لُنڊا بازارن ۾ خريدارن جي پيهه پيهان…
الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل
لُنڊا بازارن ۾ خريدارن جي پيهه پيهان…
الطاف شيخ
اسان جو ڊرائيور مون کان اڌ ڏينهن جي موڪل وٺي پنهنجي ڇهن سالن جي پٽ لاءِ صدر مان اسڪول بئگ وٺڻ لاءِ ٿي نڪتو ته مون چيو مانس “آچر بازار مان ڇو نٿو وٺين جتان توکي سستي به ملي ويندي ته مضبوط به.”
“نه سائين آئون لنڊا جي شيءِ نٿو وٺڻ چاهيان.” هن وراڻيو.
“پر اڄڪلهه ته وڏا وڏا ماڻهو ۽ فارينر لنڊا جون شيون خريد ڪندي نظر اچن ٿا.” مون کيس چيو پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو.
اسان جو هڪ مائٽ آچر بازار مان فقط ڀاڄي ۽ ميوو وٺندو آهي، ڪڏهن به ڪا قميص، مفلر، جوراب يا سوئيٽر خريد نه ڪندو آهي چاهي اهي شيون نيون وڪامي رهيون هجن. هن جو چوڻ آهي ته اهي ڪپڙا جيڪي ولايت مان اچن ٿا انهن ۾ جراثيم ٿين ٿا، اتفاق سان ڪو رومال يا جوراب وٺندو ته اهو ٻه ٻه دفعا ڌوئي پوءِ استعمال ڪندو. حيرت ان ڳالهه جي آهي جو اهڙين آچر يا جمعي مارڪيٽن مان هزارين ماڻهو خريداري ڪندا رهن ٿا جن ۾ مڪاني ماڻهن کان علاوه اهي پاڪستاني به آهن جيڪي ولايت ۾ رهن ٿا ۽ ڪجهه عرصي لاءِ موڪل تي وطن آيل هوندا آهن. ڪيترن کي ته آئون سڃاڻان جيڪي هنن مارڪيٽن مان خريداري ڪري ولايت کڻي وڃن ٿا. ان کان علاوه ڊفينس جي آچر مارڪيٽ ۾ ته آئون ڏسندو آهيان ته ڪيترائي فارينر به هوندا آهن… اهي نه فقط چين، فلپين، ڪوريا، سريلنڪا، سوڍان، ازبڪستان، ڪرغستان جهڙن ڪنگلن ملڪن جا پر ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ جاپان جهڙن ملڪن جا به خريداري ڪندي نظر اچن ٿا.
ٻاهرين ملڪن مان پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي دوستن لاءِ شيون ۽ تحفا وٺي اچجن ان کان ته بهتر آهي ته اهڙين آچر بازارن مان خريداري ڪجي. ٻاهرين ملڪن مان مون کي چانهه پيئڻ جي انهن مگن وٺي اچڻ جو شوق رهيو آهي جن تي ڪنهن يونيورسٽي، ڪاليج يا گهمڻ واري جاءِ جو نقش چٽيل هجي. آخري دفعو 2005ع ۾ آمريڪا مان وٺي آيو هئس جتي هڪ هڪ مگ ٽن ڊالرن جو ملي ٿو. ان کان علاوه هڪ ايئرپورٽ کان ٻئي تائين وزن ڍوئڻو پيو. بهرحال اها تڏهن جي ڳالهه آهي، هاڻ پنهنجي لاءِ توڙي دوستن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ ڪراچي جي آچر بازار مان مگ خريد ڪريان ٿو جتي چين، ٿائلينڊ ۽ ايران جا ته ڇا پر انگلينڊ، آمريڪا ۽ جاپان جا به مليو وڃن ۽ هاڻ ڊالر جي قيمت وڌي وئي آهي ان ڪري في مگ 60 يا 70 رپين ملي ٿو نه ته سال ٻه اڳ 50 رپئي مليو ٿي. بهرحال ستر يا اسي رپئي ملي ته به ان جي قيمت هڪ ڊالر کان به گهٽ ٿي.

پاڪستان جي هنن مارڪيٽن ۾ اوچين اوچين ڪمپنين (برانڊن) جون جئڪيٽون، ڪوٽ ۽ قميصون سي به نيون نڪور تمام سستي اگهه ۾ مليو وڃن. توهان چوندئو ته ڪيئن خبر پوي ته اهي نيون ۽ اڻ استعمال ٿيل آهن؟ ان لاءِ انهن تي لڳل اليڪٽرونڪ Magnetic ٽئگ (نيلان جو چقمقي ڌاڳو) ڏسي سگهو ٿا. هيءَ اها شيءِ آهي جيڪا ولايت جي دڪانن تي پئسن واري ڪائونٽر تي payment بعد ڪَٽي وڃي ٿي يا هڪ اوزار ذريعي Demagnetized ڪئي وڃي ٿي. ائين نه ڪرڻ سان دڪان مان نڪرڻ وقت چوريءَ جو الارم وڄي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ لنڊا جي سامان جو زور سٺ جي ڏهي جي شروعاتي سالن ۾ ٿيو. پهرين پهرين مختلف امير ملڪن مان استعمال شده ۽ پراڻا ڪپڙا اچڻ لڳا هئا. تن ڏينهن ۾ ڪپڙن جي معاملي ۾ يورپ وارن جا به حال هيڻا هئا. ٻي عالمي جنگ جا اثر اڃان موجود هئا. اسان وٽ وري به ڪاٽن جو ڪپڙو ۽ سلائي سستي هئي. گرم ڪپڙا ٻاهران وٺي پاڪستان ۾ اچي ڪوٽ سبرائبا هئا. اهڙي طرح پتلونون پڻ. ايرو ۽ سينٽ مائيڪل جهڙن برانڊن جون قميصون خريد ڪرڻ لاءِ آمريڪا وڃڻو پوندو هو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪپڙن جي هر ڪمپني جي برانچ ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ کلي وئي جو يورپ کان ليبر سستو هجڻ ڪري سلائي تي گهٽ خرچ اچڻ لڳو. هاڻ ته آفريڪا ۽ ايشيا جي هر ملڪ ۾ هر برانڊ ۽ هر ڪمپني جا ڪپڙا ٺهن ٿا، يورپ ۽ آمريڪا جي مارڪيٽن ۾ انهن شين سان دڪان اٿلن ٿا. موسم جي تبديليءَ تي اهي ڪپڙا ڪڍي وري نئين فيشن جا رکيا وڃن ٿا. پراڻي فيشن يا موسم جي تبديليءَ تي ڪپڙن مان جان ڇڏائڻ لاءِ دڪاندار اڪو مال وڪڻن ٿا ۽ اهو يڪو سامان خريد ڪرڻ لاءِ دنيا جي هر ملڪ ۾ پاڪستاني خاص ڪري پٺاڻ، (هاڻ ڪجهه پنجاب پاسي جا به) نظر اچن ٿا. هو يڪو سامان خريد ڪري وڏا وڏا Container ڀرائي پاڻيءَ جي جهازن رستي پاڪستان موڪلين ٿا جتان کانئن امير ميمڻ واپاري خريد ڪن ٿا. اهي ميمڻ، آغا خاني ۽ چنيوٽي واپاري ڪنٽينرن مان مال جي ڇانٽي ڪري ڪجهه اوچو سامان طارق روڊ ۽ ڪلفٽن وارن دڪانن تي وڪڻن ٿا باقيءَ جون هڙون ٺاهي تور جي حساب سان ننڍن پٺاڻ واپارين کي وڪڻن ٿا جيڪي وڏن شهرن جي آچر، جمع ۽ منگل بازارن ۾ وڪڻن ٿا.

