ادب

”هائپرسومنيا“
ناول: باب پهريون

ان ڏينهن آسمان ڪاري گهري جهڙ سان ڀرجي ويو هو، جنهن مان مينهن اوڙڪون ڪري وسڻ لاءِ آتو هو…. ۽ عبدالرحيم معمول جيان داڻو کڻي گهر جي ڇت تي چڙهي، ڪرسيءَ تي اچي ويٺو هو. هو لاشعوري طور پنهنجي موت جي انتظار ۾ به هو، سندس خواهش هئي ته هو مينهن وسندي مري وڃي!

هن پنهنجي پوري زندگي هيڪل گذاري هئي، ائين کيس لڳندو هو… پر سندس زال ساڻس مهربان محبوبه جيان رهي هئي. هن جي لاءِ پنهنجي زال جي هجڻ جو احساس رڻ ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ جهڙو هو.

کيس ڏسي لڳندو هو ته: هن کي اڪيلائيءَ جي بيماري آهي، انهيءَ ڪيفيت ۾ هو پنهنجي منهن مسڪرائڻ لڳندو هو ۽ ڪنهن ڪنهن وقت ته دٻيل ٽهڪ ڏئي کلي به پوندو هو، اهو ٽهڪ هن جي تصور تائين محدود رهندو هو… پر بيٺل پاڻيءَ جهڙي سندس زندگيءَ ۾ ڪاوڙ پيئڻ بلا جيان پيدا ٿي پوندي هئي… هن جي مزاج ۾ اها ڳالهه ضرور هئي ته کيس ڪاوڙ صفا گهٽ ايندي هئي. هو پرسڪون رهندو هو، سندس پرسڪون رهڻ جو سبب سندس ئي داخلي دنيا جي بي رحم خوبصورتي هئي. ڪو وقت هو جو کيس پنهنجي ياداشت تي فخر هوندو هو، کيس ورهين جون ڳالهيون ياد هونديون هيون، هن پنهنجي زندگيءَ جي هر خوشگوار صبح کان شامن جي ميرانجهڙن پهرن تائين جون يادون سنڀاري رکيون هيون، هو ڪنهن وقت اڪيلائيءَ ۾ ويهندو هو ته يادون هن وٽ ائين لهڻ لڳنديون هيون، جيئن هاڻي وٽس پکي لهي ايندا هئا… ۽ پوءِ انهن يادن ۾ ائين محو ٿي ويندو هو، جيئن هاڻي پکين جي لاتين ۾ پنهنجو پاڻ گم ڪري ڇڏيندو هو.

هن کي ياد هو ته ڪهڙين ڪهڙين عورتن سان جنسي جنگ وڙهيو هو… ڪنهن کان جنگ کٽي هئائين ۽ ڪنهن کان هارائي ويٺو هو.

زندگيءَ جي انهيءَ خوابيده لمحي ۾ کيس ننڊ جو جهوٽو آيو، انهيءَ جهوٽي ۾ کيس ماريه سان پهريون ڀيرو ملڻ ياد آيو.

هن ياد ڪيو ته اکين کان چپن تائين جو رستو ڪيڏو آسانيءَ سان طئه ڪيو هئائين، هن سوچيو: اهو سفر ڪڪر مان ڪڻي بڻجي زمين تائين اچڻ جيان هو… پوءِ هو ڪو وقت ڪڪر بڻجي وسندو رهيو هو، ايستائين جو ماريه جي من جي ترائي ڀرجي وئي هئي. هو اهڙو منظر ياد ڪري خوش ٿيو… ۽ ٽهڪ ڏنو هئائين.

مسرت جي انهيءَ عالم ۾ کيس عارفه جو ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيو، هن ماحول ۾ انهيءَ ٽهڪ جو پڙاڏو محسوس ڪيو، هو پنهنجي اندر ۾ اهڙي طنزيه ٽهڪ تي ڪڙهڻ لڳو هو… سندس انهيءَ ڪڙهڻ ۾ هن جي هار هئي، ان وقت اچانڪ عارفه جي جيت تي کيس ٿڦڙ وهائي ڪڍيو هئائين، هوءَ سندس اهڙي رويي تي حيران ٿي وئي هئي… ۽ پوءِ هن منجهان پنهنجو پاڻ ڇڏائڻ لڳي هئي.

