اونڌاهي ۾ روشني ڪرڻ ۽ رستو ڏيکارڻ وارو انقلابي ڪانٽيڪٽ لينس

اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن توهان خاص ڪانٽيڪٽ لينس ذريعي اونداهي ۾ به ڏسي سگهندا. روڊ کان اڳيان جو رستو معلوم ڪري سگهندا، ڪنهن به جڳهه جو حال معلوم ڪري سگهندا، پر سڄي معلومات سڌو سنئون توهان جي اکين جي سامهون هوندي جنهن لاءِ ڪنهن عينڪ جي ضروت نه پوندي. توهان هلندي ڦرندي موسم جو حال، راند جو احوال، اسٽاڪ جو بيان، سرڪاري فرمان ۽ بين الاقوامي معاملا ۽ خبرون پنهنجي اک ۾ ئي پڙهي سگهندا. جيڪڏهن لينس کي اک جي ويجهو ڪيو وڃي ته ان ۾ ننڍڙا روشن لفظ ڏسي سگهجن ٿا جيڪي لينس پائڻ کانپوءِ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ان سان گڏ دل جو ڌڙڪو ۽ جسماني ڪيفيت به ظاهر ڪندو آهي. ان کان علاوه جيڪڏهن توهان اڻ ڄاڻ رستي تي هلي رهيا آهيو ته لينس اڳيان جو رستو ۽ رڪاوٽون به ٻڌائي سگهندو. ان جي تياري ۾ تمام وڏيون ڪمپنيون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن جن ۾ گوگل، ايميزون، زيئس ۽ فلپس وغيره شامل آهن. انهن ڪمپنين گڏجي ايڪيهين صدي جو حقيقي ڪانٽيڪٽ لينس ڊزائين ڪيو آهي جنهن ۾ هر طرح جا لوازمات موجود آهن، پر اڃان هي لينس بازار ۾ موجود نه آهي. ڇاڪاڻ ته ايف ڊي اي پاران اڃان تائين ان جي سند نه ملي سگهي آهي. هي لفظ ڏسڻ وارو بي جان لينس نه پر سمورين شين جو احساس ڪندو آهي. اکين جي حرڪت جو پتو ڏيندو آهي ۽ ڪمزور بصارت وارن کي ڏسڻ ۾ مدد به ڏيندو آهي. انهيءَ سبب موجو (Mojo) لينس سمارٽ عينڪ يا سمارٽ واچ جهڙو نه آهي. في الحال لينس جي اندر ئي هڪ ننڍي بيٽري لڳائي وئي آهي پر ايندڙ مرحلي ۾ ان کي وائرليس ذريعي توانائي فراهم ڪئي ويندي.