ڊالر وري 8 رپيا مهانگو ٿي ويو
انٽر مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 8 رپين جو اضافو ٿي ويوآهي ، جنهن بعد ڊالر هاڻي 110 رپيا 50 پئسن کان وڌي 118 رپيا 50 پئسا ٿي ويو. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي فروخت ئي بند ڪئي وئي آهي. مارڪيٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي قرض جو ملهه 89 ارب ڊالر آهي ۽ هاڻي ڊالر جي قيمت ۾ هن اضافي بعد صرف هڪ ڏينهن ۾ان قرض جو ملهه 800 ارب رپين تائين وڌي ويو آهي. ڊالر جي هن اضافي بعد ملڪ اندر مهانگائي جو هڪ نئون طوفان ايندو. واضح رهي ته آءِ ايم ايف پاران گذريل ڪجهه مهينن کان پاڪستان حڪومت کي چيو پيو وڃي ته اها ڊالر جو ملهه وڌائي 115 جي لڳ ڀڳ ڪري. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته هن سان پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري ايندي.