عمران جو اصل امتحان هاڻ شروع ٿيو آهي
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان وٽ سياستدان اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار رهيا آهن، ڀلي ڪو اعتراض ڪري ته ان کي حق آهي، پر ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي ميان نواز شريف ۽ عمران خان، شيخ رشيد چواڻي ته گيٽ نمبر.4 جي پئداوار آهن، ڏوهه ڪنهن جو؟ اسٽيبلشمينٽ جو، جو پنهنجو ڪم ڇڏي سياست ۾ مداخلت ڪري ۽ سياسي ليڊر ٺاهي ٿي ۽ وري اهي ئي سياسي ليڊر جڏهن سندس هر ڳالهه جي مڃڻ کان انڪاري ٿين ٿا ته پوءِ به اهي ٺهيل بت پنهنجي هٿ سان ڊاهي ٿي، ڏوهاري ته ٻئي آهن، ٺهڻ وارا ۽ ٺاهڻ وارا. عمران خان نيازي جو سياست ۾ اچڻ کان صاف انڪار هوندو هو، ٽي.وي تي سندس ئي انٽرويو ڏسي سگهجن ٿا، هڪ انٽرويو ۾ چيو هئائين ته مان خودڪشي ڪندس پر سياست ۾ نه ايندس، مونکي ڪهڙي پرواهه آهي پوري دنيا مون کي سڃاڻي ٿي، مان ورلڊ سيليبرٽي آهيان، ۽ ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه هو، پوءِ هن کي 1996 ۾ لانچ ڪيو ويو، لانچنگ ٺيڪ نه هئي ان ڪري 2002ع تائين سياست ۾ ڪو خاص ٻوٽو ٻاري نه سگهيو، 2002 واري اليڪشن ۾ صرف هڪ سيٽ کٽيائين سا به ميانوالي ۾، باقي سيٽن ۾ ته سندس ضمانت ضبط ٿي وئي هئي، 2008 جي اليڪشن ۾ بائڪاٽ ڪيائين، 2012 ۾ هن کي ٺيڪ طرح سان لانچ ڪيو ويو، جڏهن لاهور جي مينارِ پاڪستان ۾ سندس جلسو ڪرايو ويو ۽ ان کي ڀرپور نموني سان ڪامياب ڪرايو ويو، پر 2013 جي اليڪشن ۾ به کيس خاطر خواهه ڪاميابي نه ملي، پيپلز پارٽي جي خراب پوزيشن جي باوجود پي ٽي آئي نمبر 3 جماعت جي طور تي پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ آئي، پر ڪي پي ڪي ۾ اڪثريتي پارٽي هجڻ جي ڪري ميان نواز شريف سياسي اصول تحت فيصلو ڪري، پي ٽي آئي کي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ پيدا نه ڪئي، 2014 جي ڪهاڻي اسانجي اڳيان روزِ روشن جيان آهي، جن هن کي آندو علامه طاهر القادري کي وٺي آيا۽ پوءِ جيڪو هنن هنگامو، ناٽڪ اسلام آباد ۾ ڪيو، ان ڪري پاڪستان کي معاشي طور انتهائي گهڻو نقصان ٿيو، چين جي صدر جو مقرر ٿيل دورو ڪينسل ٿي ويو، مارشل لا جا امڪان وڌي ويا، ان ڌرڻي جي پڇاڙي ۾ 200 ماڻهو به نه هوندا هئا، پوءِ به ميڊيا چوڻ وارن جي چوڻ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ عمران خان کي ڪوريج ڏيندي هئي، ان ڌرڻي جو اختتام اي پي ايس پشاور جي اندوهناڪ واقعي تي ٿيو، وس وارن کي نواز شريف نه وڻيو ۽ نواز شريف کي ٽيون دفعو عدالتي تلوار جي ذريعي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ان وقت جون معاشي حالتون اڄ جي حالتن کان 100 دفعا بهتر هيون، 2017 کي 6 سال گذريا آهن، پئٽرول 70 رپيا ليٽر، ڊالر 105 رپيا، کائڻ جو تيل 180 رپيا، اٽي جو ڪلو 40 رپيا، ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ چوندي هئي ته معاشي حالتون خراب آهن، پوءِ هنن وڃي آمريڪا ۾ پاپا جونز پيزا ۽ ٻيا ڪاروبار ڪيا، پاڪستان سان هنن جي