سمرقند
قسط ويهين
ترجمو: زاهده ابڙو
اڃا هجوم حشاشيءَ کي ٽڪر ڪرڻ ۾ مصروف هو، ته پنج آفيسر نظام جي مئل جسم جي چوڌاري جمع ٿي ويا، جيڪو اڃا تائين گرم هو. سڀني جون اکيون آليون هيون ۽ انهن پنهنجو ساڄو هٿ اڳيان ڪندي يڪ آواز چيو: ”الله جي امان ۾، آقا- اوهانجو ڪوبه دشمن زنده نه بچندو!“
جيڪڏهن هو شروع ڪن ته ڪٿان کان؟ ڏوهارين جي فهرست ڊگهي هئي، پر نظام جا حڪم به نهايت واضح هئا، انهن پنجن ئي هڪ ٻئي سان ڪنهن به صلاح مشوري جي ضرورت محسوس نه ڪئي- سڀني گڏجي هڪ ئي نالو ڀڻڪيو ۽ ٻيهر پنهنجو ساڄو هٿ اڳيان ڪيو- ۽ پوءِ گوڏن ڀر جهڪي جسم کي گڏجي مٿي ڪيو، جنهن کي بيماريءَ سُڪائي پر هاڻي موت ڳرو ڪري ڇڏيو هو، ۽ ان کي جنازي جي شڪل ۾ سندس قيام گاهه تائين آندو، عورتون اڳ ئي اتي روڄ راڙي لاءِ جمع ٿي چڪيون هيون ۽ ميت کي ڏسندي ئي سندن رڙيون شروع ٿي ويون، جنهن هڪ آفيسر جي غم ۽ غصي کي ڀڙڪائي ڇڏيو: ”روڄ راڙو بند ڪيو، اڃا ته ان جو انتقام به ناهي ورتو!“ عورتون حيران ۽ پريشان ٿي ويون ۽ روڄ پٽڪو ڇڏي ان ماڻهو کي ڏسڻ لڳيون، جيڪو اتان پري ٿيڻ لڳو هو، جنهن جي وڃڻ کانپوءِ انهن وري پنهنجو روئڻ پٽڻ شروع ڪيو هو-
سلطان آيو- جڏهن پهرين روڄ راڙو شروع ٿيو هو، ان وقت هو ترڪين وٽ هو- هڪ خواجه سرا جنهن کي خبرچار وٺي اچڻ لاءِ موڪليو ويو هو، ڏڪندو ڏڪندو موٽيو- ”هو نظام الملڪ هو، آقا! هڪ قاتل مٿس حملا آور ٿيو هو- هن پنهنجي باقي زندگي اوهان کي نذر ڪري ڇڏي!“ سلطان ۽ سلطانه هڪ ٻئي سان نظرن ئي نظرن ۾ ڳالهايو جنهن کانپوءِ ملڪ شاهه اٿي بيٺو. هن پنهنجو ڊگهو قراقلي (رڍ جي کل مان ٺهيل) جبو پاتو، زال جي آئيني ۾ پنهنجي چهري کي ٺيڪ ڪيو ۽ پوءِ تيزيءَ سان مرڻ واري کي ڏسڻ لاءِ نڪري ويو، حيراني ۽ شديد غم جو مظاهرو ڪندي-
عورتون کيس پنهنجي ”اتا“ جي جسد خاڪيءَ طرف وڌڻ لاءِ جاءِ ڏيندي هڪ پاسي ٿي ويون- هو جُهڪيو، ڪا دعا پڙهي ۽ ڪجهه مناسب فقرا ادا ڪيا ۽ پوءِ محتاط خوشي ملهائڻ لاءِ ترڪين ڏانهن موٽي آيو-
ملڪ شاهه جو طرز عمل ڪجهه عجيب هو- اهو ئي سوچيو ٿي ويو ته هو پنهنجي اتاليق (استاد) جي فنا ٿيڻ جو فائدو وٺندي، سلطنت جا سڄا معاملا پنهنجي قبضي ۾ وٺندو، پر ائين نه ٿيو، هو ته بلا آخر هن ماڻهو کان نجات حاصل ڪرڻ تي جيڪو کيس هميشه پنهنجي عيش آرام کان باز رکندو هو، ايتري قدر مسرور هو جو چئجي ته ٺينگ ٺپا ڏئي رهيو هو- ان کان علاوه ٻيو ڪو لفظ نٿو ٿي سگهي- هر ڪاروباري جلسو، قدرتي ڳالهه آهي منسوخ ڪيو ويو، جهڙيءَ ريت غير ملڪي سفيرن کي جيڪي استقباليه ڏيڻا هئا منسوخ ڪيا ويا ۽ سلطان جا ڏينهن پولو ۽ شڪاربازيءَ لاءِ وقف ڪيا ويا ۽ راتون پيئڻ ۽ پيئارڻ جي نظر ڪيون ويون-
