بل گيٽس پاران پاڪستان ۾ مالي امداد کي وڌائڻ جو اعلان
دنيا جو مشهور ۽ امير شخص بل گيٽس پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته هو پاڪستان ۾ پنهنجي مالي امداد کي وڌائيندو. بل گيٽس هن وقت پاڪستان ۾ پوليو جي مهم ۾ پنهنجي مالي سهائتا ڏئي رهيو آهي، جنهن سان اها مهم سڄي ملڪ، شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي. بل گيٽس اهڙو اعلان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات بعد ڪيو. منسٽري آف هيلٿ سروسز ۽ بل اينڊ ملنڊا گيس فائونڊيشن ايندڙ مالي سال کان ان تي ڪم شروع ڪندا. جنهن جي پلاننگ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته فائونڊيشن جي مدد سان ملڪ ۾ رهندڙ پوليو مهم جو ڪو هلندڙ سال پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان هن بيماري تي ضابطو آڻي چڪو آهي.

