت کي “ڀٽوز دشمنن” پسند نه ڪندي سازشون ڪيون جيڪي نيٺ پنجاب صوبي جي لياقت باغ راولپنڊي ۾ ڪيل جلسي بعد دھشتگردي جي خوني حملي سان ڪامياب ويون. پاڻ مقبوليت جي وڌندڙ گراف طرف کلندي ۽ مسڪرائيندي شھادت جو بلند مرتبو حاصل ڪري هميشه لاءِ امر بڻجي وئي!
اڄ بينظير صاحبه جي سالگره جي ڏينهن تي سچار ڪارڪنن ۽ ھمدردن ۽ ووٽرن ۾ محترمه جي ياد تازه ٿي ڏسجي اھي ڏک ۽ خوشيءَ وچان لڙڪ ھاري کيس محبت ڀريا اڻ ڳڻيا “سلام” پيش ڪن ٿا.
محترمه جي دردناڪ شھادت کانپوءِ پ پ جي مقبوليت کي ڌڪ لڳو ۽ پارٽي وسيع ٿيڻ بجاءِ محدود ٿيندي تنقيدن توڙي الزامن جي گھيري ۾ ڏسجي ٿي. ڇو جو اقتدار ھوندي به پارٽي اھي عوامي ڪم، ترقي خوشحالي ۽ روزگار ڏيارڻ وارا منصوبا عام نه ڪري سگھي آھي، جنهن جون وڏيون اميدون لاڳو ٿيل ھيون.! پارٽي جا ڪيترائي چونڊيل نمائنده عوام سان رابطن ۽ عوامي شڪايتن جو درمان ٿيڻ بجاءِ گم سم رھڻ لڳا آھن. اھڙين حالتن ۾ خاص طور سنڌ صوبي جي عوام کي ڪيترن مسئلن ۽ بدامني جي اوڙاھ سبب پ پ حڪومت بابت تحفظات رھڻ لڳا آھن. اڄ سالگره جي خوشين ڀري ڏھاڙي تي پيپلزپارٽي مرڪزي خاص طور صوبي سنڌ جي پارٽي کي پ پ جي اقتدار مٿان عوام جي ناراضگين، ڪاوڙن، مايوسين ۽ سندن آسرا ختم ڪرڻ طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت سمجھي وڃي ٿي. ان مناسبت سان حڪومتي ڪارڪردگيءَ جي گراف کي بلند ڪرڻ طرف پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي.
ڇو ته اھوئي شھيد ڀٽوز جو مشن ھو ته عوامي ڀلائي ترقي ۽ خوشحالي توڙي ملڪ کي مضبوط ڪيو وڃي. سڀني جمھوريت پسندن کي پ پ جي عوامي رھنما ۽ پاڪستان جي وزيراعظم جا عزت ڀريا منصب ماڻيندڙ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 71 ھين سالگره جون مبارڪون پيش ڪجن ٿيون.