خاصنئون

ملڪ جي مذهبي عالمن هڪ وقت تي اذان ۽ لکيل خطبا نا منظور ڪري ڇڏيا

حڪومت طرفان ملڪ جي عالمن کي هڪ ئي وقت ۾ اذان ۽ نماز اداڪرڻ سان گڏ لکيل خطبو پڙهڻ لاءِ چيو. جنهن جي جواب ۾ ملڪ جي مذهبي عالمن ان رٿ کي نا منظور ڪري ڇڏيو. حڪومت پاران چيو ويو هيو ته هن عمل سان ملڪ ۾ مذهبي هم آهنگي پيد اٿيڻ سميت  نفرتن ۾ گهٽتائي ايندي. حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته عالمن سان ميٽنگ ٿي جنهن ۾ اسان انهن کي هڪ وقت ۾ اذان لاءِ قائل نه ڪري سگهيا آهيون. جڏهن ته عالمن چيو اهي ته اسان جا لکيل خطبا حڪومت کان منظور ڪرائڻ جي معاملي ۾ پيش رفت ٿي سگهي ٿي. جنهن کان علاوه عالم  گڏيل طور منظور ڪيل خطبن جي عنوان لاءِ راضي ٿي ويا آهن.