وزير خزانا محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف پنهنجي پروگرام تي بهتر عملدرآمد ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي تسليم ڪيو آهي ۽ ساراهيو آهي. سندس چوڻ موجب پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام تي سٺيءَ ريت عمل ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ قسط جي لاءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ گهڻي پيش قدمي ٿي آهي، جنهن جا نتيجا پاڪستان جي حق ۾ آهن.
پاڪستان هڪ ڊگهي عرصي کان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کان مدد وٺي رهيو آهي، جنهن جي شروعات 1958ع کان ٿئي ٿي. پاڪستان آءِ ايم ايف جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڏهاڪن کان وٺي شامل آهي، جيڪو اهو ظاهر ٿو ڪري ته پاڪستان جون معاشي حالتون هميشه خراب رهيون آهن ۽ ان کي مختلف چئلينج سامهون رهيا آهن. پاڪستان کي معاشي طور ڪيترائي چئلينجز آڏو رهيا آهن، جنهن جي ڪري پاڪستان کي بار بار آءِ ايم ايف سان انگيج ڪرڻو پوي ٿو. ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي معاشي ترقي نه ڪرڻ جا جيڪي سبب آهن، ان ۾ سڀ کان وڏو سبب اسان جو ڪمزور ٽيڪس جو نظام آهي، پاڪستان جي ٽيڪس نظام مان ماڻهن جو هڪ وڏو انگ ٽيڪس نيٽ ۾ شامل نه آهي ۽ جيترو ٽيڪس جمع ٿئي ٿو ان ۾ به ڪرپشن ۽ شفافيت جي گهٽتائيءَ جي ڪري ملڪ کي معاشي بحرانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه پاڪستان پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين توانائي جي مسئلي کي به منهن ڏيئي رهيو آهي، جيڪو پاڪستان جي معاشي بدحاليءَ جي سببن مان هڪ وڏو سبب آهي، جنهن کي شايد هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته هن مسئلي جي ڪري اسان وٽ پيداواري شعبو پنهنجي صلاحيت مطابق پيداوار نه ڏيئي رهيو آهي ۽ ڪيترائي وڏا سيڙپڪار پنهنجون صنعتون صرف ان ڪري ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتقل ڪري ويا آهن جو پاڪستان ۾ کين توانائي جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وڃي. امن امان جي خراب صورتحال جي ڪري ٻاهرين ملڪن کان سيڙپڪار پاڪستان اچڻ کان لنوائي ٿو ۽ ڪيترائي پاڪستان جا سيڙپڪار امن امان جي خراب صورتحال جي ڪري پنهنجو ناڻو ٻاهر کڻي وڃن ٿا جنهن جي ڪري ملڪ جي معاشي صورتحال ڪمزور ئي رهي ٿي. اڃان تائين ملڪ ۾ گورننس جا چئلينجز مختلف طريقن سان موجود آهن، بيوروڪريسي جي ڪارڪردگي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، جنهن مان نه حڪومت مطمئن آهي ۽ نه ئي عوام ۽ حڪومت اڃان تائين اطمينان جوڳيون پاليسيون ٺاهڻ ۾ به ناڪام رهي آهي. ڪيترائي ملڪ آءِ ايم ايف جو پروگرام وٺي ترقي ڪري پنهنجن پيرن تي بيهي چڪا آهن، پر پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي آءِ ايم ايف جو قرض وٺي ان جي وياج جو وزن پنهنجي عوام جي ڪلهن تي وڌائيندا ايندڙ ڪيترن ئي نسلن کي ان جي واپسيءَ جو ذميدار بڻائيندا وڃن.
تازو ئي 2024ع ۾ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان جي لاءِ 37 مهينن جو ايڪسٽينڊڊ ارينجمينٽ انڊر دي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسيلٽي (EFF) پروگرام پاڪستان کي ڏنو، اهو پروگرام 37 مهينن جو آهي. هن پروگرام ۾ هڪ قسط جاري ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ٻي قسط جاري ٿيڻ جو وقت ايندو آهي ته ان کان اڳ ورتل قسط جي استعمال جو جائزو ورتو ويندو آهي ته ڇا پاڪستان حڪومت ان قرض جو صحيح استعمال ڪيو آهي جنهن جا واعدا آءِ ايم ايف سان قرض وٺڻ وقت ڪيا ويا هئا. 2025ع مارچ ۾ نئين قسط جاري ٿيڻ جي لاءِ بحث مباحثو جاري هو ته پاڪستان جي گذريل ورتل قرض واري پروگرام کي واعدن مطابق استعمال ڪيو ويو آهي يا نه. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي وچ ۾ نئين قسط حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٻولهيون مڪمل ٿي چڪيون آهن. آءِ ايم ايف جي چوڻ مطابق پاڪستان حڪومت پنهنجن خرچن کي ڪنٽرول ڪيو آهي. خاص طور تي ترقياتي پروگرام ذريعي مالي هدفن کي برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري کانپوءِ پاڪستان کي ٻه ارب ڊالر کان وڌيڪ قسط جاري ڪئي ويندي. آءِ ايم ايف اهو به اعلاميو جاري ڪيو آهي ته پاڪستان سان گڏ هڪ 7 ارب ڊالر قرض جي ٻئي پروگرام جو جائزو ورتو پيو وڃي، جنهن ۾ ڪلائيميٽ فنانسنگ جي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.
پاڪستان جي قرضن جي ادائگي، مئنيجمينٽ، توانائي جي شعبي ۾ لاڳت گهٽ ڪرڻ، توانائي جي شعبي ۾ بهتري، معاشي ترقي جي شرح کي وڌائڻ، عوامي صحت، تعليم جو فروغ، سماجي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺي ٿي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان هن ڀيري پنهنجي قرض پروگرام تي سختيءَ سان عمل ڪيو آهي ۽ ايندڙ پروگرام جي لاءِ ڳالهيون مثبت رهيون ۽ وڌيڪ ڳالهيون آن لائين جاري رهنديون.