نئون

نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر لنڊن روانا

نواز شريف، ڌيءَ مريم ۽ نياڻي صفدر سميت لنڊن لاءِ روانو ٿي ويو. نواز خاندان پاران چيو ويو آهي ته ڪلثوم نواز جي طبيعت ڪيمو ٿراپي کانپوءِ خراب ٿي وئي آهي. خبرن موجب اڳوڻو وزير اعظم لاهور ايئرپورٽ کان لنڊن روانو ٿي ويو. شريف خاندان قطر ايئر لائين جي جهاز QR 629 ذريعي لنڊن ڏانهن روانو ٿيا. لنڊن ۾ نواز شريف پنهنجي گهرواري ڪلثوم نواز جي عيادت ڪندو. جنهن کان پوءِ هو ممڪنا طور تي 22 اپريل تي ملڪ واپس ورندو. شريف خاندان پاران چيو ويو آهي ته ڪلثوم نواز جي طبيعت اچانڪ خراب ٿي وئي آهي. مريم نواز به ٽوئيٽر ذريعي چيو آهي ته “امي جي طبيعت خراب آهي ان کي ڏسڻ لنڊن وينداسين جيڪڏهن احتساب عدالت مان حاضري کان استثنيٰ نه مليو ته ايندڙ پيشي کان پهريان واپس اچي وينداسين، امي کي دعائن ۾ ياد رکندا”. ياد رهي ته نواز، مريم ۽ صفدر پاران اڄ اربع کان جمعي تائين احتساب عدالت ۾ حاضري کان استثنيٰ جي درخواست ڏني وئي آهي. ان کان علاوه ڪجهه هفتا اڳ نيب ڪورٽ پاران نواز ۽ مريم جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو چيو هو. جڏهن ته حڪومت ائين نه ڪيو. ياد رهي ته نواز مريم ۽ صفدر خلاف نيب عدالت ۾ ٽي مختلف ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن