ڪهاڻيوننئون

ٻارن جو صفحو: پِتڪُو -ھڪ پِتڪڙو پوپٽ-6 (منهنجو پيارو بابا)

سانوڻيءَ جي وسڪارن جي مُند اچي وئي ھئي، ٻن ٽن ڏھاڙن کان اُڀَ تي ڪارا ڪڪر پکڙيل ھئا ۽ ڪَنھن ڪَنھن مھل، ٿڌڙي ھير سان گڏ سَنهي بُوند پئي وَسي. مند ته وڻندڙ ھئي، پر پتڪوءَ جي پيءُ اُتڪوءَ، پتڪوءَ کي ٻاھر راند کيڏڻ کان جهلي ڇڏيو ھو. ھو وقتي طور تي ننڍن ٻوٽن وارو پنھنجو گهر ڇڏي، انب جي وڻ تي لڏي ويا ھئا. اتي ھڪ اھڙي ڏار تي وڃي ٽِڪيا ھئا، جنھن تي ٽاريون جام ۽ پَن گهاٽا ھئا. ايئن تيز ھوا توڙي مينھن کان بچي پئي سگهيا. پتڪوءَ جا دوست شوزو، رومو ۽ ياسو به پنھنجي پنھنجي ڪٽنب سان ڪنھن نه ڪنھن وڻ تي وڃي رھيا ھئا.

“سانوڻيءَ جا مينھن ڏاڍا خطرناڪ ٿيندا آھن پتڪو پٽ. ان ڪري جيستائين مينھن آھن تيستائين تون ٻاھر کيڏڻ لاءِ نه وڃ.” پتڪوءَ جي پيءُ کيس سمجهائيندي چيو ھو.

“ٺيڪ آھي بابا سائين.” پتڪوءَ، اٻاڻڪو (اداس) ٿيندي وراڻيو ھو.

ھاڻي پتڪوءَ جو سمورو وقت پنھنجي ماءُ پيءُ سان گڏ، نئين جاءِ تي گذرندو ھو. ھُو پنھنجي امڙ سان ڪچهري ڪندو ھو ته ڪنھن مھل سندس پيءُ کيس ڪا وندرائيندڙ آکاڻي ٻڌائيندو ھو. پتڪوءَ جو وقت سٺو گذرندو ھو، پر رَکي رَکي جڏھن کيس شوزو، رومو ۽ ياسو ياد ايندا ھئا ته پوءِ ھن جي دل انهن سان ملڻ گهرندي ھئي، پر ھو به لاچار ھو. ڇا پئي ڪري سگهيو؟

ھڪ ڏينھن ھڪ ڀوائتي آواز تي پتڪوءَ کي جاڳ ٿي وئي. پتڪوءَ اکيون کولي ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو. اڃان رات ھئي ۽ ھن جا ماءُ پيءُ اتي ئي ويٺا ھئا. ھن جو پيءُ شايد ڪيڏانھن وڃڻ جي تياريءَ ۾ ھو.

“امان آواز ڇا جو ھو ۽ بابا رات جو ڪيڏانھن پيو وڃي؟” پتڪوءَ اوٻاسي ڏئي پڇيو.

“پتڪو پٽ، صبح ٿي ويو آھي. ڪاري جهڙ جي ڪري اونداھه پئي لڳي.گجگوڙ به ٿِئي پئي، لڳي ٿو تيز مينھن وسندو.” پتڪوءَ جي امڙ ڳڻتيءَ وچان وراڻيو.

“پٽ مان مٿي گهر جي ڇت تائين ٿو وڃان. اتي ڪجهه گلن واريون ڪونڊيون آھن. انهن جو رس کڻي اجهو ٿو موٽان.” اُتڪوءَ چيو.

“اوھان نه وڃو بابا. امان چئي ٿي ته تيز مينھن وسندو.” پتڪوءَ به پريشانيءَ وچان چيو.

“بس دير ناھي پٽ. اِجهو آيس. اتڪوءَ مرڪندي وراڻيو ۽ ڏار تان اڏامي، انب جي پنن وچان مٿي اڏامي ويو. پتڪو به ٽَپ ڏئي ھڪ پَنَ تي وڃي ويٺو ۽ ٽارين جي وِٿيءَ مان پنھنجي پيءُ کي مٿي ڇت ڏانھن اڏامندي ڏسڻ لڳو.

انھيءَ مھل ئي ٻيھر گجگوڙ جو آواز ٿيو ۽ ھڪدم ئي وڏ ڦڙو وسڻ لڳو.

“پتڪو جلدي پنن جي ھيٺان اچ. مينھن شروع ٿي ويو آھي.” پتڪوءَ جي امڙ چيو.

