بلاگنئون

سنڌ خاطر سر جو نذرانو ڏيندڙ شهيد الله بخش سومرو

اڄ ان وطن دوست، عوام دوست، روشن خيال ۽ نظرياتي سياستدان جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي جن پنهنجي امر ڪردار سان سنڌ ۽ سنڌين جا ڀرجهلا ٿي رهيا. سنڌ جي پهرين وزيراعظم شهيد الله بخش سومرو جو تعلق سنڌ ڌرتيءَ جي ان مشهور سومرا خاندان سان هو، جنهن ڪيترن سالن تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ اڄ تائين اهو خاندان شفاف سياست جي ڪري مشهور آهي. الله بخش سومرو سماجي ڪمن ۽ عوامي مسئلن جي سلجهائڻ لاءِ سياست ۾ پير پاتو ۽ پهريون ڀيرو 1923ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جو ميمبر ٿيو، جنهن کانپوءِ هو 1928ع ۾ سکر ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ۽ 1930ع ۾ وري لوڪل بورڊ جو صدر ٿي ويو. 1931ع ۾ شهيد الله بخش سومرو کي بهتر عوامي خدمتن عيوض ان وقت جي انگريز سرڪار پاران (Order of the British Empire OB.E) جي خطاب سان نوازيو ويو. هن پنهنجي تنظيمي سياست جي باقاعده شروعات 1934ع ۾ شاهنواز ڀٽي ۽ سائين جي ايم سيد جي جوڙيل “پيپلز پارٽي” کان ڪئي، جنهن جو پاڻ ڊپٽي ليڊر پڻ چونڊيو ويو، جڏهن ته پاڻ  1936ع ۾ سنڌ جي ممبئيءَ کان عليحدگي کانپوءِ شاهنواز ڀٽي، جي ايم سيد ۽ عبدالله هارون پاران جوڙيل نئين “سنڌ اتحاد پارٽي” ۾ شامل ٿيو ۽ 1937ع واري صوبائي اليڪشن ۾ اتحاد پارٽيءَ جي ميمبر طور کٽي آيو، جڏهن ته اتحاد پارٽيءَ جا اهم اڳوڻ شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي ليڊر عبدالله هارون هارائي ويا ۽ 1938ع ۾ شهيد الله بخش سنڌ جو پهريون وزيراعظم چونڊجي آيو.

سندس پهرين پارٽي پاليسي بيان ۾ هيٺيان اهم نقطا شامل هئا: (1) ملڪي انتظام کي قوم پرست بنيادن تي هلايو ويندو. (2) سکر بئراج سبب سنڌ جي ڪن حصن کي زراعت ۾ نقصان پهتو آهي ان ڪري لوئر بئراج جي اسڪيم تيار ڪئي ويندي ته  جيئن عوامي مفاد پورا ٿين. (3) اتر سنڌ روهڙي ڊويزن جا واهه سڌاريا ويندا. (4) ڪانگريس وزارت وانگر وزير پگهار گهٽ کڻندا. (5) آنرري مئجسٽريٽون ختم ڪيون وينديون. (6) آزمائشي طور ضروري رستن جو ڪم لوڪل بورڊن کي ڏنو ويندو.(7) پرائمري ماسترن جي پگهار ۾ پنجن رپين جو اضافو ڪيو ويندو. (8) مولانا عبيد الله سنڌي سنڌ واپس آيو ته سندس آجيان ڪنداسون. (9)  سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي ويندي. (10) عوامي ڪچهريون رچائي، عام ماڻهن سان سڌي نموني رابطي ۾ اچڻ. (11) هر آفيسر وٽ عام ماڻهوءَ کي ويهڻ لاءِ ڪرسي لازمي ڏيڻ.

