بلاگنئون

عوام جون پريشانيون، ملازمن سان زيادتيون ۽ نادرا جي انتظاميه جا رويا

نادرا ملڪ جو ھڪ ترين ادارو آھي، جنھن سان پاڪستان جو ھر شھري، ڪمن ڪارين جي ڪري جڙيل آھي. ٻارن جي ‘ب’ فارم کان وٺي شناختي ڪارڊن ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪمن جي حوالي سان نادرا آفيسن ۾ ڪم پوندا رھن ٿا ۽ هي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن وٽ پاڪستان جي هر شهري جي پوري ڊيٽا موجود آهي. عام ڳالھيون ۽ عام شڪايتون آھن ته نادرا جي انتظاميه هميشه هڪ آمرانه انداز ۾ مٿان کان فيصلا لاڳو ڪندي رهي ٿي، جيڪي نادرا جي ملازمن جي فائدن بدران انھن جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيا آهن ۽ ٿيندا رھن ٿا. فيصلا مٿان کان بغير ڪنهن مشوري يا ملازمن جي بهتريءَ کي نظر ۾ رکندي نٿا ڪيا وڃن. نادرا جي انتظاميه جي خواهش هوندي آهي ته ملڪ جو هر پراجيڪٽ نادرا کي ملي. ڇو ته ان وٽ پاڪستان جو يونيڪ ڊيٽابيس آهي، جتي هر شهري جو ڊيٽا محفوظ ٿيل آهي، پر بدقسمتيءَ سان، عوام لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوبه مناسب ۽ موثر نظام موجود ناهي. ملڪ جي آبادي جي حساب سان ھزارين ماڻهو روزانو نادرا جي آفيسن ۾ مختلف ڪمن ڪارين لاءِ وڃن ٿا، وڏين آفيسن ۾ به صرف 200 کان وڌيڪ درخواستون پراسيس ٿي سگهن ٿيون. باقي ٻيا روزانو سوين ماڻھو دربدر ۽ پريشان ٿي واپس وڃن ٿا، ٻئي ڏينھن جو انتظار ڪن ٿا. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته نادرا جي آفيسن ۾ الڳ الڳ ‘سهولتي مرڪز’ کوليا وڃن، سڀني خدمتن کي هڪ آفيس جي ھڪ ڪائونٽر تي لاڳو ڪرڻ سان نه رڳو عوام پريشان ٿي رھيو آهي، پر نادرا جا ملازم به تمام گهڻي ڪم جي دٻاءُ هيٺ اچي رھيا آهن، ان سان ملازمن کي عوام جو سخت ۽ ناپسنديده رويو به برداشت نه ڪرڻو پوندو جيڪو شايد انهن جي لاءِ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. خاص طور تي جڏهن انٽرنيٽ جي سهولت ۾ ڪو خلل پيدا ٿي وڃي ٿو ته ملازم وڌيڪ دٻاءُ جو شڪار ٿين ٿا ۽ عوام به وڌيڪ پريشانين جو شڪار ٿئي ٿو، جيڪو موجوده حالتن ۾ عام ۽ ڳنڀير قسم جو  مسئلو آهي. ان کان علاوه، روزانو جي بنياد تي سافٽ ويئر تبديل ٿيندا رهن ٿا ۽ مختلف ٽيمون آفيسن ۾ وڃن ٿيون، جنهن سبب ڪمن ۾ رخنو پيدا ٿئي ٿو ۽ عوام جون شڪايتون وڌنديون رھن ٿيون. نادرا ڪو اھڙو پراجيڪٽ ته ناهي جيڪو مڪمل ٿي ختم ٿي ويندو ۽ ملازم ڪمن کان فارغ ٿي گھر ھليا ويندا. ھي مستقل بنيادن وارو ادارو آھي، جيستائين پاڪستان قائم آھي تيستائين قائم رھندو. ماڻھو ڄمندا، بالغ ٿيندا رھندا ۽ انھن کي جاري ٿيل ڪارڊن جا مدا به ختم ٿيندا رھندا. ان باوجود نادرا جي ملازمن لاءِ نه ته مستقل ٿيڻ جو واضح ڪو انتظام آهي، نه ئي ڪا مناسب پاليسي آھي. وفاق جي پاليسين کي به نادرا رد ڪري ڇڏيندو آهي. اڄ به ڪيترائي ملازم عارضي بنيادن تي نادرا ۾ ڪم سرانجام ڏئي رھيا آھن ۽ انھن کي روزگار جو ڪوبه تحفظ حاصل نه آھي.

آخر ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته عوام ۾ نادرا جي لاءِ ڪوبه نرم ۽ مثبت تاثر موجود ناهي ۽ ان کان علاوه نادرا جا ملازم مسلسل ذهني دٻاءُ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ ادارو انتھائي اهم آهي، پر ان جو اندروني نظام، پاليسيون ۽ انتظاميه جي رويي ۾ تبديلين جي سخت ضرورت آهي.