اڄ کان چاليهه سال اڳ وارن جاپاني سفر نامن ۾ ڪوبي ۽ يوڪوها شهرن جي سک دڪاندارن جو احوال لکيو اٿم ته هنن جا “Rokko Saris” نالي انهن شهرن ۾ ساڙهين ۽ ڪپڙي جا دڪان مشهور هئا جن تان اسان جهڙا ايشيائي ملڪن جا جهازران، انهن بندرگاهن ۾ جهاز پهچڻ تي، خريداري لاءِ پهچي ويندا هئا. تاڪين مان وڳا ڪٽڻ بعد آخر ۾ ٽن چئن والن جا جيڪي پيس بچندا هئا، اهي هو هڪ وڏي پلاسٽڪ جي ڊرم ۾ وجھندا ويندا هئا. هنن جي روزانو ايڏي کپت ٿيندي هئي جو روز شامَ جو اهو ڊرم ڪپڙن جي ٽڪرن سان ڀرجي ويندو هو. هڪ دفعي منهنجي زال جڏهن انهن ٽڪرن مان ڪجهه وٺڻ جو ارادو ڏيکاريو ته سک جي جاپاني زال معذرت ڪندي چيو ته هو اهي وڪڻي نٿا سگهن جو هنن جي هڪ پٺاڻ سان زبان ٿيل آهي جيڪو هر ٽي مهيني پاڪستان کان اچي ٿو ۽ سمورو اسڪرئپ مال خريد ڪريو وڃي. پوءِ مون هڪ دفعو ڏٺو ته ٻه پٺاڻ ڀاڙي جي ٽرڪ ڪري آيا ۽ نه فقط هن سک جي دڪان تان پر ڀروارن ٻين ڪپڙي جي دڪانن تان ڪپڙن جا اهي ڪٽ پيس کڻي ويا.
اسان جو جهاز جڏهن به نومبر جي مهيني ۾ جاپان جي بندرگاهه “وڪاياما” ۾ ويندو هو ته اسان کي خوشي ٿيندي هئي جو موسم جي تبديلي ڪري ڪيترن ڪپڙن ۽ بوٽن جا دڪاندار پنهنجن دڪانن مان اونهاري جو سامان ڪڍي فوٽ پاٿ تي ڍير ڪندا هئا ۽ اسان جهازن وارا پنهنجي پسند جون شيون اوڻي پوڻي ۾ خريد ڪندا هئاسين. جاپان سڄي ۾ زمين جي قلت آهي. دڪان ننڍا ننڍا… ڪٿي سامان رکن… سو سيارو شروع ٿيڻ سان اونهاري جو سامان ڪڍي سياري جو سامان دڪانن ۾ رکندا هئا. منهنجي خيالَ ۾ باقي بچيل سامان گودامن ۾ رکڻ بدران ساڙي ڇڏيندا هئا جو جاپان ۾ گودامن جي مسواڙَ سامان کان به گهڻي ٿيو وڃي. 1980ع ۾ وڪاياما پهتاسين ته خبر پئي ته موسم جي تبديلي تي هاڻ دڪاندار سامان فوٽ پاٿ تي رکن ئي ڪونه ٿا.
“پوءِ اهو سامان ڪيڏانهن ٿو وڃي؟” اسان دڪاندارن کان پڇيو.
“توهان جي ملڪ جا ماڻهو اسان کان سڄي لاٽ وٺي ڪنٽينر ڀريو ڪراچي موڪليو ڇڏين.” هنن ٻڌايو ۽ هو بيحد خوش هئا ته فوٽ پاٿ تي مهينو کن سامان رکي وڪڻڻ کان هنن جو هڪ ڏينهن ۾ سامان کڄيو وڃي.