پر پتڪوءَ ڄڻ ته ڪجهه ٻُڌو ئي ڪونه. ھو ته پنھنجي پيءُ ڏانھن ڏسي رھيو ھو جيڪو تيز طوفاني مينھن ۾ پاڻ کي سنڀالڻ لاءِ پرَ ھڻي رھيو ھو.

“بابا” پتڪوءَ چِيٽَ (ھلڪي رڙ) ڪندي پنھنجي بابا کي سڏيو، پر سندس سَڏُ، گجگوڙ جي ھڪ وڏي آواز دٻائي ڇڏيو.

پتڪوءَ جو پيءُ، طوفاني ھوا ۽ وڏ ڦڙي ھٿان لاچار ٿي ڀِت سان چَھٽي (چُنبڙي) پيو. مينھن جون ڦِينگون اتي به کيس ڀِڄائي رھيون ھيون.

“پتڪو ڇا ٿيو پٽ؟” پتڪوءَ جي امڙ ڳڻتيءَ وچان پڇيو.

پتڪوءَ روئڻھارڪو ٿيندي پنھنجي ماءُ ڏانھن ڏٺو ۽ ڪا وراڻي ڏيڻ بدران، ٽارين جي وِٿيءَ مان پيءُ ڏانھن اڏامڻ شروع ڪري ڏنائين.

ھن جي ماءُ کيس گهڻا ئي سڏ ڪيا، پر پتڪو پنھنجي پيءُ کي بچائڻ لاءِ نڪري پيو ھو.

پتڪوءَ لاءِ تيز ھوا ۾ اڏامڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ھو. مٿان وري تيز وسڪاري ڪَسرَ ئي پوري ڪري ڇڏي ھئي، پر پتڪو پنھنجي پيءُ جي واھر ڪرڻ لاءِ ھمت ڏيکاري رھيو ھو. پتڪوءَ جو پيءُ پنھنجي گهرڀاتين جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ نڪتو ھو ۽ مصيبت ۾ پئجي ويو ھو. ھاڻ پتڪوءَ جو فرض ھو ته ھُو پنھنجي پيءُ لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکاري.

پتڪو، مينھن جي وڏن ڦُڙن ۽ ھوا جي تيز جُهوٽن کي مُنھن ڏيندو اڳتي وڌي رھيو ھو جو ھُنَ پنھنجي پيءُ کي ھيٺ ڪرندي ڏٺو. ڇت تان ايندڙ نيساري جي پاڻيءَ جي ڦِينگن، ڀت سان چُنبڙيل اُتڪوءَ کي ھيٺ ڪيرائي وِڌو ھو. اتڪو، ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان ھيٺ آيو ۽ سڌو اچي ان ھنڌ ڪريو، جنھن ھنڌ پاڻي ناليءَ جي شڪل ۾ وھندو، گهر جي وڏي گيٽ ھيٺان نڪري رھيو ھو.

“بابا… منھنجا پيارا بابا.” پتڪوءَ دانھن ڪئي ۽ پاڻ به ناليءَ ڏانھن اڏامڻ لڳو.

پتڪوءَ جو پيءُ پاڻيءَ تي اونڌو ڪِريل ھو. ھُو سڄو پُسي ويو ھو ۽ لاچاريءَ وچان وڏي گيٽ ڏانھن لُڙھي رھيو ھو.

“نه وڃ پٽ، موٽي آ پتڪو، تون اڃان ننڍڙو آھين.” پتڪوءَ جي ماءُ ڏاڍيون دانھون ڪيون، پر پتڪوءَ ڪونه ٻڌيون. پيءُ جي اُڪيرَ (محبت) ۾ ھو بي ڊپو، ڀوائتي مِينھنَن ۾ ڪاھي پيو ھو.

پتڪو، طوفان سان وڙھندو، تڪڙا پَرَ ھڻندو پيءُ ڏانھن وڌڻ لڳو. اُتڪو، بيوس ٿيو، وڏي گيٽ ڏانھن لُڙھي رھيو ھو. گيٽ جي ٻئي پاسي ھڪ وڏي نالِي تارُ وھي رھي ھئي، جي اُتڪو انَ ۾ وڃي پئي ھا ته سندس بچڻ ڏکيو ھو.

پتڪو وسَ آھر اڏامڻ جي ڪري رھيو ھو، پر مينھن ۽ ھوا سندس آڏو رڪاوٽ ھئا. پوءِ به ھو ھمت ھارڻَ بدران اڳتي اڏامڻ جي ڪري رھيو ھو.

ان مھل ئي ڪا شيءِ سندس مٿان ٿيندي، تڪڙ ۾ ھنَ جي پيءُ ڏانھن وڌڻ لڳي. گڏ ئي پتڪوءَ ھڪ آواز به ٻُڌو… “تڪڙو اچ پتڪو ۽ ھن تيليءَ کي پڪڙ.”

