سنڌ ۾ سالن کان جاري ڪارو ڪاري واري سنگين ڏوهه واري رسم، جنهن جي ڪري روز جي بنياد تي ڪيتريون ئي جوان ۽ معصوم زندگيون بغير ڪنهن داد ۽ فرياد جي ڪهاڙي ۽ بندوق جي ور چاڙهيون، ماريون وڃن پيون يا خودڪشين تي مجبور ڪيون وڃن پيون ۽ اڃان به خبر نه آهي ته ڪيترا ڪلور باقي ٿيڻا آهن ۽ ٿيندا، رواجي غيرت جو بي غيرت تصور سانڍي بي شرمي سان گلو کولي هلندڙ جائز محبت ۽ جائز تعلق جو دشمن اسان جو رواجي مرد جڏهن ڪنهن شڪ ۾ مبتلا ٿئي ٿو يا ڪو مالي فائدو سوچي ٿو تڏهن پنهنجي زال، ڌيءَ، ڀيڻ، ڀاڄائي يا ننهن جي وضاحت ۽ صفائي ٻڌڻ کانسواءِ نام نهاد غيرت جو نالو ڏئي، “ڪاري“ جو بھانو بڻائي عورت کي قتل ڪري ٿو، اھڙي قاتل لاءِ سئو گنجائشون به ڪڍي ٿو، ٿورن ئي سالن ۾ ھڪڙي معاملي مان آجو ٿي ٻيهر ساڳيا فرض پورا ڪرڻ لاءِ آزاد به ڪيو وڃي ٿو، ايئن اھو سلسلو سماجي روايت بڻجي اڳتي وڌي پيو.
اسان جي هن دور ۾ اها ڳالھ چٽي ٿي وئي آهي ته هر ماڻهو محبت ۽ نفرت سکيا جي بجاءِ پنهنجي شخصي سوچ، پسنديده رويي ۽ طاقت جي غلط استعمال سان ڪندو اچي، جنهن ماڻهو جي جهڙي جذباتي حالت هوندي، اهو محبت ۽ نفرت ان ئي بنياد تي پنهنجي انداز ۾ ڪندو، اهڙي محبت جيڪا ڪنهن کي ڪنهن لاءِ سر اڏي تي رکي قربان ڪرڻ لاءِ همٿائي يا اهڙي محبت جيڪا انسان کي هڪ ڌڪ ۾ ڪنهن جي جان وٺڻ تي مجبور ڪري. اهي ٻئي رويا ان شخص جي پنهنجي بنيادي سوچ تي مدار رکن ٿا، پهريون رويو پاڻ مارڻ واري عمل مان گذرڻ لاءِ تيار ڪري ٿو ۽ ٻيو رويو اهو ثابت ٿو ڪري ته هو ٻئي جي وجود کي پنهنجي وجود جي نفي ٿو سمجهي، ان ڪري ان کي قتل ڪريو ڇڏي، هڪڙو رويو بدترين مايوسي ۽ بي غيرتائي آهي ته ٻيو رويو بدترين شڪست آهي. اهي ٻئي رويا ڪنهن نارمل ماڻهو جا رويا ٿي نٿا سگهن، ڏوھ چاهي معمولي چوري جو هجي يا قتل جو، ان جي پويان ڏوهاري جي جذباتي شخصيت، روايتون ۽ سماجي مائينڊ سيٽ ئي ملوث هوندا آهن.