۽ ان کان وڌيڪ فڪر جي ڳالهه اها هئي ته هن بغداد ۾ پنهنجي آمد تي خليفي کي هڪ پيغام موڪليو، جنهن ۾ چيو: ”مان هن شهر کي پنهنجو سياري وارو گاديءَ جو هنڌ ٺاهڻ ٿو چاهيان- امير المومنين هتان جلد ئي روانو ٿيئي ۽ پنهنجي لاءِ ڪا ٻي رهائشگاهه تلاش ڪري-“ خليفي، جنهن جا ابا ڏاڏا ساڍن ٽن صدين کان بغداد ۾ رهندا ٿي آيا، پنهنجن معاملن کي يڪسو ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت گهري-
ترڪين ان بيهوده حرڪت کان پريشان ٿي وئي، جيڪا ڪنهن به طريقي سان اڌ دنيا جي مٿان بادشاهي ڪندڙ هڪ 33 سالن جي حڪمران جي شايانِ شان نه هئي، پر سندس ملڪ شاهه اهو ئي هو جيڪو هو، جيتوڻيڪ هن کيس پنهنجي راند ۾ مشغول رهڻ ڏنو ۽ پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ موقعا استعمال ڪيا- هاڻي هوءَ اميرن ۽ شريفن جي گڏ ٿيڻ جو ٺڪاڻو بڻجي وئي ۽ سندس ڀروسي جي ماڻهن نظام جي اڳيان جمع ٿيندڙ ماڻهن جي جڳهه والاري ورتي- تفريحي ۽ ميخواريءَ جي دورن وچ ۾ سلطان پنهنجي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي-
18 نومبر 1092 ۾ ملڪ شاهه اتر بغداد جي هڪ ڌٻڻ واري علائقي ۾ جتي وڻ ئي وڻ هئا، وحشي گڏهن جو شڪار ڪري رهيو هو- سندس گذريل 12 تيرن مان صرف هڪ نشاني تي نه لڳو هو، ساڻس گڏ ماڻهو سندس واهه واهه ڪري رهيا هئا ۽ انهن مان ڪوبه ان ڪارنامي جي همسريءَ جو خواب به نٿي ڏسي سگهيو- مهم جي ڊوڙڊڪ ۽ اُس سبب کيس ڏاڍي بک لڳي رهي هئي، هڪ احساس جنهن جو اظهار هن ڪجهه ناشائسته جملن ۾ ڪيو، غلام جلد ئي تياريءَ ۾ لڳي ويا، 10 کن غلام جنگلي جانورن کي وڍڻ ٽڪڻ سندن پيٽ مان آنڊا گجيون ڪڍي صاف ڪرڻ، شيخن تي گوشت چاڙهڻ ۽ پوءِ وڻ ڪٽي صاف ڪيل جڳهه تي انهن کي پچائڻ ۾ لڳي ويا جيڪي شيون پاڻ سان گڏ آنديون هيون- سڀ کان وڌيڪ گوشت سان ڀريل ٽنگ حڪمران لاءِ وقف ٿي ٿي، جيڪو ان کي کڻي بُکين وانگر چيريندو ڦاڙيندو ۽ وچ وچ ۾ ڏاڍي فياضيءَ سان خميري شراب سان پنهنجي پاڻ مهمانداري ڪندو ٿي ويو- گڏوگڏ هو سرڪي ۾ ٻڏل فروٽ چٻاڙيندو ٿي ويو جيڪو سندس پسنديده کاڌو هو ۽ ملڪ شاهه جتي به ويندو هو ته سندس بورچي ان جا وڏا وڏا ضروف پاڻ سان گڏ کنيو وتندو هو ته ڪٿي گهٽ نه ٿي پون-
