سنڌي غزل جي اوسر ۽ ارتقا
سنڌي ادب جي وسيع آسمان تي جيڪڏهن ڪا صنف ستاري جيان چمڪي آهي، ته اها بيشڪ غزل آهي. غزل فقط شاعري نه، پر احساسن جي تهذيب، لفظن جي لطافت، درد جي موسيقي ۽ فڪر جي خوشبوءَ جو نالو پڻ آهي. اها انساني دل جي انهن ڪيفيتن جو بيان آهي، جيڪي سڌي زبان سان بيان نٿيون ٿي سگهن، پر استعارن، علامتن ۽ اشارن جي پردي ۾ پنهنجو جلوو ڏيکارين ٿيون. سنڌي غزل جو سفر به اهڙو ئي حسين داستان آهي جيڪو روايت جي باغ مان نڪري جدت جي افق تائين پهتل ۽ عشق جي سرگوشيءَ کان سماجي شعور جي صدائن تائين پکڙيل آھي .
غزل جي اوسر:
غزل جي ابتدا عربي شاعريءَ جي دامن مان ٿي، جتي قصيدي جي شروعاتي حصي ۾ محبوب جي ياد بيان ڪئي ويندي هئي. اهوئي حصو آهستي آهستي الڳ صنف بڻيو. فارسي ادب ۾ اچي غزل پنهنجي عروج تي پهتو. حافظ شيرازيءَ جي سرمستي، سعديءَ جي حڪمت، روميءَ جي روحانيت ۽ عطار جي تصوف غزل کي عشقِ مجازيءَ کان عشقِ حقيقيءَ تائين کڻي ويا. غزل پوءِ صرف محبت نه، پر انسان ۽ ڪائنات جي راز جو بيان بڻجي ويو.
وري ڪجهه محققن جي بقول ته رومانوي شاعريءَ جي هيءَ صنف (غزل) اصل ايراني شاعريءَ ۾ پيدا ٿي، جنهن جو خالق ايراني شاعر “رودڪي” هو. ان کان اڳ ايران ۾ رڳو قصيدا گوئيءَ جو رواج هو ۽ رومانوي شاعريءَ کي به قصيده ۾ ئي جڳهه ڏني ويندي هئي ۽ اهو ٽڪرو جنهن ۾ رومانوي شاعري هوندي هئي، تنهن کي “تشبيب” چيو ويندو هو. رودڪيءَ قصيدن مان اهڙن شعرن کي الڳ ڪيو، پر انهن جي صورت ۾ ڪابه تبديلي ڪانه آندائين ۽ ائين ان الڳ ٽڪري کي بعد ۾ غزل جو نالو ڏنو ويو، جنهن کي پوءِ “دقيقي”، “سينائي”، “عراقي”، “مولانا رومي”، “سعدي”، “خسرو” ۽ “حافظ” اوج بخشيو.
سنڌي شاعري ۾ غزل جي اوسر:
شروعات دور جي سنڌي شاعريءَ جي بنيادي روايت بيت، وائي، ڪافي ۽ سورٺ جهڙين مقامي صنفن تي ٻڌل هئي، پر جڏھن فارسي ادب جي اثر ھيٺ غزل سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿيو ته شروعاتي سنڌي غزل تي فارسي رنگ گهڻو غالب رھيو. ٻولي، استعارا، تشبيهون ۽ بحرون سڀ فارسي طرز جون ھيون. ان جا اوائلي اهڃاڻ ٽکڙ جي شاعرن ميان ڇتن، نور محمد خسته ۽ حافظ عاليءَ جي ڪلام ۾ اڻ ڳڻيا ملن ٿا. اهو 1130هه جو زمانو يعني ڪلهوڙن جو دور هو، اڳتي هلي سچل، خليفي گل، قاسم، گدا، مير سانگي، مير حسن علي خان، قليچ ۽ حامد هن صنف کي، هتي جي زمين مهيا ڪري ڏني ۽ ائين سانگي، قليچ، حافظ، دلگير، مصري شاهه ۽ فاضل شاهه کي، سنڌي غزل جا اوائلي نمائندا شاعر ڪوٺي سگهجي ٿو، جن کانپوءِ الله بخش اٻوجھي ۽ ڪشنچند بيوس ان صنف جي ايراني فرسوده مضمون مان جان ڇڏائي، نج سنڌي تشبيهن ۽ وطن جي سادي ماحول ۾ آڻڻ جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ جيئن جيئن سنڌي ٻوليءَ جو شعور وڌندو ويو ان ۾ جدت اچڻ لڳي ته غزل به مقامي روح اختيار ڪرڻ لڳو ۽ ان ۾ عشق کان علاوه به ٻين شين جو ذڪر ٿيڻ لڳو جھڙوڪ: حب الوطني، سنڌو درياءَ، ٿر جي واري، مينهن، ڳوٺ، مٽي، ڌرتي ڍنڍون ڍورا وغيره ۽ جڏھن اهي سڀ عنصر غزل ۾ داخل ٿيا ته پوءِ ڄڻ سنڌي غزل پرديسي لباس لاهي سنڌي چوغو اوڍي ورتو. شروعاتي دور ۾ نواز علي نياز، حاجي محمود خادم، جمع خان غريب، قادر بخش بشير، بسمل، مخلص ۽ غلام احمد نظامي روايتي ايراني/فارسي طرز جي شاعري ڪندا رهيا. جنهن ۾ علم عروض جي قاعدن تي سختي سان عملدرآمد ڪيو ويندو ھو، پر ان کانپوءِ هوند راج دکايل، ليکراج عزيز، نارائڻ شيام، خليل، گدائي، سرشار، محسن ڪڪڙائي، طالب الموليٰ، منظور نقوي، آثم ناٿن شاھي، مظفر حسين جوش، استاد بخاري، عبدالحليم جوش، پرڀو وفا، علي محمد مجروح، شيخ اياز، ذوالفقار راشدي، نياز همايوني، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، ارجن حاسد، عبدالحڪيم ارشد، مير محمد پيرزادو، ذوالفقار سيال، آسي محمود زميني، خاڪي جويو، اياز گل، تاج جويو، ادل سومرو، مريم مجيدي، امداد حسيني ۽ حليم باغيءَ تائين تمام گهڻن شاعرن غزل جي جديد طريقي سان آبياري ڪئي ۽ ائين استاد بخاريءَ کان وٺي اڄ جي نڪور شاعرن جي اڻٿڪ محنت غزل کي هاڻي سنڌي شاعريءَ لاءِ ڌاري صنف مان ڦيرائي پنهنجي صنف بڻائي ڇڏيو آهي.
سنڌي غزل جي فني بناوٽ:
سنڌي غزل جي فني بناوٽ جي ڳالهه ڪجي ته ان جي مطلع ۾ موسيقي جنم وٺي ٿي مقطع ۾ شاعر پنهنجو وجود ثابت ڪري ٿو قافيو ۽ رديف ان جي لهجي جي رواني برقرار رکن ٿا، بحر لفظن کي تسبيح جي داڻن وانگر پوئي ٿو. انھيءَ ڪري فني لحاظ کان غزل کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
هن حصي ۾ غزل جون ٻه ابتدائي سٽون آهن جن کي مطلع يعني شروعاتي بند چئجي ٿو. قاعدي مطابق هنن ٻنهي سٽن جو پاڻ ۾ هم وزن هجڻ سان گڏ هم قافيو هجڻ به ضروري هوندو آهي.
جھڙوڪ:
دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
تون اڃان ٿو جئين هاءِ ڙي جيئڙا. (شيخ اياز)
تنهنجي تڪيندي ڏيئا اجهاڻا،
ڇو ڪونه آئين تون رات راڻا (شيخ اياز)
پر موجوده دور ۾ مطلع ٻين عام بندن/شعرن جيان به لکيو وڃي ٿو. يعني اگر خيال بهتر آهي ۽ مطلع جي پهرين سٽ ۾ قافيو نه اچي سگهيو آهي ته به غزل غلط نٿو سمجهيو وڃي.