جڏھن ننڍي کان ننڍو ۽ وڏي کان وڏو ڏوھ، ڏوهاري جي ايب نارمل هجڻ جو نتيجو ۽ ثبوت آهي ۽ معمولي جهيڙو ۽ ان جو نتيجو “خون“ بنيادي طور تي غيرت ۽ انا جو نتيجو آهي ته پوءِ ڪنهن کي شڪ يا پڪ جي بنياد تي مارڻ واري ماڻهو جي غيرت جي ڪڌي عمل جو سچو معيار ڇو ٿو بڻايو وڃي ۽ اهڙي قاتل کي “غيرت ۾ اچڻ“ جو فائدو ڏئي ڇو ٿو ڇڏيو وڃي؟؟
در حقيقت مجموعي طور تي عورت بطور عورت مرد جي روحاني طور تي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري آهي، جنهن کي مرد سماجي سطح تي پنهنجي لڄ ۽ عزت جي نالي ۾ ذاتي ملڪيت بنائي رکڻ گھري ٿو ان وٽ ان کان وڌيڪ مھذب رستو ٻيو ڪو به ناھي، جنهن ۾ عورت کي عورت هجڻ جو نقصان ۽ مرد کي مرد هجڻ جو فائدو ملندو رهيو آهي. جڏھن ته جنھن کي لڄ سمجھي ٿو ان جي حفاظت ۽ عزت به نٿو ڪري سگھي.
سچ ته اسان جو مرداڻو سماج هزارين براين، بڇڙائين جو ڳڙھ آهي جتي بامقصد تعليم، جيڪا انسان کي انسان جو احترام ۽ ٻي جو احساس سيکاري، جي وڏي کوٽ هئڻ ڪري خود غرضي، لالچ، ٻئي جو حق ڦٻائڻ سان ٻئي کي ڪمزور ڪري پاڻ طاقتور ٿيڻ واري خطرناڪ لاڙي سبب ماڻهو ماڻهو جو قاتل دشمن بڻيل آهي، پاڻي جي واري، گاھ جي ڀيل، ڳوٺ جي پاسي مان مٽڻ، سلام ڪرڻ يا نه ڪرڻ، يار ڏانهن اک کڻي ڏسڻ، ڪتي يا ٻڪري، سنبوسي جي چٽڻي جھڙن معاملن تان وڏن جهيڙن جا بنياد پون ٿا. نتيجي ۾ سڌيون گوليون ۽ سڌيون ڪهاڙيون هلن ٿيون، ماڻهو ڦٿڪي ڦٿڪي مرن ٿا، گهرن جون اڌوريون خوشيون ماتمن ۾ بدلجو وڃن، هڪ طرف جي حل طلب نفرت جو ازالو نه ٿيڻ جي صورت ۾ قاتل نفرتون هر طرف پکڙيو وڃن. شخصي نفرتون، خانداني جهيڙن کانپوءِ وڏن تڪرارن جو رنگ اختيار ڪريو وٺن. اهڙي صورتحال ۾ عورت جنهن کي معمولي ۽ هڪ هزار رپين واري ٻڪري کان به گهٽ درجو ڏنو ويندو آهي مرد ان کي دشمنيون نڀائڻ لاءِ ٻارڻ بڻائڻ جي به ڪوشش ڪندو آهي. پنھنجن مرداڻن جھيڙن ۾ ان کي سڱ چٽي طور به ڏئي ڇڏيندو آھي ته ڪڏھن ان کي جوا ۾ به ھارائي ٻي جي حوالي ڪري ڇڏيندو آھي، حقيقتون گواھ آهن ته روايتي غيرت جو پٽڪو ٻڌندڙ مردن ٻئي جي زمين تي قبضو ڪرڻ، قرض مان جان آجي ڪرائڻ، ٻي شادي ڪرڻ يا دشمن کي جيل موڪلڻ جهڙين خواهشن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ پنهنجين ڌيئرن، زالن ۽ ڀيڻن جهڙن رشتن تي ڪاري هجڻ جو ڪوڙو الزام هڻي کين بي دردي سان قتل ڪيو آهي ۽ وڏي بيشرمائي سان مڇيون وٽي نه پڇتائڻ جو ڍونگ رچايو آهي ۽ پاڻ کي غيرتي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آھي، معاملي جو پس منظر ڇا به هجي؟ گهڻو ڪري ڪاري ڪري مارڻ جو سهارو ان ڪري ورتو ويندو آهي ته جيئن 302 جي ڪيس مان جلدي جان ڇڏائي گهر موٽي اچجي، يا جرڳي ذريعي پاڻ بچائي ۽ ٻين کي مصيبتن ۾ وجھي وڃجي.