سندس اهڙين واضح پاليسين ۽ ايجنڊائن کي سمورين سياسي جماعتن ۽ قومپرست پارٽين تمام گهڻو ساراهيو، ڇو ته اهي وقت جي ضرورت، وطن دوست سياست ۽ عوام دوست مزاج مطابق اهميت جوڳيون هيون. شهيد الله بخش سومرو سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ هندو، مسلم، اتحاد کي ضروري سمجهندي سائين جي ايم سيد سان گڏجي ڪوششون شروع ڪيون ۽ هڪ فارمولو تيار ڪيو ويو جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد کي به شريڪ ڪيو. سندس اهڙين ڪوششن مان انگريز بلڪل خوش نه هئا، پر پاڻ پنهنجي نيڪ مقصد تان هڪ وک به پوئتي نه هٽيو. شهيد الله بخش سومرو عام طور تي سادو ۽ سٻاجهڙو انسان هو، سندس دل ۾ سنڌ ۽ سنڌين جو هر وقت فڪر رهندو هو. هن پنهنجي دور ۾ عوام جي  خير خواهي جا ڪيترائي مثال قائم ڪيا، هڪ ڀيرو ٻوڏ سبب شڪارپور شهر کي ٻُڏڻ جو خطرو هو، تڏهن هن ڪٽ هڻائي پنهنجون آباد زمينون ٻوڙايون، پر شهر ۾ ڪنهن هڪ غريب هاريءَ جي زمين جو ٽڪرو پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ نه ڏنو. شهيدالله بخش سومرو آزادي پسند ۽ اصول پرست سياستدان هو.11 آڪٽوبر 1938ع تي سر عبدالله هارون جي گهر قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ “سنڌ مسلم ليگ” جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهيد الله بخش سومرو کي گهرائي، وزارت تان هٿ کڻڻ جي راءِ ڏني وئي، جيڪا ڳالهه شهيد الله بخش نه مڃي، جنهن تي جناح، جي ايم سيد کي الله بخش سومرو جي وزارت ڪيرائڻ جو ٽاسڪ ڏنو. 1939ع ۾ الله بخش سومرو جي وزارت کي ڪيرائڻ لاءِ، مسجد منزل گاهه جو مسئلو اٿاري، هندو، مسلم تضاد پيدا ڪري سکر ۾ وڳوڙ ڪرايا ويا، پر شهيدالله بخش سندن آڏو آڻ نه مڃي. ڇاڪاڻ ته هو مسجد منزل گاهه واري ايراضيءَ کي تعليمي درسگاهه ۾ تبديل ڪرڻ چاهي پيو، ان ڪري ته سنڌ ۾ ان وقت تعليم جي تمام گهڻي اڻاٺ هئي، مسجد منزل گاهه واقعي کانپوءِ، ڪانگريس ۽ هندن  گڏجي شهيد الله بخش خلاف مسلم ليگ جو ساٿ ڏنو ۽ کيس سياسي ۽ مذهبي دشمن قرار ڏئي سندس وزارت ڪيرائي مير بنده علي ٽالپر کي وزير اعظم چونڊي ورتو، جنهن کانپوءِ سنڌ آل انڊيا جماعتن جي اختلافن جو آکاڙو بڻجي وئي. الله بخش سومرو ايماندار سياستدان هجڻ سان گڏ ننڍي کنڊ جو وطن دوست، نظرياتي ۽ روشن خيال سياستدان هو. هن ٻي عالمي جنگ دوران، هندستان جي قومن جي آزاديءَ جو اعلان ڪري، کين آزاد نموني جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو اختيار نه ڏيڻ ۽ آزادي پسند انقلابين سان غير انساني سلوڪ ڪرڻ جي خلاف احتجاج ڪندي، 26 سيپٽمبر 1942ع تي انگريز گورنر کي خط لکي خان بهادري ۽ او بي اي جا لقب واپس ڪري، پنهنجي وزارت عظميٰ کي قربان ڪيو ۽ “هارس ٽريڊنگ” جو حوالو بڻيل سنڌ جي پارلياماني سياست ۾ اصولي ۽ انقلابي سياست جو عظيم مثال قائم ڪيو. شهيد الله بخش سومرو پنهنجي سمورن هم عصر سياستدانن ۾ دور انديش ۽ مدبر ذهن رکندڙ هو، جنهن مذهبي ورهاڱي جي صورت ۾ سنڌ جي نئين سر غلاميءَ کي پرکي ورتو هو، اهوئي سبب هو، جو ھن قرارداد لاهور جي بنياد تي ٺهندڙ نئين ملڪ ۾ سنڌ جي اونداهي آئيندي جي باري ۾، سائين جي ايم سيد کي چيو هو ته: “تون خيالي دنيا ۾ رهين ٿو، ان ڪري عملي سياست کان واقف ناهين، عملي سياست ۾ واعدن، ٺهرائن ۽ اصولن کي ڪو پڇي ئي ڪونه ٿو، تاريخ پڙهي ڏسندين ته خود مذهبن جا احڪام ۽ حڪومتن جا عهدنامه به طاقت، حيثيتن، شخصي ۽ طبقاتي مفادن جي ضرورت ۽ مڪاني حالات جي گهرجن پٽاندر، اڪثر قربان ڪيا پئي ويا آهن، سٺا ۽ جذباتي نعرا رڳو عوام کي ٻڌائڻ لاءِ آهن، سياست ۾ هميشه ڏاڍي جي لٺ جو اثر رهيو آهي!”

