خاصنئون

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردياڻي هاسٽل مان بي دخل

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي گرلز هاسٽل جي وارڊن هاسٽل ۾ رهندڙ هڪ شاگردياڻي  ماهين خانزاده کي آڌي رات جو سامان سميت هاسٽل مان ڪڍي ڇڏيو. شاگردياڻي سڄي رات هاسٽل جي ٻاهران گذاري.  شاگردياڻي  جو تعلق ميرپور خاص سان آهي. سندس چوڻ آهي ته هن جا والدين رمضان مهيني ۾ گذاري ويا هيا. هاسٽل وارڊن سندس مٿان ذهني ٽارچر ڪندي رهي آهي.