مثال:
دوستن کان ملي جڏهن نفرت،
دشمن جو خلوص ياد آيو!!. (ذوالفقار سيال)
ٻي خبر ناھي پر مرڻ کانپوءِ
توسان گڏجڻ جون حسرتون رھنديون (شيخ اياز)
ٻئي حصي ۾ پهرئين بند يعني مطلع ۽ آخري بند يعني مقطع جي وچ وارا بند آهن جيڪي به سمورا ٻن سٽن تي مشتمل هوندا آهن ۽ انهن جي هر ٻي سٽ، غزل جي مطلع جي بندن جي هم قافيو هوندي آهي. هن ڀاڱي جي هر بند کي شعر به چئبو آهي. سڀني شعرن مان سهڻي شعر کي “شاهه بيت” يا “شاهه بند” چئبو آهي.
مثال:
مان ٻالڪ ۽ تون رانديڪو
جھوليءَ منجھه لڪايان توکي
منھنجي خوابن جا شھزادا
دل جو شھر گھمايان توکي-(راشد مورائي)
ٽئين حصي ۾ غزل جو آخري بند اچي ٿو، جنهن کي مقطع چئبو آهي. هن ۾ اڪثر ڪري شاعر پنهنجو نالو يعني تخلص به استعمال ڪندا آهن.
مثال:
پنهنجي آڏو مجبورين جي سجدن تي
“آثم” مغروريون ۽ ماڻا مرڪي پيا-(آثم ناٿن شاھي)
جديد دور جي ڪجهه سنڌي شاعرن مطلع ۾ به پنهنجو نالو (تخلص) استعمال ڪيو آهي.
مثال:
اهو ٻڌايون ڪيئن تنوير، اسان کي هو ڇو ياد رهيو،
هڪڙو ماڻهو پيارو ماکي، جهڙي رنگ جو ياد رهيو-(تنوير عباسي)
غزل جي سمورن بندن/شعرن جو ڪل تعداد اٺن کان ٻارهن ڳڻيو ويندو آهي، پر عام طور تي سنڌي غزل ۾ پنجن کان پندرهن بند/شعر به لکيا ٿا وڃن. مڪمل الف ب وار بالترتيب رديفن تي مشتمل غزلن جي مجموعي کي “ديوان” چئبو آهي. سنڌيءَ جو پهريون ديوان لکندڙ شاعر خليفو گل محمد گل هالائي (1808ع-1855ع) آهي، جنهن جو ديوان 1854ع ۾ پڌرو ٿيو.
رديف واري غزل ۾ رديف، سونهن ۽ سوڀيان طور استعمال ڪيو ويندو آهي ته جيئن غزل ۾ وڌيڪ خوبصورتي ۽ پڙهندڙ جي ذهن ۾ چاهه ۽ اڻت جي ڦڙتي پيدا ڪري.
مثال:
زندگي ڪربلا وڃي ٿيندي،
هر دعا بد دعا وڃي ٿيندي،
پنهنجي بيحد حساس طبيعت ئي،
پنهنجي لئه ڄڻ سزا وڃي ٿيندي- ( اياز گل)
رديف هڪ لفظ يا لفظن جو اهڙو ميڙ هوندو آهي، جيڪو قافيي جي پٺيان ورجاءُ طور ڪم ايندو آهي؛ رديف هم قافيہ مطلع جي ٻنهي سٽن ۾ ۽ غير هم قافيا مطلع جي پوئين/قافيي واري سٽ ۽ سمورن بندن/شعرن جي پوئين سٽ ۾ قافيي جي پٺيان لڳايو ويندو آهي جيئن:
آهي انهن اکين کي خاصو خمار تنهنجو،
ويٺو وٺي مان آهيان ڪامل قرار تنهنجو-
(سچل سرمست)
يا وري
گذري جي ويا، سي زمانا ياد پيا،
وسري جي ويا، سي ترانا ياد پيا-
(مير عبدالحسين خان سانگي)
جديد دور ۾ غزل ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي بحر وزن تي لکجي رهيا آهن. ننڍي بحر وزن وارا غزل به، شاعر جي قابليت ذريعي وڏي وزن وارن غزلن جيڏائي با مقصد ۽ سريلا هوندا آهن.
