فيصل ايڌي ڪورونا جو شڪار، وزيراعظم جا به ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا ويا

مشهور سماجي اڳواڻ عبدالستار ايڌي جي وڏي فلاحي تنظيم ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي. جڏهن ته وزيراعظم به ٽيسٽ ڪرائڻ تي راضي ٿي ويو آهي ۽ وزيراعظم جا شوڪت خانم عملي ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا آهن جيڪي شوڪت خانم ليبارٽري اماڻيا ويا آهن. فيصل ايڌي جي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ بابت ٻڌايو ويو آهي ته فيصل ايڌي هن وقت اسلام آباد ۾ موجود آهي ۽ سندس ڪيل ڪورونا ٽيسٽ به اسلام آباد جي اسپتال جي ئي آهي. فيصل ايڌي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مون کي بخار ۽ مٿي ۾ سور هو ۽ اهي علامتون ٽن ڏينهن تائين جاري رهيون، مون گذريل ڏينهن ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا پازيٽو آئي. سندس چوڻ هو ته مون کي هڪ هفتي تائين سيلف آئيسوليشن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي