مزدورن لاءِ 200 ارب جو امدادي پئڪيج آڻڻ جو فيصلو

وفاقي حڪومت وزيراعظم رليف پئڪيج تحت ڏهاڙي وارن مزدورن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ 200 ارب رپيا مخصوص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت مستحق مزدورن کي 3 هزار رپيا ماهوار امداد ڏني ويندي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي (اي سي سي) اڄ (اربع ڏينهن) امدادي پئڪيج جي منظوري ڏيڻ سميت 9 نڪاتي ايجنڊا جو جائزو وٺندي اقتصادي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس اڄ مشير خزانه ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيندو. اجلاس ۾ اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري اٿارٽي لاءِ ابتدائي رقم جي طور تي 15 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ان ريڊ فراهم ڪرڻ، بلوچستان حڪومت کي هلندڙ سال دوران 19 منصوبن تي عملدرآمد لاءِ 60 ڪروڙ 60 لک رپين جي ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ جي منظوري ڏيڻ جو به امڪان آهي
