الجزائر جو اڳوڻو صدر عبدالقادر بن صالح 80 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب الجزائر اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي واري خبر سامهون اچڻ تي قومي پرچم 3 ڏينهن لاءِ نه ڦڙڪائڻ ۽ سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. عبدالقادر بن صالح 2 اپريل کان 19 ڊسمبر 2019 تائين الجزائر جو نگران صدر رهي چڪو آهي.
Post Views: 514