نئون

چائنا جي هڪ يونيورسٽي لاهور ۾ پنهنجو ڪئمپس ٺاهيندي

پاڪستان حڪومت چائنا جي تيانجن يونيورسٽي کي لاهور ۾ ڪئمپس کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي اهو هڪ ٽيڪنيڪل تعليم جو ادارو هوندو. پنجاب تيانجن يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي نالي سان شروع ٿيندڙ هي ادارو ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل تعليم ڏيندو جيڪا ايندڙ سال فيبروري ۾ ڪم شروع ڪندي ۽ ان ۾ اهڙا ڪورس پڙهايا ويندا جيڪي چائنا جي لاءِ ڪارآمد هوندا. هي يونيورسٽي پنجاب ٽيڪنيڪل اٿارٽي هيٺ ڪم ڪندي. هي ادارو به CPEC جي ضرورتن هيٺ تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ چين طرفان پاڪستان ۾ جيڪي ادارا ٺهرايا ويندا انهن ۾ ڪم ايندڙ انساني وسيلن جي گهرج پوري ٿي سگهي.