لاڙ جي ننڍڙي شهر مويا ويجهو هڪ غيرتي پٽ، آدم خور جي شوشي جو وقتي فائدو وٺي پنهنجي زال کي قتل ڪرڻ جو ڊرامو ڪري سگهي ٿو ته پوءِ سالن کان جاري، ”ڪاريءَ“ واري گندي ۽ بدنام رسم جو ته انتهائي منظم طريقي سان دشمنيون نڀائڻ ۽ جان ڇڏائڻ لاءِ سهارو ورتو ويندو هوندو. ان جي باوجود به هڪ اڌ ڪيس جي سچي هجڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، جنهن جو سبب عورت ۽ مرد جي ناجائز تعلق تي هجي، پر ان معاملي ۾ به ڪنھن کي قتل ڪرڻ جو ڪوبه جواز نٿو نڪري، انگريزن جي جوڙيل سزائن واري قانون ۾ عزت کي للڪاري غيرت ۾ بدلائڻ واري معاملي کي اھميت ڏئي، غيرت جو ٿورو احترام ڪيو ويو ھو، شايد انگريزن کي اھا خبر نه ھئي ته ھتان جا ماڻھو ان گنجائش جو به ڪو ناجائز فائدو کڻندا، ڪوڙي غيرت جي آڙ وٺي قتل جو بھانو بڻائيندا.
عورت ۽ مرد جي ناجائز تعلق جي آخري حد زنا جو ڏوھ آهي. اچو ته هاڻي عورت ۽ مرد جي زنا تائين وڌيل ناجائز لاڳاپي بابت مختلف مذهبن ۽ سماجن جي قانون ۽ سزائن جي صورتحال جو جائزو وٺون ۽ ان کانپوءِ ان ڏس ۾ اسلامي آدرش، قانون ۽ سزا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري بيغيرت مرد جي غيرت ۽ ذهني غربت تي ٿورو ماتم ڪريون.
زنا جي سزائن جي تاريخ:
عام ڳالھ آهي ته زنا عورت ۽ مرد جي جائز تعلق نڪاح بنا ڪيل جنسي عمل کي چيو وڃي ٿو. جنھن ھاڻ پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ Fornication جو نالو ڏئي، معمولي سزا وارو ڏوھ قرار ڏنو ويو آھي، جيڪا سزا 5 سال قيد تائين آھي، تاريخ جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته زنا کي شروع کان ئي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، شادي شده عورت سان زنا ۽ غير شادي شده عورت سان زنا. انهن ٻنهي صورتن ۾ سڄي تاريخ ۾ زنا جون ڌار ڌار سزائون طئي ڪيون ويون آهن.
شايد انهيءَ ڪري به جو عورت کي سڄي تاريخ ۾ مرد جي ذاتي ملڪيت يا جائيداد جو درجو مليل رهيو آهي. جڏهن هوءَ ڪنهن مرد جي نه ٿي آهي ته گهٽ سزا وارو معاملو ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن ڪنهن مرد جي ملڪيت يا زندگي ۾ اچي ٿي يا مرد جي نالي سان جڙي ٿي ته سندس ساڳي ڏوھ جي سزا قانون ۾ پهرين کان ڏھوڻي وڏي سزا ٿيو پوي، قديم سماجن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪنواري عورت سان زنا کي ڏوھ ئي نه سمجهيو ويو آهي ۽ ڪٿي وري ان لاءِ معمولي سزا طئي ڪئي وئي آهي، قديم مصر، بابل، اسيريا ۽ قديم هندستان جي قانونن ۾ عورت غير شادي شده واري حالت ۾ زنا جي ڏوھ جي معمولي سزا رکيل ھئي. اهڙو قاعدو ساڳي طرح يونان ۽ روم ۾ به اختيار ڪيو ويو، جنهن کان يهودين اثر قبوليو. بائبل ۾ اهڙي عورت جيڪا اڃان ڪنهن جي نالي نه ٿي آهي، سان زنا جي سزا معمولي ڏنڊ رکي وئي آهي. ڪتاب خروج جي 22 باب جي 28 ۽ 29 نمبر سٽن ۾ چٽو لکيو پيو آهي ته جيڪڏهن ڪو مرد ڪنهن اهڙي ڪنواريءَ سان زنا ڪري جيڪا اڃان ڪنهن جي نالي نه ڪئي ويئي آهي ته پوءِ ان زاني تي لازمي ٿئي ٿو ته ان عورت سان نڪاح ڪري کيس باقائده زال بڻائي، پر جيڪڏهن ڇوڪري جو پيءُ سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري ته پوءِ زاني شخص حق مهر جي رقم ڏنڊ طور ڀري ڏي. ساڳي ڪتاب ۾ ٻٽو معيار هن طرح ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻائي جي نياڻي سان زنا ڪري ته ان کي ڦاهي تي چاڙهيو وڃي ۽ ڇوڪريءَ کي جيئرو ساڙيو وڃي. سزا جو اهڙو ساڳيو نمونو قديم هندستان ۾ به قائم رھيو.
