بلاگنئون

ڪتاب تي ٻه اکر‎

منھنجي سامھون نوجوان ڪھاڻيڪار مجيب اوٺي جي ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”غير موزون موسم جون ڪھاڻيون“ آھي… هي ڪتاب سڦلتا پبليڪيشن ڇاپيو آهي. ڪتاب جي ارپنا رحمت اللہ ماڃوٺي جي نالي ٿيل آھي، جيڪا پڻ پنھنجي دور جي ڪھاڻيڪار کي خوبصورت مڃتا آھي. ھن مجموعي جون سموريون ڪھاڻيون ھڪ اھڙي شخص جون ڪھاڻيون آھن جيڪو پنھنجي وجود جي ڳولا ۾ رڻ جو راھي آھي ۽ پنھنجي وجود جي مڪملتا جو متلاشي آھي. آئون وڌيڪ راءِ رکڻ کان بھتر سمجھان ٿو ته سندس ڪھاڻي ”خواب آور ماڻھوءَ جي دماغ جو ايڪسري“ مان ڪجهه سِٽون پڙھندڙن آڏو پيش ڪيان… ”ڪجھ ڏينھن کان پوءِ سندس سوچ ڌرتي متعلق گردش ڪرڻ لڳي ھئي، کيس ڌرتيءَ بابت فڪر ٿيڻ لڳو ھو… اھو فڪر ڌرتيءَ جو نه ھو، پر ڌرتيءَ تي رھندڙ مخلوق جو ھو. فڪر جي انھن ڏينھن ۾ اسان جي ملاقات ٿي ھئي، جنھن ۾ مون کان سوال پڇيائين، ”ان ماڻھوءَ کي ساھ جي تڪليف ٿيڻ گھرجي، جيڪو وڻ وڍي ٿو؟“ مون ترت کيس ڪو به جواب نه ڏنو ھو…
انھي سوال جو جواب ائين آھي، جيئن ڪنھن آئينه فروش کان پڇجي ته ”آئيني ۾ منھن ڏسندڙ کي پنھنجو اندر به نظر ايندو!؟“
آئون پنھنجي نوجوان لکندڙ دوستن کي گذارش ڪندس ته مجيب اوٺي جو ھي ڪتاب ”غير موزون موسم جون ڪھاڻيون“ ضرور پڙھڻ گھرجي..
***