ايتري محبت هئي، عمران خان ته ويو، ڪهڙي به نموني سان. ڪيئن نه فخر سان چوندو هو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ اسان هڪ پيج تي آهيون، ڪهڙي پارٽي جو سياسي اڳواڻ سواءِ مولانا فضل الرحمان جي جيل ۾ نه هو، ۽ جيل به مهينن جا مهينا، ايترو طاقت وارو وزيراعظم هڪ عدم اعتماد جي رٿ کي آئيني ۽ قانوني طور منهن ڏيئي نه سگهيو، انهيءَ امتحان ۾ اسان چئون ته ناڪام ٿيو. پي ڊي ايم جي حڪومت اچڻ کانپوءِ به پي ٽي آئي وٽ 165/160 کان مٿي ايم اين ايز جون سيٽون هيون، سينيٽ ۾ اڪثريتي پارٽي هئي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آئي جي حڪومت هئي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آئي جي حڪومت هئي، ايتري مضبوط پوزيشن جي باوجود هڪ سال جي اندر پنهنجي پيرن تي ڪهاڙيون هڻندي 9 مئي تائين پاڻ کي ڪٿي پهچايائين؟ اسان کي ياد آهي 1997 جي اليڪشن ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي صرف 16 سيٽون مليون هيون، پوءِ به هو اپوزيشن ۾ ويٺي ۽ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي هئي. عمران خان صاحب سياستدان ان کي چئبو آهي، اوهان وانگر نه ته پنهنجا پر پاڻ ڪٽي ۽ ويٺو دانهون ڪري، اسان ڳالهه ٿا ڪريون ته سياستدان جي حيثيت ۾ عمران خان جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي نه رهي آهي، ڪو دوست اختلاف ڪري ته ان جي راءِ جو احترام آهي، 9 مئي 2023 تائين کيس مليل ٻئي بيساکيون کسجي چڪيون آهن، عطاءِ فيض ختم ٿي وئي آهي، ڪو شڪ نه آهي ته عوام ۾ ڪنهن قدر مقبول آهي، پر ان مقبوليت کي پنهنجي ڪارڪنن جي ذريعي گذريل 2 ڏينهن ۾ جهڙي طرح شرپسندي ۽ انارڪي ۾ تبديل ڪيو آهي ۽ ڪري پيو، کيس ان مان ڪوبه فائدو نه پر تمام گهڻو نقصان پوندو، رياست سان هٿيارن ذريعي نٿو وڙهي سگهجي، سياستدان وٽ سياسي پاور هوندو آهي، پر امن جلسا هوندا آهن، ماڻهن جا ميڙاڪا هوندا آهن، 1986 جا ميڙاڪا، جيڪي 50 سال کان مٿي منهنجي عمر جا هوندا، انهن کان وسريا نه هوندا، ڀلي هو پيپلز پارٽي جي خلاف ڇو نه هجن، پر انهن ميڙاڪن ۾ گاڏيءَ جو هڪڙو شيشو به نه ڀڳو هو، سياست ان کي چئبو آهي، جيل ۾ وڃڻ، غلط الزامن تي وڃڻ، سياستدانن جي قسمت رهي آهي، لڳ ڀڳ سڀيئي سياستدان جيل ياترا ڪري چڪا آهن ۽ انهن جي جيل وڃڻ جي ڪري سندن ڪارڪن مظاهرا به ڪندا رهيا آهن، پر اهي مظاهرا ڪڏهن به پرتشدد نه هوندا آهن، لڳي ائين پيو ته ڪو ٽي پي پي جو اڳواڻ گرفتار ٿيو آهي. حالتون ۽ طاقتون عمران خان جي بلڪل خلاف آهن، امتحان هاڻي شروع ٿيو آهي، ڏسون ته همراهه آخر هن ڏکئي امتحان مان سُرخرو ٿئي ٿو يا گذريل سال کان وٺي آيل امتحانن وانگر ناڪام ٿيندو. عمران جو عمران کان وڌيڪ دشمن ڪير ناهي. اسان پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ دعاڳو آهيون ڇو ته معاشي حالتون جيئن پوءِ تيئن خراب ٿينديون ۽ عام ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال آهي ۽ ٿيندو. اميد ڪريون ٿا ته جيڪو به ٿئي ملڪ ۽ قوم لاءِ بهتر ٿئي.