پتڪوءَ ڏٺو ته سندس دوست شوزو ۽ ان جو پيءُ ھارزو، ھڪ ڊگهي سنهي تيليءَ کي پڪڙي ھنَ جي پيءُ جي مدد ڪرڻ لاءِ پُڄي ويا ھئا. انهن کي پتڪوءَ جي امڙ اماڻيو ھو.

“چاچا… منھنجو بابا.” پتڪوءَ ڏاڍيان چيو.

“پتڪو، تيليءَ کي ھڪ پاسي کان سُڪَ ڪر جلدي.” شوزوءَ به ڏاڍيان چيو.

پتڪو سندن ارادو پروڙي (سمجهي) ورتو. ھن تيز تيز پَر ھنيا ۽ تيليءَ کي ڪنڊ وٽان پنھنجي پتڪڙين ٽنگن سان جهلي ورتو.

ھاڻي ھو ٽئي تڪڙا اڏامندا، پتڪوءَ جي پيءُ اُتڪوءَ جي ڪڍ اڏامڻ لڳا.

“ويجهو پڄندي ئي ھيٺ ٿجو ته جيئن اُتڪُو تيليءَ کي پڪڙي ۽ اسان کيس بچائي سگهون.” شوزوءَ جي پيءُ ھارزو چيو.

ھو ٽئي جيئن ئي اُتڪوءَ جي ڀرسان پھتا، ان کان اڳ جو ھيٺ ٿين ھا ھوا جو جهوٽو کين ويتر مٿي کڻي ويو ۽ ٻي گهڙيءَ ھو ٽئي بولاٽيون کائيندا وڏي گيٽ سان وڃي لڳا. تيلي ھارزو ۽ شوزوءَ کان ڇڏائجي وئي، پر پتڪو تيليءَ کي سُڪ ڪيو پَرَ ھڻي رھيو ھو.

ھن ڏٺو ته سندس پيءُ گيٽ ۽ پَٽَ جي وِٿيءَ وٽ پھچي ويو ھو. بس ڪجهه ئي گهڙين کانپوءِ ھو ٻاھر ناليءَ ۾ وڃي پَئي ھا. اھو ڏسي پتڪوءَ ۾ ھڪ عجب جذبو اچي ويو. ھن، ھارزو ۽ شوزو جو اوسيئڙو ڪرڻ بدران تڪڙا تڪڙا پَر ھڻڻ شروع ڪيا ۽ گيٽ جي مٿان اڏامندي ٻاھر پھچي ويو ۽ سِڌو ناليءَ ڏانھن وڌڻ لڳو. اتي ڪجهه ھيٺانھين ھئڻ ڪري پاڻيءَ جو وھڪرو به تکو ھو.

جلد ئي پتڪوءَ جو پيءُ اُتڪو به گيٽ ھيٺان ظاھر ٿيو. پاڻي کيس ڇڪيندو ناليءَ ڏانھن وَھائڻ لڳو.

“بابا…” پتڪوءَ دانھن ڪندي پيءُ ڏانھن گُهتَ ھنئي ۽ ان کان اڳ جو ھن جو پيءُ ناليءَ ۾ وڃي ڪري ھا، پتڪو تيليءَ سوڌو پيءُ جي ويجهو پھچي ويو. اُتڪوءَ به ھمت جوٽيندي، پنھنجي سنهڙين ٽنگن سان تيليءَ کي سُڪَ ڪري ورتو.

اُنهيءَ مھل ئي ھوا جو ٻيو جهوٽو آيو ۽ اُتڪو ۽ پتڪوءَ کي پاڻ سان کنيو مٿانھينءَ ڏانھن وٺي ويو. روڊ جي وَٽِ سان ئي ھڪ وڏو وڻ به ھو. ٻئي پيءُ پٽ، ان وڻ جي ھڪ ڏار تي وڃي ڪِريا.

“بابا” پتڪو پنھنجي پيءُ کي چُنبڙي پيو.

“منھنجا پٽ” اُتڪوءَ، پتڪوءَ کي پنھنجي پَرَ ھيٺان ڪندي چيو.

“منھنجا پيارا بابا” پتڪوءَ مرڪندي وراڻيو ۽ اکيون ٻُوٽي ڇڏيائين. ھاڻي کيس ڪابه ڳڻتي ڪونه ھئي. ھن جو بابا جو ساڻس گڏ ھو. سندس حياتي بچي وئي ھئي. پتڪوءَ کي لڳو ڄڻ ھن جي پنھنجي حياتي بچي وئي آھي.

جلد ئي ھارزو ۽ شوزو به اتي اچي ويا ۽ ھو سڀ مينھن بيھڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا ته جيئن واپس گهر وڃي سگهن.

…(هلندڙ)…

***