شهيد الله بخش سومري جي قومي سوچ، روشن خيالي ۽ وطن دوست ڪردار جي پٺيان بنيادي محرڪ، امام انقلاب عبيدالله سنڌيءَ جي صحبت ۽ سياسي فڪر هو، جنهن کي اڄ به تسليم ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن سنڌ ۽ سنڌين جا همدرد ۽ هڏڏوکي شهيد الله بخش سومري جي فڪر ۽ فهم تي عمل ڪن ته سنڌ آزاد ۽ خوشحال بڻجي سگهي ٿي، ڇو ته سندس فڪر ۽ فهم جو اهم نڪتو “مخلصي” تي مبني آهي، اڄ به سندس شفاف شخصيت ۽ تاريخي ڪردار اسانجي لاءِ آئينو آهي. 14 مئي 1943ع تي سنڌ جي آزاديءَ جي وڪيل ۽ پهرئين عوامي سياستدان الله بخش سومري شڪارپور جي ٻاهران هڪ ڪُوڙي لٽيري ۽ فريبي پِير کي تنبيهه ڪرڻ لاءِ ٽانگي تي سوار ٿي وڃي رهيو هو ته کيس ڪرائي جي قاتلن پسٽل جا فائر ڪري شهيد ڪيو ويو جيڪا خبر سڄي خطي ۾ باهه جيان پکڙجي ويئي، جنهن کانپوءِ مسلم ليگ جي اڳواڻ ايوب کهڙو کي شهيد الله بخش جي قتل جي سازش ۾ گرفتار ڪيو ويو، مٿس سندس دريش نالي ڪمدار، کهڙي جي زمين تي رٿيل سازش جي شاهدي پڻ ڏني، پر انگريز جج شڪ جو بنياد ڄاڻائي کيس آزاد ڪري شهيد جو ناحق خون لوڙهي ڇڏيو! سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” ۾ کيس “سنڌ جو دودو ثاني” سڏيو آهي. اڄ  به سنڌ کي الله بخش سومرو جهڙن بهادر، ايماندار ۽ ارڏي سياستدانن جي ضرورت آهي، ڇو ته سنڌ هن وقت واڳن جي وات ۾ ويندي پئي وڃي. ڌرتيءَ ڌڻين سان ڌارين کان به بدتر سلوڪ ڪيو پيو وڃي. پنهنجون ملڪيتون ٺاهڻ لاءِ غريب ۽ مسڪينن کي هيسايو پيو وڃي. ڪمدار ملڪيتن جا مالڪ بڻجي قومي خزاني کي بي خوف ٿي لٽي رهيا آهن. پنهنجي درياءَ کي وڪرو ڪري، پنهنجون زمينون ڌارين کي ڀڳڙن جي مٺ تي ڏيئي جشن ملهائي رهيا آهن. ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جي سياست عام ڪئي ويئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو وجود باقي رکڻ نهايت ئي اوکو آهي. ان ڪري باضمير انسانن کي اڳتي اچي شهيد الله بخش سومرو جي سيرت کي اپنائڻو پوندو ان ۾ ئي سنڌ جو بهتر مسقبل سمايل آهي.