خاصنئون

 سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ جانورن جو هاسٽل ٺاهڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ جانورن جي حفاظت لاءِ هڪ پناهه گاهه ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. پناهه گاهه جو وڏو حصو هاسٽل لاءِ مختص ڪيو ويندو. جنهن ۾ جانورن کي عارضي طور رکيو ويندو. ملڪ کان ٻاهر يا اندر سفر ڪندڙ ماڻهو ان هاسٽل ۾ پنهنجا جانور رکرائي سگهندا. بلديات کاتو ان هاسٽل جو نگران هوندو. ان کان علاوه ان هاسٽل جو هڪ موبائيل يونٽ به هوندو جيڪو تشدد جو شڪار يا ٻئي سبب زخمي جانورن جو علاج به ڪندو. سيڪريٽري بلديات روشن علي شيخ هن سلسلي ۾ چيو آهي ته جانورن تي تشدد ڪرڻ يا زهر ڏئي انهن کي مارڻ سان عالمي طور تي ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي ان ڪري اهو قدم کنيو ويو آهي. هن هاسٽل ۾ ٽيڪنيڪي ۽ مالي تعاون سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز ڪندا.