آچر بازارون اسان وٽ ته هاڻ ٿيون لڳن، پر دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ان قسم جون بازارون سالن کان مشهور آهن. جيئن انگلينڊ ۾ پيني مارڪيٽ، ملائيشيا ۾ گئراج سيل، جاپان ۾ جنڪ شاپ وغيره جتي هر قسم جون شيون وڪامن ٿيون. ڪتاب ۽ Antique شيون خريد ڪرڻ جو آئون به شوقين آهيان ۽ هر ملڪ ۾ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ اهڙين مارڪيٽن ۾ چڪر هڻان ٿو. سڀ کان بهتر مون کي سوئيڊن جي لنڊا مارڪيٽ لڳي جيڪا Low Price مارڪيٽ سڏجي ٿي. هن مارڪيٽ ۾ نه فقط مختلف خالي ٿيل دڪانن جو مال اچي ٿو پر ڪيتريون ئي ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون گهر جو سامان کڻي اچن ٿيون.
سوئيڊن ۽ ڀروارن اسڪينڊينيوين ملڪن: ناروي، فنلينڊ ۽ ڊئنمارڪ ۾ طلاق تمام گهڻي ٿئي ٿي بقول “شادي رجسٽريشن کاتي” جي سئو مان نوانوي شاديون فيل وڃن ٿيون. مڪاني قانون موجب طلاق مرد ڏئي يا عورت پاڻ حاصل ڪري، مرد کي ٽن ڪپڙن ۾ گهر ڇڏڻو پوي ٿو جو طلاق وقت مرد جي هر شيءِ عورت جي ٿي وڃي ٿي. پوءِ پهرئين ئي آچر تي اهي طلاق واريون ڇوڪريون مڙسن جا ڇڏيل سامان: ڪپڙن کان ڪتاب، ڪئمرائون، ڪمپيوٽر کڻي اچيو هن مارڪيٽ ۾ نيڪال ڪن. هن مارڪيٽ ۾ سامان وڪڻڻ لاءِ هر هڪ کي ورتل اسٽال جي في ڏيڻي پوي ٿي ۽ سامان وڪامي يا نه، هنن کي چئين وڳي اسٽال خالي ڪرڻو پوندو آهي. پوءِ هو اهو سامان واپس گهر کڻي وڃڻ بدران مقرر جڳهه تي ڦٽو ڪري وڃن. اسان جي ملڪ جا، گهڻو ڪري پٺاڻ جيڪي سخت سردي ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا، اهي ان سامان سان ڪنٽينر ڀري ڪراچي موڪلين ٿا.

مٿين ملڪن ۾ گهر ڇڏڻ وقت ميونسپالٽي وارن کان مسواڙ جي ٽرڪ گهرائي گهر جو سامان شهر کان ٻاهر اڇلڻو پوي ٿو. سوئيڊن جي يونيورسٽي ۾ ٻه سال رهي واپس موٽڻ تي اسان کي به ائين ڪرڻو پيو. وڌ ۾ وڌ ڪپڙن ۽ ضروري سامان جون ٻه ٽي بئگون کڻي آياسين. باقي ديڳڙا، ٽوال، فالتو ڪپڙا، پليٽون، ڪوپَ، چمچا، هنڌ بسترا، اوون، ٽوسٽر ۽ ٻارن جا رانديڪا ڪير کڻي اچي؟ جو انهن جي وزن جو ڀاڙو سامان جي قيمت کان وڌيڪ ٿو ٿئي، پر اهو آهي ته جنهن شهر مالمو ۾ اسين هئاسين اتي اسان کي ميونسپل جي گاڏي نه گهرائڻي پئي. اسان کي خبر پئي ته ڪجهه پاڪستاني مفت ۾ سامان کڻيو وڃن. اسان پنج ڇهه ڄڻا هُئاسين جن کين فون ڪيو ۽ هو ٽرڪ ۾ اسان سڀني جو سامان کڻي ويا. هنن ٻڌايو ته هو ان سامان سان ڪنٽينر ڀري بحري جهازن ۾ ڪراچي موڪلين ٿا.