مثال (ننڍو بحر):
هٿ سڙي ويا آهن
خط بچي ويا آهن.
چپ سڙي ويا آهن،
ڳل پچي ويا آهن.
ڏات ڏکويل آهيان،
گيت رسي ويا آهن.
بند ڀڳو لڙڪن جو،
خواب لڙهي ويا آهن-(تاج بلوچ)
وڏي وزن ۾ تنوير عباسيءَ جو هي غزل قابل ذڪر آھي.
پي اهڙو مدهوش ٿياسين، جو سارو جڳ وسري ويو،
تڏهن به تنهنجو نانءُ ۽ تنهنجي گهر جو رستو ياد رهيو.
علم عروض جي ماھرن مطابق غزل ٺاهڻ وقت ڪجهه ڳالهين کي ڌيان ۾ رکڻ ضروري آھي.
جھڙوڪ:
وزن جي رواني چست هجي: يعني لفظن جي چونڊ ۽ ترتيب اهڙي هجي، جنهن ۾ گھڻي مان گھڻا زائد آواز ڪيرائڻا نه پون. ڇو ته سٺو شعر اهو آهي، جنهن جا سڀئي لفظ پنهنجي اصل پڙهڻي سميت قائم رهن.
خيالن ۽ احساسن جي اظهار ۾: شاعر کي خود هڪ ڌر جي حيثيت حاصل هجي، يعني شاعر خود پنهنجي رومانوي يا احساسن کي غزل ۾ نڀائي. ائين نه ته هڪ مبصر وانگر، سسئي پنهون يا مومل راڻي جا رومانوي احساس ويٺو بيان ڪري.
بيان جا مختلف وسيلا ۽ طريقا: يعني ترڪيبون، استعارا، روايتي ۽ معياري هجن، پر انهن سان غزل جي بلندي ۽ سونھن کي نقصان نه پهچي.
مثال: محبوب جي مک کي، ڪنول ۽ گلاب بدران ٿوھر يا اڪ جي ڦلڙين سان ڀيٽ ڏيڻ سان غزل جو روايتي حسن، جنهن کي علم عروض جي اصطلاح ۾ “تغزل” چئجي ٿو، مجروح ٿئي ٿو.
غزل ۾ ڪنهن به مقصد واري نڪتي کي، سڌو سنئون نه، پر اشاري ۽ ڪنائي جي پوش ۾ ويڙهي پيش ڪرڻ گھرجي.
غزل جي هرهڪ شعر/بند جو مضمون الڳ ۽ جداگانه هجي، يعني ڪن به ٻن شعرن جو بياني سلسلو هڪ ٻئي سان مليل نه هجي. غزل جي هر بند/شعر ۾ خيالن جو بل/ڇلانگ هوندو آهي، پوءِ اها رومانوي ڪيفيت جي مناسبت هجي يا زندگيءَ جي ڪنهن به معاملي جا مختلف رخ هجن، ان ڪري ئي ڪجھه ماھرن جي مطابق، غزل اصل ۾ “غزال” لفظ مان ورتل آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ هرڻي آهي. ان ڪري غزل جي مختلف بندن ۾، هرڻي وارا ڇال هوندا آهن.


سنڌي ادب جي وسيع آسمان تي جيڪڏهن ڪا صنف ستاري جيان چمڪي آهي، ته اها بيشڪ غزل آهي. غزل فقط شاعري نه، پر احساسن جي تهذيب، لفظن جي لطافت، درد جي موسيقي ۽ فڪر جي خوشبوءَ جو نالو پڻ آهي. اها انساني دل جي انهن ڪيفيتن جو بيان آهي، جيڪي سڌي زبان سان بيان نٿيون ٿي سگهن، پر استعارن، علامتن ۽ اشارن جي پردي ۾ پنهنجو جلوو ڏيکارين ٿيون. سنڌي غزل جو سفر به اهڙو ئي حسين داستان آهي جيڪو روايت جي باغ مان نڪري جدت جي افق تائين پهتل ۽ عشق جي سرگوشيءَ کان سماجي شعور جي صدائن تائين پکڙيل آھي .