بلاگنئون

ديش ڀڳت، صحافي ويرو مل بيگراج

ديش ڀڳت جي معنيٰ آهي  وطن سان محبت ڪندڙ، وطن لاءِ قرباني ڏيڻ وارو،  آزاديءَ جو متوالو ديش ڀڳت اهو شخص هوندو آهي جيڪو پنھنجي قوم ۽ ڌرتيءَ لاءِ ايمانداري سان جدوجھد ڪري، ضرورت پوڻ تي قرباني به ڏئي. هند، سنڌ بلڪه ننڍي کنڊ ۾ ڪيترائي ديش ڀڳت سورھيه ٿي گذريا آهن جن ۾ ويرو مل بيگراج سميت ڀڳت سنگهه، آزاديءَ لاءِ جان قربان ڪندڙ انقلابي، بھادر آزاديءَ جا مجاهدِ سڀاش چندر بوس، لالا لجپت راءِ، رام پرساد بسمل ۽ ان کان علاوه ننڍي عمر جو ديش ڀڳت هيمون ڪالاڻي،  سائين جي ايم سيد، سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ اڳواڻ، جيڪو کيڙي سو کائي جو نعرو هڻندڙ شاهه عنايت شهيد، هوشو شيدي، انگريزن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ پير سبغت الله شاهه راشدي ۽  انھن ۾ ويرو مل بيگراج به شامل آهي جيڪو هڪ سچو ديش ڀڳت قلمڪار صحافي هو. انھن ڏينھن ۾ اخبار جي شروعات ٿي هئي، جنھن ذريعي حق سچ جي ڳالھه لکي عوام تائين پيغام پهچائڻ آسان ڪم نه هو. هونئن به صحافت جو بنيادي ڪم عوام کي سياسي، سماجي، ادبي، علمي ڄاڻ ڏيڻ يا سياسي معاملن کان باخبر رکڻ آھي. سماجي برائين تي چوڪسي رکڻ، کوج لڳائڻ، شھري ۽ بنيادي حقن جو بچاءُ ڪرڻ شامل آھن. صحافي جي ذميداري اها آهي ته هو پنهنجي قلم سان حق ۽ سچ کي ظاهر ڪندو رهي ۽ سماج ۾ ٿيندڙ هر ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف لکندو رهي جيڪو شهرين جي حقن کي پامال ڪري ٿو. انگريزن جي وقت ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف ويرو مل جي اخبار سميت ڪيتريون ئي فارسي، سنڌي انگريزي اخبارون ڇپجنديون هيون، جن ۾ تاريخي اخبار “الوحيد”، “سنڌ قاصد”، “سنڌ سڌار” ۽ انگريزي اخبار “ڊيلي گزيٽ” سيوهڻ مان نڪرندڙ اخبار “سيوستاني فوائد الاخبار”، “مطلع الخورشيد” نڪرندي هئي. ساڌو هيرانند جي تعاون سان سنڌي زبان جي پهرين مخزن “سرسوتي” جي نالي سان جاري ٿيو. ان دور ۾ اخبار “آفتاب سنڌ” ۽ هفتيوار “پترا” نڪرنديون هيون، جن مسلمانن ۾ سياسي حقن لاءِ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. انهن اخبارن ۽ رسالن کي سنڌ جي سياست ۽ صحافت ۾ منفرد ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ جو شرف حاصل رهيو. لڳ ڀڳ ان ساڳئي زماني ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي اهم هفتيوار اخبارون نڪتيون، جن ۾  ويرو مل بيگراج طرفان “سنڌي” چڱو نالو ڪڍيو، ويرو مل بيگراج پنهنجي اخبار “سنڌي” ذريعي هندن ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. سنڌ ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ ويرو مل بيگراج جو به اهم ڪردار آهي. هُو وقت جي انگريز حاڪمن خلاف سخت لکندو هو، جنهن جي ڪري ٻه ڀيرا قيد به ٿيو، پر پوءِ به پنهنجي مقصد تان نه هٽيو. ويرو مل بيگراج پنهنجي پٽ رامچند کي به اخباري دنيا ۾ آندو. رامچند به پنهنجي دور ۾ چڱو نالو ڪمايو. هي هن ديش ڀڳت ۽ هڪ سچي قلمڪار لاءِ سائين جي ايم سيد پنھنجي ھڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته،

