سڄي گهر جي نظام کي ڪنٽرول ڪندڙ مشين
آمريڪا جي ڪمپني هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي آهي جنهن کي موبائل يا اينڊ رائيڊ جو هڪ ننڍڙو متبادل چيو پيو وڃي. هن مشين جو نالو MUI (Magic User Interface) رکيو ويو آهي. هيءَ مشين فوٽ اسڪيل جي صورت ۾ ٺاهي وئي آهي، هن جي ڪاٺ واري ٻاهرين حصي تي ڊسپلي به آهي جنهن ۾ گوگل اسسٽنٽ ذريعي گوگل سان به ڳنڍي سگهجي ٿو، جنهن جي ڪري هن ذريعي گوگل تان معلومات کي سرچ به ڪري سگهجي ٿو. گهر جي رموٽ ڪنٽرول سان هلندڙ سامان کي به ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ ٽي وي، موٽرائزڊ پردا، اي سي، ميٽر ۽ اهڙو ٻيو سامان. هن مشين جو خاص ڪم والدين پاران ٻارن جي حرڪتن کي موبائل ذريعي ڪنٽرول رکڻ آهي. والدين موبائل ذريعي هن مشين تان ٻارن کي مئسيج موڪلي ۽ وصول ڪري به سگهن ٿا. ان کان علاوه هيءَ مشين گهر وارن جي سالگره جي تاريخن کي به ياد رکي سگهي ٿي ۽ موسم جو حال به ٻڌائي سگهي ٿي.