پتڪو وسَ آھر اڏامڻ جي ڪري رھيو ھو، پر مينھن ۽ ھوا سندس آڏو رڪاوٽ ھئا. پوءِ به ھو ھمت ھارڻَ بدران اڳتي اڏامڻ جي ڪري رھيو ھو.
ان مھل ئي ڪا شيءِ سندس مٿان ٿيندي، تڪڙ ۾ ھنَ جي پيءُ ڏانھن وڌڻ لڳي. گڏ ئي پتڪوءَ ھڪ آواز به ٻُڌو… “تڪڙو اچ پتڪو ۽ ھن تيليءَ کي پڪڙ.”
پتڪوءَ ڏٺو ته سندس دوست شوزو ۽ ان جو پيءُ ھارزو، ھڪ ڊگهي سنهي تيليءَ کي پڪڙي ھنَ جي پيءُ جي مدد ڪرڻ لاءِ پُڄي ويا ھئا. انهن کي پتڪوءَ جي امڙ اماڻيو ھو.
“چاچا… منھنجو بابا.” پتڪوءَ ڏاڍيان چيو.
“پتڪو، تيليءَ کي ھڪ پاسي کان سُڪَ ڪر جلدي.” شوزوءَ به ڏاڍيان چيو.
جلد ئي پتڪوءَ جو پيءُ اُتڪو به گيٽ ھيٺان ظاھر ٿيو. پاڻي کيس ڇڪيندو ناليءَ ڏانھن وَھائڻ لڳو.
“بابا…” پتڪوءَ دانھن ڪندي پيءُ ڏانھن گُهتَ ھنئي ۽ ان کان اڳ جو ھن جو پيءُ ناليءَ ۾ وڃي ڪري ھا، پتڪو تيليءَ سوڌو پيءُ جي ويجهو پھچي ويو. اُتڪوءَ به ھمت جوٽيندي، پنھنجي سنهڙين ٽنگن سان تيليءَ کي سُڪَ ڪري ورتو.
اُنهيءَ مھل ئي ھوا جو ٻيو جهوٽو آيو ۽ اُتڪو ۽ پتڪوءَ کي پاڻ سان کنيو مٿانھينءَ ڏانھن وٺي ويو. روڊ جي وَٽِ سان ئي ھڪ وڏو وڻ به ھو. ٻئي پيءُ پٽ، ان وڻ جي ھڪ ڏار تي وڃي ڪِريا.
“بابا” پتڪو پنھنجي پيءُ کي چُنبڙي پيو.
“منھنجا پٽ” اُتڪوءَ، پتڪوءَ کي پنھنجي پَرَ ھيٺان ڪندي چيو.
“منھنجا پيارا بابا” پتڪوءَ مرڪندي وراڻيو ۽ اکيون ٻُوٽي ڇڏيائين. ھاڻي کيس ڪابه ڳڻتي ڪونه ھئي. ھن جو بابا جو ساڻس گڏ ھو. سندس حياتي بچي وئي ھئي. پتڪوءَ کي لڳو ڄڻ ھن جي پنھنجي حياتي بچي وئي آھي.