اوچتو ئي ملڪ شاهه جي پيٽ ۾ شديد ڇڪ سبب سور ٿيڻ لڳو- هو سور کان رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ سندس ساٿي ڏڪڻ لڳا، هن جام اڇلائي ڇڏيو ۽ وات ۾ جيڪو ڪجهه هئس ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين، تڪليف سبب ٻيڻو ٽيڻو ٿيو پي، جيڪو کاڌو هئائين اُلٽي ڪري ڇڏيائين ۽ گڦڻ لڳو ۽ پوءِ بيهوش ٿي ويو، سندس چوڌاري ڪي درجن کن درٻاري، سپاهه ۽ خادم بيٺا هئا ۽ کيس بي يقيني سان تڪي رهيا هئا ۽ مٿن رڦڻي طاري هئي- اها خبر ڪنهن کي به نه پئجي سگهندي ته سندس شراب ۾ ذهر ڪنهن ملايو هو، يا ذهر سرڪي ۾ هو، يا شڪار ۾؟ ان هوندي به هر شخص پنهنجو عقل ڊوڙايو: نظام جي موت کي اڃا 35 ڏينهن گذريا هئا. هن چيو هو ”چاليهن کان گهٽ“ ۽ سندس انتقام وٺندڙن ان وقت جي پابندي ڪئي-
ترڪين خاتون شاهي خيمي ۾ هئي، ان ڊرامي جي برپا ٿيڻ واري جاءِ کان هڪ ڪلاڪ جي مسافت تي- سلطان وٽس مرده حالت ۾ آندو ويو- هن جلد ئي سڀني تماشو ڏسندڙن کي رخصت ڪيو، صرف جهان، ٻه ٽي وفادار ڪنيزون ۽ شاهي طبيب کي جيڪو ملڪ شاهه جو مٿو جهليو ويٺو هو، پاڻ وٽ رهڻ ڏنو-
”ڇا آقا بحال ٿي ويندو؟“ چيني عورت دريافت ڪيو
”سندس نبض سُست هلي رهي آهي- خدا شمع کي ڦوڪ ڏني آهي ۽ هيءَ وسامڻ کان پهرين ڀڙڪي رهي آهي- پنهنجي واحد اميد دعا آهي-“
”جيڪڏهن قادرِ المطلق جي اها ئي مرضي آهي، هاڻي آئون جيڪو چوڻ واري آهيان ان کي غور سان ٻڌو-“ هي ڪنهن بيواهه ٿيڻ واري عورت جو لهجو نه هو، بلڪه سلطنت جي هڪ مالڪه جو-
”ڪنهن کي هن خيمي کان ٻاهر ان جي ڀڻڪ به نه پوڻ گهرجي ته سلطان هاڻي اسان وچ ۾ ناهي رهيو- بس ايترو ئي ٻڌايو ته هو آهستي آهستي صحت مند ٿي رهيو آهي، کيس آرام جي سخت ضرورت آهي ۽ ملڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه آهي-“
اهو ترڪين خاتون جو ڪيترو ناپائدار ۽ خوني رزميو هو- اڃا ملڪ شاهه جي قلب جي حرڪت بند ئي نه ٿي هئي ته هوءَ پنهنجي چند وفادار درٻارين کان سلطان محمود متعلق وفاداريءَ جو حلف کڻائي رهي هئي، جيڪو چئن سالن ۽ چند مهينن جو هو- پوءِ هن خليفي کي پنهنجي مڙس جي موت جي خبر ڏيڻ لاءِ قاصد روانو ڪيو ۽ درخواست ڪئي ته هو سندس پٽ جي وراثت جي تصديق ڪري، ان جي بدلي ۾ اميرالمومنين کي پنهنجي گاديءَ واري هنڌ تي ڪابه شڪايت نه ٿيندي ۽ سلطنت جي سڀني مسجدن ۾ سندس ثناءَ خواني ٿيندي-
جڏهن سلطان جي درٻار اصفهان جي عوام لاءِ ٻيهر کلي، ملڪ شاهه کي مرندي ڪيترائي ڏينهن ٿي چڪا هئا، پر هن چيني عورت ان خبر کي سپاهين کان لڪائي رکيو- لاش کي هڪ وڏي رٿ تي رکيو ويو، جنهن کي ڇهه اسپ ڇڪي رهيا هئا ۽ ان کي هڪ خيمي سان ڍڪيو ويو هو، پر اهو ڍونگ ڊگهي عرصي تائين جاري نٿي رکي سگهجيو ڇو ته هڪ حنوت نه ٿيل لاش زنده ماڻهن جي وچ ۾ گهڻي دير تائين نٿي رکي سگهجيو ۽ سندس خراب ٿيڻ جا آثار ان جي موجودگي جي چغلي نه هڻن اهو ممڪن ناهي-
آخرڪار ترڪين ان کان پنهنجو پاڻ آجو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ائين ملڪ شاهه، ”سلطانِ معزز، شهنشاههِ عظيم، اوڀر ۽ اولهه جو مالڪ، عمادِ اسلام و مسلمين، فخرِ عالمِ دين، ابوالفتح، ناصر خليفته الله المتين،“ رات جي وقت هڪ شاهراهه جي ڪناري جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو پتو لڳائي نه سگهيو آهي، کيس ڏاڍي تڪڙ ۾ دفنايو ويو- ”اڄ ڏينهن تائين،“ واقعا ٻڌائين ٿا، ”ڪڏهن به ائين ٻڌڻ ۾ نه آيو ته ايترو وڏو حڪمران مري ۽ سندس لاش تي ڪو روئڻ وارو نه هجي ۽ دعا گهرڻ وارو نه هجي.“
سلطان جي غائب ٿيڻ جي خبر آخرڪار پکڙجي وئي، پر ترڪين کي پنهنجي ڪم کي برحق ثابت ڪرڻ ۾ ڪا دشواري پيش نه آئي: سندس اولين ڳڻتي ان خبر کي دشمنن کان لڪائي رکڻ هو، ڇو ته سپاهه ۽ درٻار ٻئي گاديءَ جي هنڌ کان گهڻو پري هئا- حقيقت اها آهي ته ”چيني عورت“ کي اها مهلت هٿ اچي وئي هئي جو هوءَ پٽ کي تخت نشين ڪري ۽ پاڻ ڪجهه وقت لاءِ اقتدار جون واڳون سنڀالي-
ان وقت جا واقعا لکڻ وارا ان ڳالهه ۾ ڪابه ڀل نٿا ڪن- ان وقت کانپوءِ شاهي فوجن جو ذڪر ”ترڪي خاتون جي فوج“ چئي ڪن ٿا، ۽ اصفهان جو ترڪين جي دارالسطنت طور- باقي رهيو. سلطان جي ٻارن جو نالو، ته اهو جلد ئي دماغن مان نڪري ويندو، ۽ کيس صرف ”چيني مائيءَ جي پٽ“ جي نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو-
