سنڌ ۾ نئون تعليمي سال پهرين جون کان شروع ٿيندو، نوٽيفڪيشن جاري
تعليم کاتي جي جاري ٿيل نوٽيفڪيشن مطابق سنڌ ۾ نئون تعليمي سال پهرين جون کان شروع ٿيندو. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايل آهي ته پهرين تعليمي سال جون داخلائون اپريل ۾ ٿينديون هيون، پر هاڻي 21-2020 لاءِ جون کان داخلائون ٿينديون. جڏهن ته نائين ۽ يارهين درجي ۾ داخلا پهرين جون کان 10 جون تائين ٿيندي. يارهين درجي ۾ داخلا لاءِ نائين ڪلاس جي مارڪ شيٽ ڏني ويندي، ميٽرڪ جي نتيجن کان اڳ ئي داخلا ٿي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب پهرين کان ٽئين درجي تائين ڪارڪردگي تحت درجو وڌايو ويندو. چوٿين درجي کان اٺين درجي تائين امتحان 15 جون تائين مڪمل ورتا ويندا. جڏهن ته نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان 15 جون 2020 کان ورتا ويندا ۽ ميٽرڪ جو نتيجو 15 آگسٽ تائين پڌرو ڪيو ويندو، يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان 6 جولاءِ 2020 کان اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ورتا ويندا. امتحان ۾ ويهڻ لاءِ 75 سيڪڙو حاضري لازمي هوندي، جن جا نتيجا 15 سيپٽمبر تائين پڌرا ڪيا ويندا. گرمي جون موڪلون 16 اپريل کان 30 مئي 2020 تائين هونديون. جڏهن ته سياري جون موڪلون 20 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر 2020 تائين ٿينديون، باقي موڪلون سرڪار جي ڏنل شيڊيول موجب ٿينديون ۽ سال ۾ هڪ ڀيرو راندين جو هفتو ملهايو ويندو