پنهنجي اندر مان عارفه جو ائين اچانڪ هليو وڃڻ کيس خالي ڪري ويو هو، پوءِ هو مِٺين ندين ڏانهن پاڻ ڀرڻ لاءِ ڊوڙيو هو… انهيءَ ڊوڙ کيس سهڪائي، ٿڪائي ڇڏيو هو… هاڻي هو هر وقت پاڻ کي ٿڪل محسوس ڪندو هو، سندس انهيءَ ٿڪاوٽ ۾ عورت منجهه خالي ٿيڻ جو احساس هو.

هو ان وقت به وساري ويٺو هو ته هار ۽ جيت راند جو حصو هوندي آهي، هڪ کٽيندو آهي ته ٻيو هارائيندو آهي… ٻئي ڪڏهن به ناهن کٽيندا… پر جسمن جي راند ۾ ٻئي جسم کٽيندا آهن ۽ جيڪڏهن ٻئي چاهين ته پنهنجي جيت هڪٻئي ۾ ورهائي سگهن ٿا. هن مهل تائين هن پنهنجي جيت هميشه عارفه سان ورهائي هئي، پر ان ڏينهن اچانڪ هارائي ويٺو هو.

هنن هڪٻئي تي پاڻ وچڙائڻ ۽ پاڻ ڇڏائڻ جي ڪا به پابندي نه مڙهي هئي، پر پوءِ به کيس عارفه جي پاڻ ڇڏائڻ وڌيڪ چيڙائي وڌو هو، هو ساڻس وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو… پر هو خالي هو. مرد جڏهن خالي هوندو آهي ته عورت سان وڙهي ناهي سگهندو.

انهيءَ ڏينهن جي خالي ٿيڻ سان کيس ائين لڳو هو ته هو هميشه لاءِ خالي ٿي ويو آهي، سندس انهيءَ سوچ وڇونءَ جو روپ اختيار ڪري ورتو هو، جيڪا کيس هر هر ڏنگي رهي هئي… اهڙن ڏنگن سندس وجود کي زهريلو بڻائي ڇڏيو هو… انهيءَ زهر جي اثر ڪارڻ جهڙوڪر ڇتو ٿي پيو هو، جو جڏهن عدم جهڙي خواب مان جاڳي، ٻيهر ماريه کي ڏٺائين ته کيس کائي رکيو هئائين.

هوءَ ڊڄي وئي هئي، کائنس ائين پاڻ ڇڏائڻ لڳي هئي، جيئن ڇتي ڪتي کان پاڻ بچائبو آهي!

عبدالرحيم اهڙي بتاليل ڪيفيت ۾ ڪمري کان ٻاهر نڪري، آڳنڌ ۾ آيو هو… جتي کليل آسمان هيٺ ٻانهون کولي پنهنجي جيت جو اظهار ڪيو هئائين.

اظهار جي انهيءَ سرمستيءَ ۾ جڏهن کيس خاطري ٿي ته، هو خالي ناهي پر ڀريل ئي آهي ته هن کي پنهنجي پاڻ تي فخر ٿيو، ۽ هو انهيءَ احساس ۾ جهومي پيو هو… سندس اهو جهومڻ وچ راهه تي هو… شهر جا ماڻهو کيس ڏسي حيران ٿي رهيا هئا ته هو وچ رستي تي ڇو پيو نچي!؟

بي خوديءَ جي عالم ۾ ڪيتري دير نچندو رهيو هو، هوءَ کيس منع ڪندي رهي هئي… پر عبدالرحيم مستيءَ جي عالم ۾ هو.

ذات جي برتريءَ جي لطف ۾ کيس محسوس ٿي رهيو هو ته هو عارفه جي سامهون پنهنجي جيت تي نچي رهيو آهي.

گهڻي دير کانپوءِ سامهون بيٺل عورت کيس ماريه جهڙي لڳي، هن حيران ٿي پنهنجو جهومڻ بند ڪيو… ۽ سوچيائين: مان ڪنهن جي اڳيان پيو نچان…؟ ماريا جي يا عارفه جي!؟ ان پل اچانڪ کيس شدت سان محسوس ٿيو هو: ڪڪر بغير وسڻ جي هليا ويا آهن ته سندس اک کلي وئي هئي… هن پکين لاءِ آندل داڻي ڏانهن ڏٺو… جيڪو جيئن جو تيئن پيو هو… ۽ سندس سامهون ڪيترائي پکي انتظار ۾ ويٺل هئا.

***