متحده عرب امارات پاران اسرائيل ۽ فلسطين کي امن ڳالهين لاءِ تعاون جي آڇ
متحده عرب امارات چيو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. عرب ميڊيا موجب ابوظهبي جي ولي عهد شهزاده شيخ محمد بن زايدالنهيان مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اسرائيل ۽ فلسطين جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ تجويزن تي ڳالهيون ڪيون. شهزادي شيخ محمد بن زايدالنهيان اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگبندي ۾ مصر جي ڪردار جي تعريف ڪندي پائيدار امن جي لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي شهزادي اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن ڳالهين جي لاءِ هر قسم جي تعاون ۽ سهولت ڏيڻ جي آڇ ڪندي چيو ته جنگ بندي برقرار رکڻ ۽ امن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين سان ملي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. متحده عرب امارات گذريل سال اسرائيل کي تسليم ڪندي سفارتي ۽ واپاري لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن کانپوءِ بحرين، سوڊان ۽ مراڪش به لاڳاپن جي بحالي جو اعلان ڪيو هو. واضح رهي ته مصر ۽ قطر حماس سان گڏ پنهنجي لاڳاپن جو فائدو کڻندي 11 ڏينهن کان هلندڙ چڪرين جي خاتمي لاءِ ڌرين وچ ۾ جنگ بندي جو اهم ڪردار ادا ڪيو هو. جنهن جي لاءِ مصر ۽ قطر کي آمريڪا جي حمايت به حاصل هئي.