نظاميه ”نظاميه جا آفيسر بهرحال سلطانه جا مخالف هئا، سندن ٺاهيل مجرمن جي فهرست ۾ ترڪين ٻئين نمبر تي هئي، ٺيڪ ملڪ شاهه کانپوءِ جنهن جي وڏي پٽ، يارهن سالن جي برڪيارُق جي حق ۾ انهن پنهنجي حمايت جو اعلان ڪيو هو- اهي سندس چوگرد جمع ٿي ويا، کيس مشورن سان نوازيو ۽ کيس لڙائيءَ تي وٺي ويا- شروعاتي جهڙپن ۾ سندن پُڙ ڳرو رهيو ۽ سلطانه کي اصفهان واري پاسي پٺيان هٽڻو پيو، جنهن کي پوءِ جلد ئي قبضي ۾ وٺي ورتائين- ترڪين، بهرحال، پنهنجي هار مڃڻ واري خاتون نه هئي ۽ پنهنجي سلامتي جي لاءِ هر حربو استعمال ڪرڻ لاءِ تيار هئي، جيڪي ڪيترن ئي دورن تائين مشهور رهندا-
مثال طور، هن ڪيترن ئي صوبائي والين کي هنن لفطن سان خط اماڻيا: ”مان بيواهه آهيان ۽ منهنجي ذمي هڪ ننڍڙي ٻار جي پرگهور ۽ پرورش آهي جنهن کي هڪ پيءَ جي ضرورت آهي، جيڪو سندس مدد ڪري سگهي ۽ سندس نالي هيٺ سلطنت هلائي سگهي- ان ڪم لاءِ اوهان کان بهتر ڪير ٿي سگهي ٿو؟ جيتري قدر جلد ممڪن ٿي سگهي پنهنجي سپاهه جي قيادت ڪندي هليا اچو، گهيري کي ٽوڙيو، ۽ اصفهان ۾ فتحمند ٿي داخل ٿيو- مان اوهان سان نڪاح ڪندس ۽ اوهان کي پورو اقتدار حاصل هوندو-“ دليل ۾ وزن هو ۽ امير نه صرف آذربائيجان کان پر شام کان ڊوڙندا ڊوڙندا آيا، جيتوڻيڪ اهي گاديءَ واري هنڌ جو گهيرو ٽوڙڻ ۾ ته ڪامياب نه ٿي سگهيا، پر گهٽ ۾ گهٽ سلطانه کي مهلت جا ڪجهه مهينا فراهم ضرور ڪيا- ساڳئي ريت ترڪين حسن صباح سان به ٻيهر رابطا قائم ڪيا- ”مون توکي نظام الملڪ جو سر پيش ڪرڻ جو واعدو نه ڪيو هو؟ سو مون پيش ڪري ڇڏيو. اڄ مان توکي اصفهان پيش ڪري رهي آهيان، سلطنت جو صدر مقام- مونکي علم آهي ته تنهنجا ڪيترائي ماڻهو شهر ۾ آهن- اهي پرده پوشي ۾ زندگي ڇو گذاري رهيا آهن؟ کين چئو ته پاڻ کي ظاهر ڪن- کين سون ۽ اسلحو ڏنو ويندو ۽ اهي کلي عام پنهنجي تعليم ڏئي سگهن ٿا-“ حقيقت ۾، ايتري طويل عرصي تائين مصيبتن جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ، سوين اسماعيلي ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا- مذهب کي تبديل ڪرڻ وارن جو اگهه وڌيو، ۽ ڪجهه ڪجهه علائقن ۾ ته اهي سلطانه جي حق ۾ اسلحه بردار رضاڪارن جي روپ ۾ منظم ٿي ويا-
ايسيتائين جو ترڪين جو آخري وار سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ بيباڪ هو: هڪ ڏينهن سندس نوڪرن چاڪرن مان ڪجهه امير دشمنن جي ڪيمپ ۾ ظاهر ٿيا، برڪيارق کي آگاهه ڪيائون ته انهن سلطانه جو ساٿ ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ۽ سندن سپاهه بس بغاوت ڪرڻ واري آهي، ۽ جيڪڏهن هو