“مون کيس پھرين 1920ع ۾، سنڌ پراونشنل ڪانگريس جي ڪانفرنس جي موقعي تي ڏٺو، جيڪا حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ ٿي هئي ۽ هيءُ ان جي مرحبائي ڪاميٽيءَ جو چيئرمين هو. پوءِ اهڙو دور آيو، جنهنڪري مڪاني رد عمل جي چڪر ۾ اچي، هي فرقيوار ذهنيت واريءَ سياسي وهڪ ۾ لڙهي ويو. اها حالت گهڻن ئي قومي ڪارڪنن تان گذري آهي. ان ڪري هن ڪانگريس کي ڇڏي، “هندو سڀا” ٺاهي ۽ سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت ڪرڻ لڳو؛ پر سندس دل سالم هئي. سکر ۾ هندو مسلم فساد ٿيا، جنهن وقت سڀ ڌريون جوش ۾ هيون، هن صاحب جو دماغ توازن ۾ هو. سندس ڪوشش سان مسلم ليگ ۽ هندن جي ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ وزارت ٺهي. شيخ عبدالمجيد ۽ آئون وزارت ۾ داخل ٿيڻ جي خلاف هئاسون، پر هن ۽ دادا ڄيٺمل زوريءَ اسان کي وزارت قبول ڪرائي. جڏهن ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ته سڀ هندو لڏپلاڻ ۾ لڳي ويا. ڪانگريس جا مکيه ڪارڪن ملڪ ڇڏي ويا، پر هي محڪم ارادي جو ٿي بيٺو. چيائين؛ “وطن کي ڪيئن ڇڏبو! ڄاوا وطن ۾ آهيون، ته مربو به وطن ۾!” سکر مان جڏهن سڀ هندو لڏي ويا ۽ ٻاهران آيل مهاجرن جي وچ ۾ رهڻ هندن لاءِ دشوار پئي نظر آيو ته به هن جي دل لوڏو ئي نه کاڌو. چيائين؛“ملڪن ۽ قومن تي عارضي مشڪلاتون اينديون آهن، انهن کي مڙس ٿي منهن ڏبو. ڀڄي جان ڇڏائڻ، ڪانئرن جو ڪم آهي.“ پنهنجي انهيءَ ارادي تي، باوجود بيماريءَ ۽ ڪيترين تڪليفن جي، پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو. هن سنڌ پرست (ويرومل بيگراج) 24 جنوري 1874 تي جنم ورتو. سنڌي جا ٽي درجا شڪارپور ۾ ماستر ڄيٺانند وٽ ۽ چوٿون درجو سکر ۾ ماستر هريسنگهه وٽ پڙهيو. انگريزي پنج درجا سکر ۾ پڙهيائين ۽ ڇھون ستون درجو شڪارپور ۾ پڙهيائين. پوءِ سيڪنڊ گريڊ پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 18- مئي 1893ع تي، سکر اَلبرٽ پريس ۾ نوڪريءَ تي چڙهيو، جتي ٽن ورهين کان پوءِ جڏهن پنجويهه رپين پگهار تي پهتو ته روينيو کاتي ۾ کيس چوڏهن رپين جي پگهار سان نوڪري ملي. اهو آرڊر کڻي، شري گوڪلداس وٽ آيو، جنهن اهو آرڊر ڦاڙي، کيس چيو ته؛ توکي ماڻهو بڻائبو، نه ڪي غلام! انهيءَ ڳالهه سندس حياتيءَ ۾ عجيب ڦيرو آندو. پوءِ هو شري گوڪلداس جي صحبت ۾، 1895ع ۾ شروع ڪيل “سڌار سڀا” ۾ حصو وٺڻ لڳو، ۽ “ڪنيا پاٺشالا” ۾ ماستر ٿي ڪم ڪيائين 1901 ۾ شري ويرو مل پنهنجي پريس چالو ڪئي. ابتدا ۾ ان جو نالو “ايڊورڊ پريس” رکيائين، جو پوءِ بدلائي “تلڪ پريس” ڪيائين. اتان “سنڌي” نالي هفتيوار اخبار ڪڍندو رهيو جنھن جو ذڪر مون شروع ۾ ڪيو آهي. اها اخبار  چاليهه سال کن هلندي رهي. صحافت جي دنيا ۾ به سندس نالو مشھور هو. سکر ۾ پھرين راڄنيتي ڪانفرنس، آنربل سيٺ هرچندراءِ وشنداس جي صدارت هيٺ، 1908ع ۾ ڪٺي ٿي، ٻي پنگتي ڪانفرنس راءِ بھادر ڪوڙي مل جي صدارت هيٺ ڪٺي ٿي. شري ويرو مل ٻنهي ڪانفرنسن جي سڏائڻ جو انتظام ڪيو ۽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. 