هيلسنڪي شهر (فنلينڊ) ۾ مون سان گڏ ساڳي هوٽل ۾ رهندڙ شام ملڪ جي ٻن عرب واپارين جو احوال پنهنجي “اڇن جي ملڪ” ۾ ۽ “ملير کان مالمو” وارن ڪتابن ۾ لکي چڪو آهيان ته اتان اسڪريپ گاڏين جون انجڻيون خريد ڪري پنهنجي ملڪ وڪڻڻ لاءِ رهيل هئا. هنن ٻڌايو ته هو هتان فائدي ۾ نه ويندا. “ان ڪم ۾ فقط توهان جا پاڪستاني ڪامياب ٿي سگهن ٿا.”
“ڇو ڀلا؟” مون پڇيو مان.
“ان ڪري جو توهان جا پاڪستاني سخت جان آهن. هو ٿڌ ۾ به رهي سگهن ٿا. فقط هڪ ويلو به کائي گذر ڪري سگهن ٿا، پٽ تي به سمهي سگهن ٿا. اسان کي هوٽلن ۾ رهڻو ٿو پوي ۽ اهڙن مهانگن ملڪن ۾ ايڏو خرچ ڪري ڇڏيو اٿئون جو ڇا بچت ٿيندي ۽ ڇا فائدو ٿيندو.”
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ولايت مان جيڪو جهازن ذريعي ڪپڙا يا ٻيو سامان اچي ٿو ان جي اتان سخت قسم جي Fumigation (جراثيم مارڻ جو ڦوهارو) ٿئي ٿو. ان بنا جهاز بندرگاهه ڇڏي نٿو سگهي. ان کان وڌيڪ خطرو اسان جي درزين مان آهي جن جي دڪانن تي سبجڻ وارو ڪپڙو سندن پيرن ۾ پيو هوندو آهي. ڪي ته ان مٿان چڙهيو ويٺا هوندا آهن ۽ اڪثر سِنگهن هاڻا هٿ سلائيءَ جي ڪپڙن سان اگهي ڇڏيندا آهن.
اڄڪلهه ڪراچي، لاهور ۽ پاڪستان جي ٻين وڏن شهرن ۾ جيڪي آچر، جمعه ۽ منگل بازارون لڳن ٿيون انهن جي اڌ کن ۾ ڀاڄيون، ميوا، ڪڪڙيون ۽ پاڪستاني شيون آهن ته اڌ کان وڌيڪ ۾ لنڊا جو سامان. غريب توڙي امير، پاڪستاني توڙي فارينر اهو سامان کلي عام وٺي ٿو. نه ته اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ جڏهن لنڊا جو سامان فقط لائيٽ هائوس سئنيما (KMC بلڊنگ) وٽ وڪامبو هو ته وچولي ۽ مٿانهين طبقي جا ماڻهو لنڊا جو سامان خريد ڪندي شرمائيندا هئا. لڪ چوريءَ ۾ جيڪي وٺي ايندا هئا ان بابت پنهنجن مائٽن توڙي دوستن کي اهوئي چوندا هئا ته هنن طارق روڊ يا صدر جي دڪانن تان ورتو آهي يا وري پنهنجي يا ڪنهن دوست جي نالي هڻندا هئا ته هن سندن لاءِ ٻاهران آندو آهي. ان وقت جي هڪ مشهور T.V پروگرام ۾ به ڏيکاريو ويو هو. لنڊا بازار ۾ هڪ عورت، شال جي قيمت ڪجهه وڌيڪ محسوس ڪري دڪان جي مالڪ پٺاڻ کي چوي ٿي:
“خانصاحب! ائين ڀلا ڇو آهي جو ڀروارو دڪاندار اهڙي ساڳي شال ڏيڍ سئو رپين ۾ ڏئي ٿو ۽ تون ٻه سئو رپين ۾؟”
پٺاڻ جواب ڏنس: “اهو ان ڪري جو آئون ان شال سان گڏ توکي تنهنجي مامي يا چاچي طرفان ٽائيپ ٿيل خط به ڏيندس ته “هيءَ شال مان توکيِ لنڊن مان موڪلي رهيو آهيان.”