انهن سان گڏجي لِڪي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ راضي ٿي وڃي ته هو بغاوت جو اشارو ڪري سگهن ٿا: ترڪين ۽ سندس پٽ قتل ڪيا ويندا ۽ آخرڪار برڪيارق استحڪام سان تخت تي ويهي سگهندو، 1094 جو سال هو، تخت ۽ تاج جو دعويدار تيرهن ورهين جو هو ۽ تجويز سان شيشي ۾ آرام سان لهي آيو- شهر تي بنفسِ نفيس قبضو ڪرڻ جڏهن ته گذريل هڪ سال کان سندس امير ان جو محاصرو ڪيو ويٺا هئا! هو ان موقعي تي فائدو وٺڻ لاءِ لڙي پيو، ايندڙ رات هو پنهنجن ساٿين کي ان ڳالهه جي خبرچار ڏيڻ کان بغير پنهنجي خيمي مان لڪي لڪي کسڪي ويو ۽ ”بابِ ڪهاب“ تي جتي ڄڻ طلسماتي طور تي دروازو سندس لاءِ کلي ويو، ترڪين جي موڪليل ماڻهن وٽ پاڻ حاضر ڪيو- هن ڏاڍي فيصله ڪندڙ انداز ۾ قدم اندر رکيو، هڪ حفاظتي دستي ۾ گهيريل، جيڪو سندس طبيعت جي برخلاف ڪجهه زياده ئي خوش و خرم هو، پر بهرحال جنهن جي ڪيفيت کي هن پنهنجي معرڪي جي لاءِ مڪمل ڪاميابيءَ تي محمول سمجهيو، جيڪڏهن ڪو زور سان کلي پيو، ته هو کين خاموش رهڻ لاءِ پيو چوي ۽ ڏاڍي ادب سان سندس چيو مڃيو پي ويو، پر پوءِ ان کان به وڌيڪ زور سان ٿي کليو- افسوس… جڏهن انهن جي خوش خرمي تي کيس شڪ ٿيو، ان وقت تائين ڏاڍي دير ٿي چڪي هئي، انهن کيس جڪڙي ورتو، سندس هٿ پير ٻڌا، وات ۾ ڪپڙو وجهي ڇڏيو ۽ اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي ۽ طعنن ۽ طنزن جا تير وسائيندي کيس حرم جي دروازي تائين آندو ويو- خواجه سرائن جو سربراهه، جنهن کي پڪي ننڊ مان اٿاريو ويو، ڀڄندو ترڪين جي خدمت ۾ پهتو ۽ خبر ڏنائين- پنهنجي پٽ جي مخالف جي قسمت جو فيصلو هاڻي سندس هٿ ۾ هو- ساهه گُهٽي کيس مارائي يا بس کيس انڌو ڪرائي ڇڏي- اڃا خواجه سرا ڊگهي ۽ اونداهي راهداريءَ ۾ غائب ٿيو ئي هو، ته رڙيون ۽ ڪوڪون ٿيڻ لڳيون- تجسس ۽ پريشانيءَ سبب آفيسر پابندي پيل علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان پنهنجو پاڻ کي نه روڪي سگهيا، هڪ گهڻ ڳالهائڻ واري پوڙهي خادمه سان وڃي ٽڪرايا: ترڪين خاتون پنهنجي هنڌ ۾ اجهو هاڻي مرده حالت ۾ ملي آهي ۽ قتل وارو اوزار سندس ڀرسان مليو آهي- هڪ آلي وهاڻي سان سندس ساهه گهٽيو ويو- هڪ مضبوط جسامت وارو خواجه سرا غائب ٿي ويو ۽ خادمه ڇوڪريءَ کي ياد آيو ته کيس ڪجهه سال پهرين نظام الملڪ جي سفارش تي حرم ۾ مقرر ڪيو ويو هو-
***