1909ع ۾ ساڳئي قسم جي ڪانفرنس، حيدرآباد سنڌ ۾ ڪوٺرائي وئي، جتي سوديشي لاءِ ويرومل جو ڇپايل ڪتاب شايع ڪيو ويو. ان تي شري ويرومل ۽ سيٺ ڄيٺومل کي ٽي ٽي سال شهر کان جلاوطني ۽ پنجاهه رپيا ڏنڊ پيو ۽ مهاراج گورڌن داس کي پنج سال جيل جي سزا ملي. سنڌ ۾ سياسي ڏوهن ۾ سزائن ڪاٽڻ جو اهو پھريون دفعو هو. ان ڪري شري ويرو مل کي ملڪ خاطر سزا ڪاٽڻ وارن قومي ڪارڪنن جو پهريون جيل ڪاٽيندڙ  شمار ڪري سگهجي ٿو. ويرو مل 30 جون 1912ع تي آزاد ٿيو، جن ڏينھن ۾ مھاتما گانڌي سکر آيو ته ويرومل جي ڪوششن سان سندس وڏو پروگرام رٿيو ويو هو. چون ٿا ته ان جي ڪري هن کي وري ٻه سال سزا ملي، اتان آزاد ٿيڻ تي سکر واسين سندس نھايت وڏي آجيان ڪئي. ويرو مل سکر ميونسپالٽيءَ جو ڪيترن سالن تائين مکيه ميمبر رهندو آيو.

1931 ۾ جڏهن آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيو ته ان وقت هن سنڌ جي ممبئي پرڳڻي کان جدائيءَ خلاف ڪانگريس ليڊرن سان بحث ڪيو. جڏهن الهه آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪٺي ٿي ته ان ۾  ويرو مل سنڌ جي جدائيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. ان کانپوءِ هن ڪانگريس کان جدا ٿي، سنڌ ۾ “هندو مھا سڀا” قائم ڪئي، جنهن جو ورهين جا ورهيه هو صوبائي صدر رهندو آيو. “سڌار سڀا” طرفان، بيواهه عورتن جي لاءِ هڪ ڪارخانو کليو، ان جي کولائڻ ۾ به هن جو هٿ هو. 1939 ڌاري سکر ۾، منزل گاهه مسجد جي سلسلي ۾ هندو مسلم فسادن وقت سرڪار کيس سکر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو، هو سنڌي قوم پرستن ۾ مکيه ماڻهو هو ۽ سندس وسيلي ڪيترائي نوجوان ڪم ڪندڙ پيدا ٿيا. ساريءَ سنڌ جي قومي ڪم ڪندڙن ۾ هن لاءِ وڏي عزت هئي.. ويرو مل جي رهڻي ڪرڻي سادي ۽ خيال اوچا هوندا هئا. ٻياسي ورهين جي عمر تائين سندس ڏند ۽ اکيون سالم رهيا. هميشه کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو. سندس دل سالم، ارادو مضبوط ۽ ذهن صاف هو. هن سنڌ جي روشن مستقبل مان ڪڏهن به اميد نه لاٿي. 1941ع ۾ کيس اڌرنگ جي بيماريءَ جي چپيٽ آئي، پر وري چاڪ ٿي ويو. 16 جولاءِ 1956ع تي شام جو شڪارپور ۾ پنهنجي فرزند مسٽر رامچند جي ڪوهنور پريس مٿان جڳهه ۾ ٻياسي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. ڀاءُ ڄيٺمل پرسرام ۽ مهاشيه ويرو مل بيگراج، پنهنجو مَٽ پاڻ هئا. مون ٻُڌو آهي ته شري ويرو مل جو فرزند،  رامچند جو اولاد اڃا تائين شڪارپور ۾ رهي ٿو.