خاص

ڊجيٽل آدمشماري شفاف انداز ۾ نه ٿي ته سنڌ حڪومت پنهنجي حمايت واپس وٺي ڇڏيندي: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري شفاف انداز ۾ نه ٿي ته سنڌ حڪومت پنهنجي حمايت واپس وٺي ڇڏيندي. ڪراچي گيمز جي تقريب ۾ شرڪت بعد گورنر سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آدمشماري تي اسان جا اعتراض ختم نه ڪيا ويا ته پوءِ سياسي حڪمت عملي به جوڙينداسين.  وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ رونقون بحال ڪرايون آهن، اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جا روڪيل نتيجا جاري ڪري، ڪراچي جو ميئر پيپلزپارٽي جو ئي هوندو، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته هي وقت ملڪ کي بچائڻ جو آهي، عمران خان ملڪ لاءِ وڏا معاشي بحران ڇڏي ويو آهي، معاشي بحران تي ڪنٽرول لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.