ادهيا 8 اشلوڪ 365 ۽ 366 ۾ آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي ذات واري ڪنواري سان ان جي رضامندي سان ڪجھ به ڪري ته اهو سزا جي لائق نه آهي، پر جيڪڏهن عورت اوچي ذات جي آهي ۽ مرد گهٽ ذات جو آهي ته پوءِ ڇوڪريءَ کي گهر نيڪالي ڏني وڃي ۽ مرد جون ٽنگون ٻانهون ڀڃي ڇڏڻ گهرجن، مٿئين قانون ۾ ٻئي جي عورت سان زنا اصل ڏوھ آهي. مطلب ته ڪو شخص شادي شده آهي يا غير شادي شده ڪنهن اهڙي عورت سان صحبت ڪري جيڪا ڪنهن شخص جي زال آهي يا ڪنهن جي نالي ٿيل آهي ته اهو گناھ آهي، هن فعل کي گناھ چوڻ جو سبب اهو نه آهي ته مرد ۽ عورت زنا ڪيو آهي بلڪه هي عمل گناھ رڳو ان ڪري لڳي ٿو جو ان جي ڪري شايد ڪنهن مرد کي اهڙو ٻار نه پالڻو پوي جيڪو حقيقت ۾ هن جو نه هجي. ان خطري کان بچڻ لاءِ شادي شده عورت سان ٻئي شخص جي صحبت کي گناھ جو درجو ڏنو ويو آهي. مصر جي ماڻهن وٽ اهڙي گناھ جي سزا مرد کي لٺين سان ڪٽڻ ۽ عورت جو نڪ وڍي ڇڏڻ مقرر ٿيل هئي. لڳ ڀڳ اهڙي نموني جون سزائون ان دور ۾ بابل، اشوَر ۽ ايران ۾ به رائج هيون، هندن وٽ عورت لاءِ ان فعل تي کيس ڪُتن کان ڏاڙائڻ ۽ مرد کي لوھ جي کٽ تي سمهاري ان جي چئني پاسن کان باھ ٻاري کيس سخت تپش ڏيڻ جي سزا هئي. شروع ۾ يونان ۽ روم ۾ مرد کي اهو حق حاصل هو ته پنهنجي زال کي ڪنهن سان زنا واري حالت ۾ ڏسي ته ان کي قتل ڪري ڇڏي (جيئن پاڪستان ۾ قبائلي نظام ۽ سنڌ ۾ مرد ڪري رهيا آهن) يا ان فعل عيوض زاني کان ڏنڊ ڀرائي، مگر پوءِ پهرين صدي ق. م ۾ قيصر آگسٽ اهو طئي ڪيو ته اهڙو فعل ڪرڻ تي مرد جي ملڪيت جو ٽيون حصو ضبط ڪري ان کي شهر نيڪالي ڏني وڃي يعني هڪڙي کي ملڪ نيڪالي ۽ ٻئي کي شهر نيڪالي جيئن هو پري رهن هڪ ٻئي سان نه ملي سگهن. بعد ۾ ان قانون کي تبديل ڪري ٻنهي کي موت جي سزا ۾ بدلايو ويو. ليو ۽ ماريس جي زماني ۾ انهي سزا کي عمر قيد ۾ بدلايو ويو وري قيصر جسٽينن ان ۾ وڌيڪ سادگي آڻي اهو قاعدو واضح ڪيو ته عورت کي چهٻڪ سان ٺاهوڪي ڪُٽ ڏني وڃي ۽ ان کي راهب خاني ۾ رکيو وڃي ۽ سندس مڙس کي اهو حق ڏنو وڃي ته هو پنهنجي زال کي وڻيس ته ٻن سالن اندر گهرائي وٺي وڻيس ته کيس اتي عمر ڀر رکي. يهودين ۾ ڪو شخص ڪنهن جي ٻانهي سان زنا ڪري ته ٻنهي کي سزا ڏني وڃي پر ڪنهن کي به قتل نه ڪيو وڃي ڇو ته عورت آزاد نه هئي پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن جي زال سان زنا ڪري ته ٻنهي کي قتل ڪيو وڃي. ان کان علاوه جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن جي نالي ڪيل آهي يا ڪنهن جي زال آهي ۽ ان سان ڪو شخص وچ بازار ۾ زنا ڪري ته ٻنهي کي وچ شهر ۾ سنگسار ڪري ماريو وڃي جو قانون ھو. عورت کي ان لاءِ ته هن دانهون ڇو نه ڪيون مرد کي ان لاءِ ته هن ڪنهن جي زال کي خراب ڪيو. ان کان سواءِ اهو به قانون هو ته ڪنهن مڙس واري مائي کي ڪو جهنگ ۾ زوري زنا جو نشانو بڻائي ته ان صورت ۾ زاني کي ماريو وڃي ۽ عورت کي ڪجھ به نه ڪيو وڃي. ڇو ته هو پنهنجي وس ۾ نه هئي. حضرت عيسيٰ عليه اسلام کان اڳ ۾ يهودين اهڙن قانونن کي عملي طور تي ختم ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ اهڙا حڪم بائبل ۾ موجود هئا، جڏهن حضرت عيسيٰ عه پيغام کڻي اٿيو تڏهن يهودين هڪ اهڙِي عورت کي وٽس سزا لاءِ اندو جنهن تي زنا جو الزام هو. حضرت عيسيٰ عه ان عورت کي سزا ڏيڻ لاءِ اهو فيصلو ڏنو ته هن کي اهو شخص پٿر هڻي جنهن زندگي ۾ هِن جهڙو گناھ نه ڪيو آهي، اهو ٻڌي سمورا ماڻهو ان عورت کي اڪيلو ڇڏي هليا ويا ۽ ثابت ڪيائون ته هو اهڙا پاڪ دامن نه آهي، جو ان عورت کي سنگسار ڪري سگهن. اهي ان وقت جا يهودي هئا جن پنهنجي اندر جي لڪل گناھ کي ظاهر ڪيو ۽ زاني هجڻ واري حالت ۾ ساڳئي ڏوھ واري عورت کي پٿر هڻڻ کان پاسو ڪيو، مگر رڳو شڪ جي بنياد تي ڪنهن عورت جو ڪنڌ لاهيندڙ 21 صدي جو سنڌي پنهنجي گريبان ۾ جاچڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، حضرت عيسيٰ عه جي ان واقعي ۽ ڪجھ ٻين قولن مان عيسائين پنهنجون معنائون ڪڍي زنا جي جرم بابت نئون تصور قائم ڪري ورتو. عيسائي نظريي موجب جيڪڏهن ڪو غير شادي شده مرد ڪنهن غير شادي شده عورت سان زنا ڪري ٿو ته اهو ڪو به وڏو گناھ نه سمجهيو ويو آهي، اهو به رڳو ان ڪري جو عورت پنهنجي مڙس ۽ مڙس پنهنجي زال سان ان واعدي کي ٽوڙيو آهي جيڪو شادي وقت ٻنهي پادري جي سامهون ڪيو هو، زال يا مڙس اهڙي واعدي خلافي جي دعويٰ تحت هڪ ٻئي کان الڳ ٿي سگهن ٿا.