گڏيل قومن جا نامزد ڪيل ملزم هاڻي پاڪستان اندر به گرفتار ڪري سگهبا
صدر ممنون حسين دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997 ۾ ترميم جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (U.N.S.C) طرفان قرار ڏنل ڪالعدم تنظيمن ۽ دهشتگردن کي هاڻي ملڪ اندر به گرفتار ڪري سگهبو. صدر پاران منظوري کانپوءِ وزارت قانون آرڊيننس جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. هن ايڪٽ جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ گڏيل قومن ۽ پاڪستان پاران دهشتگرد قرار ڏنلن ۾ فرق گهٽجي ويو آهي. هن ايڪٽ جي منظوري اهڙي وقت ۾ آئي آهي جڏهن 18 فيبروري تي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس پيرس ۾ ٿي رهيو آهي. جنهن جي سربراهي آمريڪا ۽ هندستان ڪري رهيا آهن. ۽ ٻنهي ملڪن جي خواهش آهي ته پاڪستان به ان (F.A.T.F) جو حصو بڻجي پرڏيهي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن کي مالي مدد ڪندڙن جي نگراني ۾ ڪردار ادا ڪري. ٻئي طرف سول ۽ عسڪري ڪوآرڊينيشن فورم صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي فيصلي کي ڏسي رهيو آهي، جنهن مطابق پاڪستان کي پيرس ۾ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ حافظ سعيد ۽ ان جي ٻين تنظيمن جي مالي امداد بند ڪرڻ متعلق تسلي بخش رپورٽ پيش ڪرڻي هوندي.

